گَنجي بابت
معنيٰ
حيدرآباد لڳ ھڪ ٽڪر جو نالو، جتي گهڻو اڳ فقيرن جا آستان ھوندا ھئا.
Name of a hill near Hyderabad, where in old times faqirs and saints use to visit as sacred place.
بيتن ۽ وائين ۾
- جيڏِيُون جاجَڙَ لائِي، جِيءَ جَتَنِ سين، سا سَرَتِيُون سِيباڻِئامِ، تَنھِن جِيئَڻُ جالَ ڪِئومِ، مَھَرَ جا مَيَنَ جِي، سَنجهي ھَٿِ ھُيامِ،…[ سُر معذوري - وايون ]
- پِئو جَنِ پَرو، گَنجي ڏُونگَرَ گامَ جو، ڇَڏي کيٽُ کَرو، لوچِي لاھُوتِي ٿِئا.[ سُر کاھوڙي - گنجي ٽڪر، پکيان پير ]
- پيئِي جَنِ پَرَکَ، گَنجي ڏُونگَرَ گامَ جي، واري سي وَرَقَ، لوچِي لاھُوتِي ٿِئا.[ سُر کاھوڙي - گنجي ٽڪر، پکيان پير ]
- پيئِي جَنِ پَرُوڙَ، گَنجي ڏُونگَرَ گامَ جِي، ڇَڏي سي ضَرُورَ، لوچِي لاھُوتِي ٿِئا.[ سُر کاھوڙي - گنجي ٽڪر، پکيان پير ]
- پيئِي جَنِ پَڻِي، گَنجي ڏُونگَرَ گامَ جِي، ڇَڏي نِنڊَ گهَڻِي، لوچِي لاھُوتِي ٿِئا.[ سُر کاھوڙي - گنجي ٽڪر، پکيان پير ]
- جَنِي پيئِي بُوءِ، گَنجي ڏُونگَرَ گامَ جِي، ڏوري سائِي جُوءِ، لوچِي لاھُوتِي ٿِئا.[ سُر کاھوڙي - گنجي ٽڪر، پکيان پير ]
- جَنِي پيئِي باسَ، گَنجي ڏُونگَرَ گامَ جي، ڇَڏي سي لِباسَ، لوچِي لاھُوتِي ٿِئا.[ سُر کاھوڙي - گنجي ٽڪر، پکيان پير ]
- پيئِي جَنِي سُڌِ، گَنجي ڏُونگَرَ گامَ جِي، ڇَڏي ٻِي سَڀَ ٻُڌِ، لوچِي لاھُوتِي ٿِئا.[ سُر کاھوڙي - گنجي ٽڪر، پکيان پير ]
- پيھِي ڇَپَرُ پَسُ، گَنجي ڏُونگَرَ گامَ جو، توکي ڏِيندا ڏَسُ، ڏوٿِي آھِينِ ڏيھَ ۾.[ سُر کاھوڙي - گنجي ٽڪر، پکيان پير ]
- ڪِھَڙو اَٿِئِي ڪامُ، گَنجي ڏُونگَرَ گامَ ۾، پَسِي تَنھِن پاھَڻَ کي، اَچي نَہ آرامُ، مَتان ڏُونگَرُ ڏورِيين، اُجهين ڪُھ عَوامُ،…[ سُر کاھوڙي - گنجي ٽڪر، پکيان پير ]
- پيرُ پَرُوڙي پاءِ، گَنجي ۾ گُنَ گَهڻا، کاھوڙِي کَرا وِئا، نَہ ڪا اوڏِي ماءِ، جَنِي ڏِٺِي جاءِ، تَنِي موٽَڻُ ميهَڻُو.[ سُر کاھوڙي - گنجي ٽڪر، پکيان پير ]
- مارُئِي ناھِ مَلِيرَ ۾، نَہ ڪا وَٽِ حَمِيرَ، پُنهون ڪونِهي ڪيچَ ۾، نَڪِي سِنڌُ اَمِيرَ، مُومَلَ ناھِ ماڙِيين، گَنجي ناھِ…[ سُر مارئي - جھ سي لوڙائو ٿئا ]