ڪِئائُون بابت
معنيٰ
ڪيائون، عمل ۾ آندائون، عمل ڪيائون
Acted, done, completed
بيتن ۽ وائين ۾
- ويڄَنِ سين وائِيءَ پِئا، ڪِرِي نَہ ڪِئائُون، جٖي پَندِ پارِئائُون، تَہ سِگهائِي سَگها ٿِئا.[ سُر يمن ڪلياڻ - ويڄ ۽ دارُون ]
- وَڍي جَنِ وِڌِياسِ، وَرِي ويڄَ ئِي سي ٿِئا، تُرتُ ٻَڌائُون پَٽِيُون، روزُ ڪِئائُون راسِ، ھِينئَڙا تَنِي پاسِ، گهارِ تَہ گهايَلُ…[ سُر يمن ڪلياڻ - ويڄ ۽ دارُون ]
- ڪِئائُون قَلبَ کي، طَرَحَ تَنُورا، جيرا جِگرَ بُڪِيُون، ڪَپي ڪِئائُون ڪورا، سِيخُنِ ۾ سُورا، تَرِيائون تَرتِيبَ سين.[ سُر يمن ڪلياڻ - باھ ۽ ساڙو ]
- ظاھِرَ ۾ ظانِي، فِڪرَ ساڻُ فَنا ٿِئا، تَنِي کي تَعِليمَ جِي، ڪُڙِه اَندَرِ ڪانِي، حَرَفُ حَقانِي، دَورُ ڪِئائُون دِلِ ۾.[ سُر يمن ڪلياڻ - پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ ]
- کَڻِي نيڻَ خُمارَ مان، جَڏھِن نازَ ڪِئائُون نَظَرُ، سُورَجَ شاخُون جَهڪِيُون، ڪُوماڻو قَمَرُ، تارا ڪَتِيُون تائِبَ ٿِئا، ديکِيندي دِلبَرُ، جَهڪو…[ سُر کنڀات - نيڻ ۽ تارا ]
- ڪامِلَ ڪَربَلا ۾، آيا سَيِّدَ شيرَ، سِجُ اُلَهِي سانجِهي ٿِي، مُنھَن اُونداھِيءَ ميرَ، ھَڻَنِ ھاتِڪَنِ کي، پانَوَ ڀَري پيرَ، ماري…[ سُر ڪيڏارو - ڪامل ڪربلا ۾ ]
- واٽُنِ صَحِي وِئا، وَڻَ مَنجهانِ واسِئا، ھِھَڙا ھوتَ ھُئا، سُڃَ ڪِئائُون سُرَھِي،[ سُر ديسي - ڪيچان آيو قافلو ]
- وارَو وَرُ وَٺِي وِئا، آرِيچا اَظِلامَ، آندائُون آرِيءَ جا، پُنهونءَ ڏي پَيغامَ، پَھَ ڪِئائُون پاڻَ ۾، مُونھان مَخفِي مامَ، سَنڀُوڙا…[ سُر ديسي - دانھُون ڪُوڪُون ]
- لَنگهي پَٻُ پَري ٿِئا، لَڪِ نَہ لاٿَئُون، پُنهون مُنھِنجو پاڻَ سين، نوعَ سين نِيائُون، جِيئَن مُون سين ڪِئائُون، تِيئَن ڪيچِيَنِ…[ سُر ديسي - ڏيرن ناھي ڏوھ ]
- ٻاروچي جِي ذاتِ، سَڄَڻَ ٻاروچي جِي ذاتِ، اُٺَ گُنگائي ھَلِئا، وائِي ڪِئائُون نَہ واتِ، جانِي جَتَ وَٺِي وِئا، تَنَ تَنِي…[ سُر ديسي - وايون ]
- آڻي لِکِئي لَنئُن لائِي، آئُون ڪا جوڙَ جَتَنِ جو، ٻَڙِي جيڏِيُون، آئُون ڪا ڪُڙُمُ ڪيچِيَنِ جو، ڪُھِي ڪَمِيڻِي ھَلِئا، ڪَھَلَ…[ سُر ڪوھياري - وايون ]
- يادِ ڪَري جَنِ کي، آئُون وِساري ويٺِي، مُون سين ڪِئائُون ڏيٺِي، اَکِيين ڏيئِي ھَٿَڙا.[ سُر حسيني - وڳ قطارون ۽ ڪاروُن ]
- جَي ھُوندَ ڏِٺائُون وو جيڏِيُون، حالُ مُنھِنجو ھِھَڙو جِھَڙو، سو جي سومِ ڪَنَنِ سين، پَھُ جو ڪِئائُون، ٻانھُون ٻيلَ نَہ…[ سُر حسيني - وايون ]
- سَھِسين ھُئا سارِنگِئا، مانجِهي مَڱڻَھارَ، تَنِ ڳَڙَھان اوري ٿي ڳايو، سَھِسين ڪَري سِينگارَ، تُنبيري جي تَندُ جِي، پھرِين ھُئِي پَچارَ،…[ سُر سورٺ - ڏنو سر ڏياچ ]
- سَڄَڻُ سِينگاري، ڪِئائُون مُھاڙَ مُقامَ ڏي، کَڻِي کَٽولو ھَلِئا، لوڪان نِظاري، لاٿائُون لَطِيفُ چئَي، قَبَرَ ڪِناري، سَنئُون سُمَهاري، نيئِي ڌَرِيندا…[ سُر بروو سنڌي - صُورت فانِي ۽ مڙه مقام ]
- جِھَڙا پانَنِ پَنَ، تِھَڙِيُون شالُون مَٿَنِ سايُون، اَگَرَ ۽ عَنبِيرَ سين، تازا ڪِئائُون تَنَ، مَڙِهئا گهَڻو مُشڪَ سين، چوٽا ساڻُ…[ سُر راڻو - چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ ]
- مُون کاھوڙِي لَکِئا، سُمَهنِ ڪِينَ پَئِي، سَمَرُ ڪِئائُون سُڃَ جو، ڏوري ڏُٿُ لَھِي، وِئا تِتِ وَھِي، جِتِ نِھايَتَ ناھِ ڪا.[ سُر کاھوڙي - ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر ]
- کاھوڙِيَنِ کَڻِي، ساجُهرِ ٻَڌا سَندِرا، ڏورِيندي ۾ ڏُونگَرين، ڪِئائُون پاڻُ پَڻِي، ڏُکَنِ ڏِيلُ ھَڻِي، ڇيھُ لَڌائُون ڇَپَرين.[ سُر کاھوڙي - ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر ]
- جوڳِيَڙا جَھانَ ۾، ھُئا مَنجِهہ حَمامَ، آرامان اَرَڳِ ٿِئا، اوڏا نَہ آرامَ، ڪِئائُون قِيامَ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.[ سُر رامڪلي - آءٌ نہ جِيئندي ان ري ]
- ڏَھين ڏِينھَن ڏِکَ ٿِئا، پِرِين پاٻوھِئا پَسُ، وَرَقَ جي وِصالَ جا، واري ڪِئائُون وَسُ، لَڌائُون لَطِيفُ چئَي، سَندو گُرُوءَ گَسُ،…[ سُر رامڪلي - ڏھاڙي وارتا ]
- تَڪِيَنِ سين توڙان، ويراڳِيَنِ وَڻي ڪِينَڪِي، ڄَراٽِي ڄيرَنِ سين، ڪارا ڪِئائُون ڪوڙا، آسَڻَ اجوڙا، سَجوڙا سين سَڄَڻين.[ سُر رامڪلي - ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي ]
- مُونا طُورُ سِيناءَ، سَندا سَناسِيَنِ، طالِبُ المولىٰ مُذَڪِرُ، اِيءُ ڪَلامُ ڪِئائُون ڪَنِ، سُکَنِ کي سَڀَين پَرِيين، ٻُجهِي ڏِنائُون ٻَنِ، اَلِفَ…[ سُر رامڪلي - آديسي ۽ مونا طور سينا ]
- مُونا جَنِ مِحرابُ، جُسو جامِعُ تَنِ جو، قِبلي نُما قَلبُ ڪَري، تَنَ کي ڪِئائُون طَوافُ، تَحقِيقَ جِي تَڪبِيرَ چَئِي، جِسمان…[ سُر رامڪلي - آديسي ۽ مونا طور سينا ]
- پَرينديئي پَنڌِ ٿِئا، گَنجو ڇَڏي گامُ، تَنِ ويھِي ڪِئو نَہ وِچَ ۾، آديسِيَنِ آرامُ، گُرُوءَ سَندي گَسَ ۾، ڪِئائُون تَنَ…[ سُر رامڪلي - آديسي ۽ مونا طور سينا ]
- عَلِيءَ جي مَيدانَ ۾، ويٺا ڌُوڻِ ڌُڻِي، تَرَڪُ ڪِئائُون تَڪِيا، پَريُون پَنڌُ سُڻِي، ڪَندِي ڪوھُ دُڻِي، طَعنا ڏيئِي تَنِ کي.[ سُر رامڪلي - سڳا سيلهيون ۽ نااميدي ]
- ڪَسي ساڻُ ڪَسَنِ، ڏِيلَ ڪِئائُون ڏُٻِرا، پيٽَ نَہ ھيرِئائُون پانھِنجا، چوري ساڻُ چَسَنِ، اِنهين راھِ رَسَنِ، ڪاپَڙِي ڪابُولَ کي.[ سُر رامڪلي - قوت ڪڙايا ۽ پوڄا ڪار ]
- ڪَسي ساڻُ ڪَسي، ڏِيلَ ڪِئائُون ڏُٻِرا، پيٽَ نَہ ھيرِئائُون پانھنجا، چوري ساڻُ چَسي، واراڳِيَنِ وَسي، رامُ سَدائِين رُوحَ ۾.[ سُر رامڪلي - قوت ڪڙايا ۽ پوڄا ڪار ]
- ڪَسي چيلِهہ ڪَسا، ڏِيلَ ڪِئائُون ڏُٻِرا، لاھُوتِي لَطِيفُ چئَي، تَنَ کي ڏِينِ تَسا، گُرُوءَ جي گَسان، پاسي ڪَنِ نَہ پاڻَ…[ سُر رامڪلي - قوت ڪڙايا ۽ پوڄا ڪار ]
- بُکَ اُنِھِين جِي بِکِئا، ڌُوڙِ اُنِهين جو ڌُوپُ، ڪِئائُون سوئِي رُوپُ، جِئان لوڪَ لَڄَ ٿِيي.[ سُر رامڪلي - بُک، طعام، گدا ۽ گبري ]
- نَڪِي طَعامُ تُنبِنِ ۾، نَڪِي ھيٺِ نَہ بيٺِ، رامُ ڪِئائُون ڏيَٺِ، وَڃَنِ ڪِينَ ڪُلِهي ڪِئو.[ سُر رامڪلي - بُک، طعام، گدا ۽ گبري ]
- ڏَھڪِجِي ڏُورِ ٿِئا، ڪِي جَو ڏِٺائُون، وِھَڪَ نَہ ڪِئائُون، اُڀِيَڻُ عَيبُ اُنِ جو.[ سُر رامڪلي - بُک، طعام، گدا ۽ گبري ]
- مَنجِهہ مَحَبتَ مَچُ، ٻَھَرِ ڌَورا ڌُوڙِ سين، ڇَڏِيائُون ڇِرُ لَھِي، ڪُوڙُ ڪُلَکَڻُ ڪَچُ، اَوَڳُڻَ اوڏا نَہ وِئا، ڳُڻَ ڪِئائُون ڳَچُ،…[ سُر رامڪلي - الله، آدم، جوڳي ۽ سنياسي ]
- جوڳِي جَلالِي جَلَبَتِي، مَهارِي مَرويسَ، دُورِ ڪِئائُون دُئارڪا، مارِي ھَلِئا ميسَ، ڏوري ڏيوَرَ ديسَ، گُرُ لَڌائُون گِرنارَ ۾.[ سُر رامڪلي - الله، آدم، جوڳي ۽ سنياسي ]
- حييَئُون حالُ پِرايو، آديسِيَنِ احوالُ، نانهِن ڪِئائُون نَفسَ کي، مَنجهانَ زُھِدَ زَوالُ، لَنْ تَنَالُوا الْبِرَّ حَتَّىٰ تُنفِقُوا ، پاڻُ ڪِئائُون…[ سُر رامڪلي - ٽيھ اکري ]
- خييَئُون خَشيَتَ خَوفَ ۾، ڪِئائُون ڪِيني کي قَتَلامُ، ڊِڄِئو ڊاءِ اللهَ جي، ڪوجهو ڪَنِ نَہ ڪامُ، آئِي اُنَ جي بابَ…[ سُر رامڪلي - ٽيھ اکري ]
- سِينَئُون سَھجا سيڄَ تي، سامِي ڪِينَ سُمَهنِ، نيڻَنِ نِنڊَ نَہ نانگَنِ کي، خُوشِيءَ خُوابُ نَہ ڪَنِ، جاڳَڻَ سَندو جِيءَ ۾،…[ سُر رامڪلي - ٽيھ اکري ]
- ويڙِھيين مَنجِهہ وَڙالَ، آن ڪي گَڏِئا ھوتَ مُنھِنجا، گيڙُو ڪِئائُون ڪَپِڙا، رَتائُون رُومالَ، جَڏو جِيءُ جِيارِئو، تَنِ سامِيَنِ جِيءَ سَنڀالَ،…[ سُر پورب - وايون ]
- سَڀَيئِي سُھاڳِيُون، سَڀَنِي ڳِچِيءَ ھَسَ، پَسَڻَ ڪارَڻِ پِرِينءَ جي، وَڏا ڪِئائُون وَسَ، ڍولُ تَنِي جي گَسَ، ھيٺاھِيُون ھَلَنِ جي.[ سُر ليلا - مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ ]
- ٿِڙڪِي پَسِي ٿوڪُ، تِرڪِي تَڪَبُرَ ۾ پَئِي، اَچِئو اَچِئو اَگَلِي، چَئي لِيلان کي لوڪُ، اَندَرُ اوڀالَنِ سين، ساڙي ڪِئائُونسِ سوڪُ،…[ سُر ليلا - ليلا ليلائيج ]
- سُمَهڻُ تَنِ ثَوابُ، جي ٿِئا حَلُ حَبِيبَ سين، نيڻَ ھيرائي نِنڊَ سين، خُوشِ ڪِئائُون خُوابُ، اوسِيڙو عَذابُ، دِلِئان تَنِي دُورِ…[ سُر آسا - من، گولو ۽ جنڊ ]
- کائُرِ ڏانھَن کَڻِي وِئا، ٿَرِ ڪِئائُون ٿاڪَ، سانگِي لَڏايا سُومَري، عُمَرَ ڪَري مَذاقَ، جيڪُسِ پَروَرَ پاڪَ، اَمُرُ اِيءُ اَباڻَنِ سين.[ سُر مارئي - کائر ڏانھن کڻي وئا ]
- کائُرِ ڏانھَن کَڻِي وِئا، لَڏي لاڏُوئان، وَڃِي ڪِئائُون ويڙِهِيين، ٿَرَنِ ۾ ٿاڻان، پَکا سُونھَنِ پَٽَ ۾، تَنِ ڀاڳِيَنِ جا ڀاڻان،…[ سُر مارئي - کائر ڏانھن کڻي وئا ]
- اَچِي ريلَ اُکَتِيُون، ڪالوڙا ڪَري، پُرِ ڪِئائُون پِنڊِيُون، مَنجهان ڀَنَ ڀَري، تَماچِيءَ جي تَڪِيي، ڏَنُ سَڀَڪا ڏي، نُورِيءَ نازَ ڪَري،…[ سُر ڪاموڏ - مِڙيوئي معاف ]
- سِڄُ لَھي سانجِهي ٿِي، وَڻين ڪِئائُون ويرَ، ڪِٿي ھُوندا ھيرَ، صاحِبَ مُنھِنجا سُپِرِين.[ سُر ڪارايل - پاڙون پاتار ۾ ]