کَرَ بابت
معنيٰ
بدخواھ، رقيب، سڙندڙ، مَدا، ويري.
Rivals, foes, enemies, bad wishers.
بيتن ۽ وائين ۾
- اَکَرَ پَڙِهي اَڀاڳِئا، قاضِي ٿِئَين ڪِيئَن، ڀيرِيين ۽ ڀانِئيين، مُلان مُٺِيَئِي ماءُ، اِنَ سُرِڪِيءَ ساءُ، پُڇِجِ عَزازِيلَ کي.[ سُر يمن ڪلياڻ - پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ ]
- اکَرَ ڇُتي ھيڪَڙي، ٻَھُون جٖي نَہ ٻُجَهنِ، ڪوھُ ڪِبو کي تَنِ، سَڄِي سُڻائي ڳالِهڙِي.[ سُر يمن ڪلياڻ - پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ ]
- راتِ سَھائِي ڀُون سَنئِين، ڀائِي گُهرِجي ڀَلُ، آھُرَ جِيُون ايلاچِيُون، چَندَنُ چَرئَو چَلُ، مُون توھِي سين ڳالِهڙِي، ٻِئي ڪَنھِين مَ…[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- راتِ سَھائِي ڀُون سَنئِين، پِرتِ نَئِين پَنڌُ پَسُ، مَيا مَحبُوبَنِ ڏي، وَڃَڻَ ڪِجي وَسُ، راتِين ھَلِي رَسُ، کَرَنِ خَبَرَ نَہ…[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- کاڻا لاڻا ڪَرَھا، چانگا ھَڏِ مَ چَرُ، سُڄي ٿو سَيِّدُ چئَي، اَڳِئان بيدِي بَرُ، ڍَڪِيءَ ھَلِي ڍَرُ، تَہ کَرَنِ خَبَرَ…[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- اَڄُ پُڻ اَڇائِي، چوڏِھيِنءَ ماھَ چَنڊَ جي، مُون ڏُونھَن مُون پِرِيَنِ جي، اَچَڻَ جِي وائِي، مُون گهَرِ واڌائِي، پيئِي کامِ…[ سُر کنڀات - چنڊ ]
- ھِي ٻَہ ڳالِهڙِيُون، آئُون اورِيندِي پِرِينءَ سين، گوشي پِرِين نَہ گَڏِئا، کَرَ سين مُون نَہ ڪِيُون، ڳالِهيُون پِريَمِ تُنھِنجُون، وَڌِي…[ سُر کنڀات - وايون ]
- دَنگِيءَ ۾ داڻا، وَٺِي وِجُهہ وَکَرَ جا، وِيرِ وِڙَھِندَيِئِي ويسَرا، ويھُ مَ ويڳاڻا، ھِيءَ نِنڊَ نِڄاڻا، ڪَڏِھِين ھَڻَندَيِئِي تارِ ۾.[ سُر سريراڳ - املهہ وکر ]
- اَئِين اَچِي پَسو جيڏِيُون، ھِي جو حالُ مُنھِنجي جِندَڙي، پائي وِئَڙا پيرَ ۾، مَنجهان کَرَسَ کَسو، آئُون ڏورِيندِي اُنِ کي،…[ سُر سامونڊي - وايون ]
- ڪارا ڪُنَ ڪارِي تُڳي، ڪارِيھَرَ ڪَڙَڪا، مَئي مَتي مَھِراڻَ جا، دُپارا دَڙَڪا، ويندي ساھَڙَ سامُهُون، ڏِنَسِ جهولَ جَهڙَڪا، اَچِي پَئِي…[ سُر سھڻي - مينھون، چاھڪ، کرڪن ]
- کَرَڪَنِ ڪِئو کَڙو، مُنھِنجو مَنُ ميھارَ ڏي، آڏو لُڙُ لَطِيفُ چئَي، لَهرِيُون لَسَ لَڙو، چارِي ٿِيُمِ چَڙو، ٻُرِي ٻيلايَنِ جو.[ سُر سھڻي - مينھون، چاھڪ، کرڪن ]
- کَرَڪَنِ کِجاياسِ، مَحبَتيءَ ميھارَ جي، ڇَڙِڪَنِ جي ڇيڄَ ڪِئا، تَنِ واري وَھِ وِڌِياسِ، لالَڻَ لاءِ لَطِيفُ چئَي، اَچِي آبِ گهِڙِياسِ،…[ سُر سھڻي - مينھون، چاھڪ، کرڪن ]
- کَرَڪَنِ خُوشِ ڪِئاسِ، ٻيلي پارِ ٻُرَنِ جٖي، پَسَڻَ ڪارَڻِ پِرِينءَ جي، آڌِيءَ تي اُٿِياسِ، سُتِي جاڳاياسِ، سانڀَرَ سُپَيرِيَن جي.[ سُر سھڻي - مينھون، چاھڪ، کرڪن ]
- موٽِي مانڊاڻَنِ جِي، جُڙِي ڪِئائِين جوڙَ، وِڄُون وَسَڻَ آيُون، ٻَھَ ٻَھَ ڀِرَنِ ڀَؤُنرَ، اَنَنِ جا عالَمَ ۾، کَرَ لَڳي ٿِئا…[ سُر سارنگ - ڌرتي ڍُري ]
- ڪِلي ويرَ ڪَٽَڪَ ۾، پاکَرَ جَو پائي، اَڃا اُنَ کي جِيئَڻَ جو، آسانگو آھي، سُورِھُ سوچائي، جَو رُڳو ئِي رِڻِ…[ سُر ڪيڏارو - عليءَ جو اولاد ]
- ڏَمَرُ ڏُونگَرَ ڄامَ، سَکَرَ پاڻَ شَرِيڪِ سين، ڪيھِي ڪُلفَتَ تَنھِن سين، جا گولِي آن جي گامَ، وَرِجِ تُون وَرِيامَ، مُنھِنجو…[ سُر معذوري - ھاڙھو پنڌ ]
- ٿِئَڙَم سُورَ سَمَرَ، اي دِلبَرَ، موٽُ سَٻاجها سُپِرِين، مَتان مُون کي ڇَڏِيين، آرِياڻِي اَنوَرَ، آھي عَبدالَطِيفُ کي، پِيراڻِي پاکَرَ.[ سُر معذوري - وايون ]
- ساجَنَ سِپاھِي، آئُون اَوَھانجو آھِيان، اَچان ويلَ سَڀَ ڪَنھِن، وَڃان واجهائِي، لالَڻَ تو لائِي کيڪارِئُمِ کَرَنِ کي.[ سُر بروو سنڌي - عاشق اکڙِيُون ]
- مَينڌَرا مُون کي، راڻا جِمَ وِساري ڇَڏِيين، مُون کي طَعنا تُنھِنجا، ڏيھُ مِڙيوئِي ڏي، راڻِي تي رِيسَ ڪِي، کَرَ سين…[ سُر راڻو - وايون ]
- گُذَرِ گَئِي گُذرانُ، ڪِينَ قَبُولِجِ ڪاپَڙِي. عَلِيءَ جو مَيدانُ، سَکَرَ سَناسِينِ کي.[ سُر رامڪلي - سڳا سيلهيون ۽ نااميدي ]
- ڪانگَ تُنھِنجِيءَ ڇانگَ، جَڏو جِيءُ جِيارِئو، مَٿان لامَ لَتَ ڏِئو، ٻولِيين سِرِ ٻيلانگَ، اُڏءُ مَٿان ڦانگَ، کَرَ جاوَنِ آوَنِ پِرِين.[ سُر پورب - ڪانگ ]
- ڪا ڪا ڪَمُ اُٻَھرو، آرَسُ ڪَرِ مَ اِيئَن، جاڳُ پَرِ نَہ زورِ پَئُہ، وانءَ وَھلَو وَسِيئَن سِيئَن، سَنِيھَڙا سَيِّدُ چئَي،…[ سُر پورب - ڪانگ ]
- مَڻيي مَٿي موھِجِي، ھارِي ڳِيَڙُءِ ھارُ، ڪوڙيِين ڪِئا ڪيتِرا، اِنَهِيءَ کَرَ خُوارُ، ڀِرِي وِئو ڀَتارُ، تي آيُئِي ڏَنءُ ڏُھاڳَ جو.[ سُر ليلا - مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ ]
- وَرَ سين وِجِهئو ڪاڻِ، کَرَ سين کِلِئو اُٿِيين، ڀورِي مُنڌَ اَڄاڻِ، ڪَڻَ ڇڏِئو تُھَ ميڙِيين.[ سُر ڏھر - نانءُ، ٻاجهہ ۽ ڪانڌ ]
- ڪِي جو ڪُنڀارَنِ، مِٽِيءَ پائي مَنِئو، تَنھِين مان تِرَ جيتَرِي، جي پَئي خَبَرَ کَرَنِ، ھِي تان ھُوندَ مَرَنِ، ھُنِ اَڱَڻِ…[ سُر رِپ - اندر، سٻر ۽ نھائين ]
- ڪوجها نَظَرَ ڪَنِ، اَکِيُنِ اَدَبُ ڇڏِئو، کَرَنِ ساڻُ کِلَنِ، وَھِ پِيو وِڙَنِ سين.[ سُر آسا - نيراني اکڙيون ]
- مُون کي اَکَڙِيُنِ، وَڏا ٿورا لائِيا، کَڻان جَي کَرَ سامُهُون، تَہ پُڻ پِرِين پَسَنِ.[ سُر آسا - نيراني اکڙيون ]
- سِڪَ سِڪائي سِکُ، سِڪَ نَہ آھي سُٿِرِي، لِڪَ لِڪوٽِيءَ لِڪُ، تَہ خَبَرَ ٿِئي نَہ کَرَنِ کي.[ سُر آسا - کَرُ ۽ حوصلو حيرت ]
- خَبَرَ ٿِئي کَرَنِ کي، تَہ مُون کي ڪَندا ڪوھُ، صُورَتَ سُپَيرِيَن جِي، ڏِٺي ڪو نَہ ڏوھُ، لورِي لَڳُمِ لوھُ، جَنھِين…[ سُر آسا - کَرُ ۽ حوصلو حيرت ]
- کَرَ جَا کَڏَ کَنئِي، پَوَڻَ ڪارَڻِ پِرِينءَ جي، تَنھِن ۾ پاڻَ پَئِي، غِيبَتِي غارُ ٿِئو.[ سُر آسا - کَرُ ۽ حوصلو حيرت ]
- اللهَ کَرَ جِيَنِ، مَدِي جَنِ جِي مَنَ ۾، اَسان ۽ پِرِيَنِ جُون، اُمِيدُون پَسَنِ، تِھان پوءِ مَرَنِ، سَڙِي اِنهين سُورَ…[ سُر آسا - کَرُ ۽ حوصلو حيرت ]
- اللهَ کَرَ جِيَنِ، جٖي پاڙي رَھَنِ پِرِينءَ جي، پُنِيُون مانَ پَسَنِ، اُمِيدُون سين سَڄَڻين.[ سُر آسا - کَرُ ۽ حوصلو حيرت ]
- کَرَ کي کَپُرُ کاءِ، نانگُ مَڻِيارو نِڪِري، اُڀِي جَو اوناءِ، سُڻ ڀُڻ سَندِي سَڄَڻين.[ سُر آسا - کَرُ ۽ حوصلو حيرت ]
- کَرَ ٿو کَرايُون ڪَرِيين، ھَرَ ھَرَ ھَچارا، پُورِيَئِي ڳَلِيُون پِرِيَنِ جُون، چَوڌارِي چارا، مَرين مُنھَن ڪارا، سَڙِي اُنِهين سُورَ ۾.[ سُر آسا - کَرُ ۽ حوصلو حيرت ]
- رُٺي جا رِھاڻِ، سا پَهني نَہ ٿِيي، ڪَنھِن کَرَ وِجِهي ڪاڻِ، پاڻان نِينھُن نِکالِئو.[ سُر آسا - من، گولو ۽ جنڊ ]
- سَکَرَ سيئِي ڏِينھَن، جي مُون گهارِئا بَندَ ۾، واجهاڻِيَسِ وِصالَ کي، ٿِيَسِ تَوانِي تِيئَن، نِيَرَ مُنھِنجو نِينھُن، اُجاري اَڇو ڪِئو.[ سُر مارئي - بندياڻي واجهائي وطن کي ]
- پَٽولا پَنوَھارِيُون، مُورِ نَہ مَٿي ڪَنِ، جُھ لاکَ رَچَنِ لوئِيُون، تَہ سالُنِيُون سُونھَنِ، اُنَ ايلاچَنِئا اَڳرِي، بَخمَلَ بافِتَنِ، سَکَرَ ڀانيان…[ سُر مارئي - آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا ]
- پالَ پَکا ۽ پَڪَ، جِتِ کَرَڙَ کَٿا ۽ کاهِيُون، سَرَهِيُون سي سَرَتِيُون، جٖي حاضُرُ پاسي حَقَ، مارُوءَ سين ماڻِيان، شَلَ…[ سُر مارئي - جھ سي لوڙائو ٿئا ]