دُنِيا جي سنڌي معنيٰ
موجودہ زمانو، جھان، جڳ، جڳت، ڪائنات، سنسار، لوڪ، عالم، وِسُ. زمين، پِرٿوي، پِرٿِڻِي، دَھر، ڀُون، ڌرتي. خَلقَت، مخلوقات، سرشٽي، ماڻهو، دنيا جا ماڻهو. دنيا جو سامان، دولت، ڌَنُ، مايا، ناڻو، پئسو، مال ملڪيت.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
World. wealth, folk, earth, this time, mankind, money, property
دُنِيا جا بيتن ۾ حوالا
تَنَ جو تُون نَہ طَبِيبُ، ڌارِيَئِي دُنِيا ڪارَڻِ ڍَٻِيُون،
اِيندو اَڄُ عَجِيبُ، شادِي ڏِيندو صِحَتَ جِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 29 ]
اِيندو اَڄُ عَجِيبُ، شادِي ڏِيندو صِحَتَ جِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 29 ]
دُنِيا سَڀَ دَرياھُ، ڪو ڪو تارُو تَنھِن ۾،
ھِڪِڙِي لَھَرِ لوڀَ جِي، ٻِئو آتَشِي اوڙاھُ،
طالِبَنِ توڙان، موڙي چاڙِھِيون مَڪُڙِيُون.
[ سُر سريراڳ، جيون ۽ جھاز، 6 ]
ھِڪِڙِي لَھَرِ لوڀَ جِي، ٻِئو آتَشِي اوڙاھُ،
طالِبَنِ توڙان، موڙي چاڙِھِيون مَڪُڙِيُون.
[ سُر سريراڳ، جيون ۽ جھاز، 6 ]
ماڻُهو گُهرَنِ مالُ، آئُون سَڀَ ڏِينھَن گهُران سُپِرِين،
دُنِيا تَنھِن دوسِتَ تان، فِدا ڪَرِيان فِي الحالُ،
ڪِئو نامَ نِھالُ، مُون کي مَحبُوبَنِ جي.
[ سُر بروو سنڌي، صُورت فانِي ۽ مڙه مقام، 8 ]
دُنِيا تَنھِن دوسِتَ تان، فِدا ڪَرِيان فِي الحالُ،
ڪِئو نامَ نِھالُ، مُون کي مَحبُوبَنِ جي.
[ سُر بروو سنڌي، صُورت فانِي ۽ مڙه مقام، 8 ]
فانِي مِيان فانِي، دُنِيا دَمُ نَہ ھِڪِڙو،
لَٽي لوڙُه کَڙَنِ سين، جوڙِيندا جانِي،
ڪوڏَرِ ۽ ڪانِي، آھي سِرِ سَڀَ ڪَنھِن.
[ سُر بروو سنڌي، صُورت فانِي ۽ مڙه مقام، 16 ]
لَٽي لوڙُه کَڙَنِ سين، جوڙِيندا جانِي،
ڪوڏَرِ ۽ ڪانِي، آھي سِرِ سَڀَ ڪَنھِن.
[ سُر بروو سنڌي، صُورت فانِي ۽ مڙه مقام، 16 ]
آدِمِيَنِ اِخلاصُ، مَٽائي ماٺو ڪِئو،
ڪَڏِھِين کائي ڪو نَڪو، سَندو ماڻُهوءَ ماسُ،
دِلبَرَ ھِنَ دُنِيا ۾، وَڃِي رَھندو واسُ،
ٻِئو سَڀَ لوڪُ لِباسُ، ڪو ھِڪدِلِ ھُوندو ھِڪِڙو.
[ سُر بروو سنڌي، دل جو دلبر، 6 ]
ڪَڏِھِين کائي ڪو نَڪو، سَندو ماڻُهوءَ ماسُ،
دِلبَرَ ھِنَ دُنِيا ۾، وَڃِي رَھندو واسُ،
ٻِئو سَڀَ لوڪُ لِباسُ، ڪو ھِڪدِلِ ھُوندو ھِڪِڙو.
[ سُر بروو سنڌي، دل جو دلبر، 6 ]
ڪَمَرِ بَستا ڪاپَڙِي، جَنِ جي ڪَرَنِ ۾ ڪَچڪولَ،
آڌِيءَ راتِ اُٿِي ڪَري، ڪَنِ حُسينِي ھولَ،
گِلا ۽ غِيبَتَ جا، سَڀَ ڀَڳائُون ڀولَ،
دُنِيا ڇَڏي دُرُستُ ٿِئا، ٽِڪاڻا ۽ ٽولَ،
ڳوٺِ ڪِجاھِنِ ڳولَ، گَڏِجَنِ مانَ گَداوَ ۾.
[ سُر پورب، سامي سنياسي، 1 ]
آڌِيءَ راتِ اُٿِي ڪَري، ڪَنِ حُسينِي ھولَ،
گِلا ۽ غِيبَتَ جا، سَڀَ ڀَڳائُون ڀولَ،
دُنِيا ڇَڏي دُرُستُ ٿِئا، ٽِڪاڻا ۽ ٽولَ،
ڳوٺِ ڪِجاھِنِ ڳولَ، گَڏِجَنِ مانَ گَداوَ ۾.
[ سُر پورب، سامي سنياسي، 1 ]
جَنِ جو وارثُ تُون، سي ڪِيئَن رَھَندا نيڻَ نِماڻا،
آگي اَڀُ خَلقِئا، ڀَلِي خَلقِئائِين ڀُون،
جوڙِيائِين جَھانَ کي، چَئِي ڪُن فَيَڪُون ،
ڪُوڙِي دُنِيا ڪُوڙا پَسارا، ڏِينھَن مِڙِيئِي ڏُون،
آھِيُون اَلِفَ آسِري، مُحَّمَدُ مَڃئو سُون.
[ سُر پورب، وايون، 3 ]
آگي اَڀُ خَلقِئا، ڀَلِي خَلقِئائِين ڀُون،
جوڙِيائِين جَھانَ کي، چَئِي ڪُن فَيَڪُون ،
ڪُوڙِي دُنِيا ڪُوڙا پَسارا، ڏِينھَن مِڙِيئِي ڏُون،
آھِيُون اَلِفَ آسِري، مُحَّمَدُ مَڃئو سُون.
[ سُر پورب، وايون، 3 ]
ڦِرِئا پَسِي ڦِيڻُ، کَرِئَنِ کِيرُ نَہ چَکِئو،
دُنِيا ڪارَڻِ دِينُ، وِڃائي وِلَها ٿِئا.
[ سُر ڏھر، نانءُ، ٻاجهہ ۽ ڪانڌ، 16 ]
دُنِيا ڪارَڻِ دِينُ، وِڃائي وِلَها ٿِئا.
[ سُر ڏھر، نانءُ، ٻاجهہ ۽ ڪانڌ، 16 ]
جَرَ تي ڦوٽو جِيئَن، لَڳي لَهرِ اَڌَ ٿِئي،
تُون پُڻ آھِين تِيئَن، دُنِيا ۾ ڪو ڏِينھَڙو.
[ سُر ڏھر، نانءُ، ٻاجهہ ۽ ڪانڌ، 17 ]
تُون پُڻ آھِين تِيئَن، دُنِيا ۾ ڪو ڏِينھَڙو.
[ سُر ڏھر، نانءُ، ٻاجهہ ۽ ڪانڌ، 17 ]
مَڱُ تَنھِن کان مَڱڻا، جو ڏِھاڙِي ٿو ڏي،
ڪُوڙا دَرَ دُنِيا جا، جاجِڪَ مَڱين جي،
صُباحَ توئي کي، موٽِي ڏِيندا مُنھَن ۾.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 52 ]
ڪُوڙا دَرَ دُنِيا جا، جاجِڪَ مَڱين جي،
صُباحَ توئي کي، موٽِي ڏِيندا مُنھَن ۾.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 52 ]
English Meaning
World. wealth, folk, earth, this time, mankind, money, property