Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر راڻو جَي وايون جي وائِي
مَينڌَرا مُون کي، راڻا جِمَ وِساري ڇَڏِيين،
مُون کي طَعنا تُنھِنجا، ڏيھُ مِڙيوئِي ڏي،
راڻِي تي رِيسَ ڪِي، کَرَ سين کِلِئُمِ جَي.
رسالن ۾ موجودگي: 65 سيڪڙو
سمجهاڻي
اي راڻا مينڌرا! متان مون کي دل تان وساري ڇڏين. (توکي خبر آهي) سڀ ماڻهو مون کي تنھنجا طعنا پيا ڏين. تو تہ منھن مقابل ڪڏهن عيب جوئي نہ ڪئي. جيتوڻيڪ سڀ ڪجهہ مون کان ٿيو. او راڻا، متان منھنجا اهي عيب ۽ اوڻايون ڪڏهن ويھي کولين، جيڪي برايون تو هن مھل تائين پنھنجي طرفان نظرانداز ڪيون آهن. تنھنجي محبت ۾ ٿوري غلطيءَ بہ مون کي فراق جو وڏو ڦٽ وجهي ڇڏيو آهي
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود مومل راڻو، بيت نمبر : 3815
مَيْدَرَا مُنْکٖيْ رَانَا جِمَ وِسَارٖيْ ڇَڎِي﮼﮶
مُنْکٖيْ طَعْنَا تُھْجَا ڎٖيْهُ مِرُوْئِيْ ڎٖيْ﮶
رَانٖيْ تٖيْ رٖيْسَ ڪِيْ کَرَ س﮼ کِلِئُمِ جٖيْ﮶
ھِي وائي ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
मेंधरा मूं खे। राणा जिम विसारे छडि॒यें।
मूं खे ताना तुंहिंजा। डे॒हु मिड़ोई डे॒।
राणे ते रीस की। खर सें खिलिउमि जे।
ROMAN SINDHI
maendhaaraa moo'n khhay, raannaa jim'a wisaaray chhaddee'n,
moo'n khhay ta'aanaa tunhinjaa, ddeh'u mirryo'ee dday,
Raannay tay rees'a ki, khhar'a see'n khhili'um'ay jay.
TRANSLATIONS
O Rano Mendhra! Pray see that you do not forsake me, as the entire world now upbraids me in your connection (that I played false to you).
(But the fact is and) I am made to realize it that Rano's jealousy was excited, because I was rather gay with that ass (Soomal or Satan).
O Raana Mendhra, pray, do not forget me,
All around people taunt me about you,
Pray, do not forget me,
I smiled at some one, Raana become jealous.
سوڈھی میرے رانے اڑیا
مینوں بُھل نا جائیں
جھوٹھی تہمت لوکاں دی توں
سجن آن بچائیں
مینوں بُھل نا جائیں
سومل دی میں غلطی کارن
شقی بنی اجائیں
مینوں بُھل نا جائیں
دیتی ہے مجھے دنیا طعنہ
تم بھول نہ جانا اے رانا
کیوں اور کسی کے ساتھ ہنسی
کسی بپتا میں آن پھنسی
تم کیا چھوٹے جگ چھوٹ گیا
جی بیٹھ گیا دل ٹوٹ گیا
پردیسی پریتم لوٹ آنا
تم بھول نہ جانا اے رانا
مجھے کبھی نہ بھولے، یار اے میرے "میندھرے"!
طعنہ تیری پریت کا رانا!، سارا جگ ہی دے،
بولی تھی میں غیر سے اور تم، مجھ سے روٹھ گئے۔
داستان اندر ٻيو اندراج
- (وائِي) اَچِئو آتَڻَ وارِيُون، مُون کي…
- (وائِي) تان تُون ويھُ سَنبَھِي، ساٿِي…
- (وائِي) تُون تان سَنبَھُ سَوارو، ڪاڪِ…
- (وائِي) جِيءُ جِيارِئو جَنِ، سَڄَڻَ مانَ…
- (وائِي) رِڻُ پَسِئو روڇا ڪَرِيين، چانگا…
- (وائِي) سائِينءَ ڪارَڻِ سُپِرِين، مَيو تُون…
- (وائِي) مُومَلَ صَحِي پَسَندا، پَڙِهئا پَنِتَ…
- (وائِي) نيئِي نيئِي ڏيجِ اي اَدا،…
- (وائِي) ڏُورِ وَڃِئو ڏِينھَن لائي، ڪا…
سُر جا ٻيا داستان
رسالي جا ٻيا سُر
ھِن سُر جي راڳ بابت

سر راڻو ديسي راڳ آھي. ھن راڳ جي باري ۾ اھو چيو پيو وڃي تہ ھي کماچ، آساوري ۽ ڪافيءَ جي سُرن تي بيٺل آھي. ھن راڳ جي جاتي آڏو سمپورڻ ٿيندي آھي. رات جي پوئين پھر ۾ ھي راڳ ڳايو ويندو آھي.
راڻي راڳ جا سُر ھيٺينءَ ريت آھن.
آوروھ: سا، ري، ما، پا، ڌا، سا (صرف مڌم سر ”ما“ ڪومل ٿيندس)
آومروھ: سا، ني، ڌا، پا، ڌا، پا، ما، ري گا، ري، سا. (واپسيءَ ۾ نکاد ”ني“، مڌم ”ما“ ۽ گنڌار ”گا“ ڪومل سر لڳندس.)
وادي سُر: سا (کرج)
سموادي سر: ما (مڌم)
