مانجِهي جي سنڌي معنيٰ
ٻيڙيءَ جو ونجهہ هلائيندڙ، ٻيڙي هلائيندڙ، ٻيڙيائتو، ناکئو، ملاح. جھاز هلائيندڙ، ڪپتان، هِمٿ وارو، همٿ وان، سُورمو، سورهيه، بھادر ، پھلوان، غازي ، دلير، ٻانڪو، جوڌو ، قَوي، ٻَلوان.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Master (of a vessel), steersman, helmsman, boatman, sailor. Brave, hero, super.
مانجِهي جا بيتن ۾ حوالا
حُرُ ھَلِي آيو ھُنِ پاران، مانجِهي مَردانو،
اَڳِيان اَچِي اِمامَ جي، زور ڀَريائِين جانو،
آھي عاشِقُ آڳِ جو، پَتَنگُ پَروانو،
ڀاءُ پُٽَ سِرُ صَدِقو، ٻِئو پُڻ ڏِيان ٻانهو،
مانَ راضِي ٿِئي رَسُولُ رَبَ جو، نَبِي تو نانو،
ھِيءُ سِرُ سَمانو، گهوٽَ مَٿانئِي گهورِيان.
[ سُر ڪيڏارو، ڪامل ڪربلا ۾، 2 ]

عِشقُ اِھَڙِي ذاتِ، جو مانجِهي مُنجهائي مَيَنِ کي،
ڏِينھان ڏورَڻُ ڏُونگَرين، رُئَڻُ سَڄِيائِي راتِ،
اُٿِي ويٺي تاتِ، مِيان مَحبُوبَنِ جِي.
[ سُر بروو سنڌي، دل جو دلبر، 1 ]
ڏِينھان ڏورَڻُ ڏُونگَرين، رُئَڻُ سَڄِيائِي راتِ،
اُٿِي ويٺي تاتِ، مِيان مَحبُوبَنِ جِي.
[ سُر بروو سنڌي، دل جو دلبر، 1 ]
راڻِي ريٻارو، توڏانھن مُڪو تَڪِڙو،
لُڊُوڻان لَطِيفُ چئَي، مانجِهي موچارو،
صُبوحِ سَوارو، ڪاڪِ گِهڙندو ڪَرَھو.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 20 ]
لُڊُوڻان لَطِيفُ چئَي، مانجِهي موچارو،
صُبوحِ سَوارو، ڪاڪِ گِهڙندو ڪَرَھو.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 20 ]
زييَئُون زاھِدَ زُھِدَ سين، پُختا ٿِئا پَچِي،
ڪَڍِي ڇَڏِيائُون ڪُڙِه مان، ڪوجِهي ڳالِهہ ڪَچِي،
اُبَٺِئا عِبادَتَ ۾، مانجِهي مَرِدَ مَچِي،
وَمَا خَلَقْتُ الْجِنَّ وَالْاِنْسَ اِلَّا لِيَعْبُدُوْنِ ، سُڻِئو سُڌِ سَچِي،
اُڪنڊَ ساڻُ اَچِي، گُرَ کي گَڏِئا ڪاپَڙِي.
[ سُر رامڪلي، ٽيھ اکري، 11 ]

سَھِسين ھُئا سارِنگِئا، مانجِهي مَڱڻَھارَ،
تَنِ ڳَڙَھان اوري ٿي ڳايو، سَھِسين ڪَري سِينگارَ،
تُنبيري جي تَندُ جِي، پھرِين ھُئِي پَچارَ،
آءُ مَٿاھُون مَڱڻا، لَنگهي دَرُ دُوارَ،
توکي گهوٽَ گُهرايو، خِلوَتَ لَئي کَنگهارَ،
اَلسَّلَامُ عَلَیْڪَ أَیُّہَا النَّبِیُّ وَرَحْمَۃ اللّٰہِ ، کِلي ڪِئائُون کِيڪارَ،
تِھان پوءِ ڏاتارَ، ڏِئُو مُلڪُ مَڱڻَھارَ کي.
[ سُر سورٺ، ڏنو سر ڏياچ، 11 ]