نَڪو بابت
معنيٰ
نہ، ڪير بہ نہ.
No, not anyone.
بيتن ۽ وائين ۾
- نَڪو سُکُ نَکَٽين، نَہ ويساندِ نَئِين، جيڪا اَچي سامُهِين، ڀانيَين سا سَنئِين، مُوڙِيءَ ڪوھُ مَئِين، جِيئَن سَڄِيُون راتِيُون سُمَهين.[ سُر سريراڳ - توڪل، جاڳ سجاڳ ]
- ٻُڏِين تان ٻُڏُ، سُڪي جِي سانباھَ ۾، ڪَکَ ڪانڊيراَ ڪاٺِيُون، ميڙي ٻَڌُ مَ مَڏُ، نَڪو ساھَڙَ سَڏُ، نَہ ڪا سُڄي…[ سُر سھڻي - پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو ]
- دَھشَتَ دامَ دَرياھَ ۾، جِتِ جايون جانارَنِ، نَڪو سَنڌو سِيرَ جو، مَپُ نَہ مَلاحَنِ، دَرَندا دَرياھَ ۾، واڪا ڪِئو وَرَنِ،…[ سُر سھڻي - دھشت دام درياھَ ]
- ھِيءَ ڀَرِ ھِيءُ ھَنڌوسِ، ڪَوڙو ٿِيُسِ قَرِيبَ ري، روزُ ڏِھاڙِي راتِ کي، مَٿي پارَ پَنڌوسِ، عِشقَ جو عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، نَڪو…[ سُر سھڻي - تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن ]
- نَڪو سَنڌو سُورَ جو، نَڪو سَنڌو سِڪَ، عَدَدُ ناھِ عِشقَ، پُڄاڻِي پاڻَ لَھي.[ سُر سھڻي - تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن ]
- نَہ ڪانِيءَ نَہ ڪانھَنۡ، نَڪو ڏوھُ قَلَمَ جو، اَنگُ اُتي ئِي لِکِئو، جِتِ نَہ رَسي ٻانھَن، ڪَنھِن کي ڏِيان دانھَن،…[ سُر سھڻي - تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن ]
- پانڌِي پِرِيَنِ جو، اِي آئُون مان نَڪو پَسان، ڀينَرُ ڀِريِ اُسَھو، ڏُونگَرُ ڏورَڻُ اَسان، مُندائِتي مِينھَن جِيئَن، ويلو ويلَ ٿِي…[ سُر سھڻي - وايون ]
- ڏاتَرَ ڏاتَرَ ويندِي مُنڌَ ميھارَ ڏي، مَٿي لَھرِنِ ڳاٽُ، نَہ گهَڙي نَہ سُهڻِيءَ، نَڪو ڏوھُ ڪُنڀارَ، گُهرِءَ تُنھِنجي گهيڙيِ، آڻي…[ سُر سھڻي - وايون ]
- ٻَھَرِ ڪَڪَرُ نَڪو، اَندَرِ جُهڙُ جهورَ وَھي، وَسائِيندِي وِڄُڙي، حُبَ جَھِين کي ھوءِ، لالَڻُ جَنِي لوءِ، تَنِ اوڪاڻِيُون نَہ اَکِيُون.[ سُر سارنگ - ڌرتي ڍُري ]
- مومِنو ماتامُ واويلا، اَڄُ نَہ آيو اِمامُ، ھَئَي واويلا، دُلدُل گهوڙو گهوٽَ جو، مَٿِسِ لالَ پَلاڻِي، شيرَ شَهزادي لَڏِئو، سَيِّدَ…[ سُر ڪيڏارو - وايون ]
- پيھِي جانۡ پاڻَ ۾، ڪِيَمِ رُوحَ رِھاڻِ، نَڪو ڏُونگَرَ ڏيھَ ۾، نَہ ڪا ڪيچِنِ ڪاڻِ، پُنهون ٿِيَسِ پاڻِ، جانۡ سَسُئِي…[ سُر آبڙي - سڀ ڪجهہ سندي اندر ]
- آئُون نَہ گَڏِي پِرِينءَ کي، آيو عِزرائِيلُ، جوراڻي سين جيڏِيُون، نَڪو قالُ نَہ قِيلُ ، آيو مَوتَ دَلِيلُ، مارِيندو مُرادَ…[ سُر معذوري - نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ ]
- وِلاڙِيو وَڻين چَڙِهي، پَسو سَگَهہ سَندِياسِ، آڌِيءَ وَڃِيو آکُڙي، نَڪو پيءُ نَہ ماسِ، سوئِي سو سيڻاسِ، پَري پَڙاڏا ڪَري.[ سُر معذوري - نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ ]
- نَڪو ڪيچُ ڀَنڀورُ، نَڪو مائِٽُ مُنڌَ جو، ھُورُ مِڙيوئِي ھِنَ کي، ھوتَنِ ڪونِهي ھورُ، زارِيءَ ڌاران زورُ، ھَلي ڪونَہ حَبِيبَ…[ سُر ديسي - دانھُون ڪُوڪُون ]
- ڇورِي نِدورِي، نَڪو مائِٽُ مُنڌَ جو، سَوين ھَلَنِ ساٿَ ۾، ڪَمِي ۽ ڪورِي، آئُون اُنَهنِ ۾ آھِيان، لَنگِهي ۽ لورِي،…[ سُر ديسي - دانھُون ڪُوڪُون ]
- اَڃا ڪيچُ اَڳي ٿِئو، پيرَ نَہ لَھي پارِي، روئي ٿِي رِڃُنِ ۾، جَهلِئو وَڻَ ٽارِي، نَڪو جانِبُ جوءِ ۾، نَہ…[ سُر ديسي - دانھُون ڪُوڪُون ]
- نَڪو ڏوھُ ڏيرَنِ جو نَڪو پُنهون پَنگُ، ايرادي اللهَ جي، اَڳُ وَھايو اَنگُ، تيلاھِين ٻَڌِي تَنگُ، ڇُلي پيٺِيَسِ ڇَپَرين.[ سُر ديسي - ڏيرن ناھي ڏوھ ]
- حَقِيقَتَ ھِنَ حالَ جِي، ظاھِرُ ڪَرِيان ذَرِي، لَڳي ماٺِ مِرُنِ کي، ڏُونگَرَ پُونِ ڏَرِي، وَڃَنِ وَڻَ ٻَرِي، اوڀَرُ اُڀِري ڪو…[ سُر ڪوھياري - خودڪلامي ]
- نَڪو تَتو ڏِينھُن، نَڪو ليکو ئِي ٿِئو، تِھان اوري نِينھُن، ڇِنو آتَڻَ وارِيين.[ سُر حسيني - لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ ]
- وَسان تي ويياسِ، آيَلِ آيَلِ لَڳُمِ ٻاڻُ ٻَروچَ جو، آھي آرِيءَ آسِري، نَڪو پيءُ نَہ ماسِ، پُرِزا پَٻَ وَرَنِ ۾،…[ سُر حسيني - وايون ]
- سورَٺِ مُئِي سُکُ ٿِئو، خِيما کَنيا کَنگهارَ، نَڪو راڳُ نَہ رُوپُ ڪو، نَہ ڪا تَندُ تَنوارَ، مَٿو مَڱڻَھارَ، ڏِنو سِرُ…[ سُر سورٺ - ماتام ۽ موڪلاڻي ]
- تو تان سانگُ نَڪو، ماري مِيرُ وِڌوءِ، ھيڏو قَھَرُ ڪِئوءِ، مَولا جا مَڱڻا، ھادِيءَ جا مَڱڻا، توکي تَرسُ نَڪو، آيُون…[ سُر سورٺ - وايون ]
- لَڳِيءَ جو لَطِيفُ چئَي، قالُ نَڪو قِيلُ، لِکِئي ناڀُون کوڙِيُون، نيڻين وَھي نِيرُ، ھِينئَڙا ٿِيءُ سُڌِيرُ، ڪالَهہ قَرِيبَنِ لَڏِئو.[ سُر بروو سنڌي - صُورت فانِي ۽ مڙه مقام ]
- آدِمِيَنِ اِخلاصُ، مَٽائي ماٺو ڪِئو، ڪَڏِھِين کائي ڪو نَڪو، سَندو ماڻُهوءَ ماسُ، دِلبَرَ ھِنَ دُنِيا ۾، وَڃِي رَھندو واسُ، ٻِئو…[ سُر بروو سنڌي - دل جو دلبر ]
- ڪاڪِئا قاصِدُ آيو، راڻي پاسِ رَمِي، چَڙُھ مُحَّمَدَ مُصطَفيٰ، دوسِتَ دَمُ دَمِي، نَڪو خَوفُ خَطِرو، نَڪو غَمُ غَمِي، ڪونِهي ٻِئو…[ سُر راڻو - ڪاڪ قاصد ۽ آسڻ ]
- تُون تان سَنبَھُ سَوارو، ڪاڪِ ڪَھَندين ڪَڏِھِين، وَڃِي ھَڻَندَءِ اُتَھِين، جِتِ اوندَھِ اَنڌارو، نَڪو ساٿِي سُڃَ ۾، نَڪو رِڃُنِ ريٻارو،…[ سُر راڻو - وايون ]
- واڄَٽَ ويراڳِينِ جا، مُون وَٽِ وَڏو مالُ، مَقالان مَھِندِ ٿِئا، ڪِينِهي وَٽَنِ قالُ، نَڪو ماضِي مَنَ ۾، نَڪو اِستَقَبالُ، حاصِلُ…[ سُر رامڪلي - آءٌ نہ جِيئندي ان ري ]
- نَہ ڪِي کَڻَنِ پاڻَ سين، نَڪو ساڻُنِ پاڻُ، اِھَڙو جَنِ اُھڃاڻُ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.[ سُر رامڪلي - آءٌ نہ جِيئندي ان ري ]
- نانگو نَنگا نِڱِئو، تَنھِن نانگي نَنگُ نَڪو، نَہ ڪا ڇوٽِي ڪَڇَ ۾، نَڪِي ڌوتِئو ڌوءِ، راتِيان ڏِينھان روءِ، ڳالِهہ پَروڙِئو…[ سُر رامڪلي - ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي ]
- رامَڪَلِي دُکِئا ڪَھي، سُکِئا ڪَھي نَڪو، ڪو مِٽِيءَ ڪو مائِٽِيءَ، ڪو روچِيءَ کي روءِ، رامَڪَلِي سو ڪَھي، جَنھِن جي ڀاڳَ…[ سُر رامڪلي - آديسي ۽ مونا طور سينا ]
- پُٺا ڄَرَ ڄَرَ ڄَراٽِئا، مُنھَن کانيَنِ سِيءَ، مُوھِنَ مَڱَنِ بِکِئا، نَہ ڪا لَڄَ نَہ لِيھَ، بابُو بيکارِي ٿِئا، نَڪو پُٽُ…[ سُر رامڪلي - بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام ]
- ڪيھِي ڪامَ ڪاپَڙِي، ٿا اِھَڙِيءَ روشِ رَوَنِ، نَہ ڪا دِلِ دوزَخَ ڏي، نَڪو بِهشِتُ گُهرَنِ، نَڪو ڪَمُ ڪُفارَ سين، نَہ…[ سُر رامڪلي - الله، آدم، جوڳي ۽ سنياسي ]
- جِتي عَرشُ نَہ اُڀُ ڪو، زَمِينَ ناھِ ذَرو، نَڪو چاڙاھو چَنڊَ جو، نَڪو سِڄَ سَرو، اُتي آديسِيَنِ جو، لَڳو دَنگُ…[ سُر رامڪلي - الله، آدم، جوڳي ۽ سنياسي ]
- ڍولَڻَ دا مَينُون، سَلُوڻي دا مَينُون، اَوڳُڻَ بِيَ ڳُڻَنِ جيھا، آپُ نَہ آوي لِکُدا جونَھِين، نَڪو سارَ سَنِيھا، آئُون لِکَندِي…[ سُر رامڪلي - وايون ]
- مَنَ مُنڊائُون پييُون، مُون کي سامِيَنِ ساڻُ، نَہ ڪِي کَڻَنِ پاڻَ سين، نَڪو ساڻُنِ پاڻُ، پُرِئا پُورَڀَ پَنڌَ ڏي، ڄاڻِي…[ سُر پورب - وايون ]
- جکَري جِھو، نَڪو سَمُو سِنڌُ ۾، وائِي جَنھِن جي واتَ ۾، ڏِئو ۽ ڏِئو، اَلا اَچي ڪو، ڏَڏُ وَڏو ڏانُ…[ سُر بلاول - جکرو جوان ]
- اُڌَمِئو اوڙاھُ، لَکين وَھنِ واھُڙا، سَمي سَرو چِڪايو، پِيئي شاھُ گَدا، راھُوءَ جِي رِھاڻِ ۾، نَڪو ڊَپُ نَہ ڊاءُ، ھوتاڻِيءَ…[ سُر بلاول - مجوسِي، ڄام ۽ جادم ]
- رَڙي ريٻارِڻِ روءِ، واڙي پايو وَڇَڙا، کَرا ويڻَ کَنگهارَ کي، چَنچَلِ اُڀِي چوءِ، واڙي وَڇُ نَڪو، لاکو لوڙائِنُ سين.[ سُر ڏھر - لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ ]
- لوچان ٿِي لاحَدَ ۾، ھادِيءَ لَھان نَہ حَدُ، سُپيرِيان جي سُونھَن جو، نَڪو قَدُ نَہ مَدُ، ھِتِ سِڪَڻُ بي عَدَدُ،…[ سُر آسا - آئون، تُون، روزا نمازُون ]
- اَنا عَبدُ معبُودُ تُون، اِتِ شِرڪُ نَڪو شَڪُ، پَچارُون پِرِيَنِ جُون، مَحَبَتِيَنِ مَرَڪُ، سو سَڀوئِي حَقُ، جَنھِن ۾ پَسَنِ پِرِينءَ…[ سُر آسا - آئون، تُون، روزا نمازُون ]
- جَنِ وِڃايو وُجُودُ، سي فانِي ٿِئا فِي اللہِ ۾، نَہ قِيامُ نَہ قاعِدو، نَڪو ڪَنِ سُجُودُ، جيلاھَ ٿِئا نابُودُ، تيلاھَ…[ سُر آسا - آئون، تُون، روزا نمازُون ]
- نَڪو مُنھُن نَہ مُھاڙَ ڪا، نَڪو ڊيگهُہ نَہ ويلُ، اِيءُ اِھوئِي کيلُ، ڪُورُ پَرُوڙي ڪِينَ ڪِي.[ سُر آسا - کَرُ ۽ حوصلو حيرت ]
- نَہ ڪا ڪُن فَيَڪُون ھُئِي، نَڪو لِڱُ لَحَمُ، بَنِئو ھو نَہ بُتَ ۾، اَڃا ڪِي آدَمُ، مُون تَوِھِين سين سَڱُ،…[ سُر مارئي - ڪن فيڪون ۽ قيد ]
- نَہ ڪا ڪُن فَيَڪُون ھُئِي، نَہ ڪا مُورَتَ ماھَ، نَہ ڪا سُڌِ ثَوابَ جِي، نَڪو غَرَضُ گُناھَ، ھيڪائِي ھيڪُ ھُئِي،…[ سُر مارئي - ڪن فيڪون ۽ قيد ]
- جِھَڙو قَيدُ الماءِ ، تِھَڙو بَندُ نَڪو ٻِئو، جفَّ القلمُ بما هُوَ ڪائنٌ ، لَھي نَہ تِرُ تِئان، عُمَرَ تو…[ سُر مارئي - ڪن فيڪون ۽ قيد ]
- نَڪو ايرُ نَہ ڀيرُ، نَڪو اوٺِي آيو، مُون وَٽِ آيو ڪو نَڪو، پَرِئان ڀَري پيرُ، ڪِتابَتُون ڪيرُ، ڏِيندُمِ ڏيھايَنِ جُون.[ سُر مارئي - ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر ]
- نَہ خَبَرَ نَہ خُوابُ، نَڪو اوٺِي آيو، ھُتي جَي ھِتِ اَچِي، ڏِنو ڪونَہ جَوابُ، حَمِيرَنِ حِسابُ، ڪوھُ ڄاڻان ڪِيئَن ٿِئو.[ سُر مارئي - ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر ]
- سي ساھيڙِيُون سارِينِ تو، سَچُ جَنِي جو سِيلُ، نَڪو قالُ نَہ قِيلُ ، اُنِين جي اَدَبَ ۾.[ سُر مارئي - سونھن وڃايم سومرا ]
- مارُوئَڙا ٿَرَ جَهلَ، يااللهَ، مِينھَن وَسائِين گُوندَرَ لاھِين، نَڪو رائُرُ ڏيھَ ۾، نَہ ڪا جَهلَ نَہ پَلَ، سارِئو سانبِيَڙَنِ کي،…[ سُر مارئي - مارُن ريت، پنھوارن پاٻوھيو ]
- نَہ ڀُلِڪارَ نَہ ڀُلَ، نَڪو رائُرُ ڏيھَ ۾، آڻِئو وِجَهنِ آھُرين، روڙِئو رَتا گُلَ، مارُو پاڻِ اَمُلَ، مَلِيرونِ مَرَڪَڻُو.[ سُر مارئي - لوھ نير، مند مارُو ]
- ويڙِهِيچَنِ کي ٿِي واجهايان، ڀَلا ڄامَ، مان نَڪو، ميڙائي جو مِينھُن وَسي، عُمَرَ اُنَهِيءَ ڏيھَ جو، پانڌي روزُ پُڇايان، مَٿي…[ سُر مارئي - وايون ]
- نَہ ڪَنھِن ڄائو ڄامَ کي، نَڪو ڄامَ وِياءُ، نَنڍي وَڏي گَندَري، سَڀَ ڪَنھِن آھِ سِياءُ، لَمْ يَلِدْ وَلَمْ يُولَدْ ،…[ سُر ڪاموڏ - تڙ تماچِي آيو ]
- ھيڏِيءَ ويرَ ڪِئا، ڪِينجُهرَ ۾ باھِہ ٻَري، نَڪو تارو اُڀَ ۾، نَڪو چَنڊَ اُھاءُ، نَڪو وَرَنُ وِڄُ جو، نَڪو شَمسَ…[ سُر ڪاموڏ - تڙ تماچِي آيو ]