لَڳُمِ بابت
معنيٰ
مون کي لڳو، مون سان واسطو ٿيو، مون سان لڳو، مون سان جڙيو، مون سان کُتو.
To be applied, apply, be fixed, attached, be close, adjoin, touch, be employed, reach, close, appertain, join. (v. .a) Strike, taste.
بيتن ۽ وائين ۾
- پِرِيَنِ پيڪانُ پَڇَندئو، ٻَنگان ٻاڻُ ڀَري، ڇَمَڪِئو ڇوھَ مَنجهان، ڪَڙِڪَڙِ ڪانُ ڪَري، جيرا جِگرَ بُڪِيُون، لَنگهي پِئو پَري، جَو لَڳُمِ…[ سُر يمن ڪلياڻ - باھ ۽ ساڙو ]
- لَڳُمِ نِينھُن نِيَڻِ سين، آئُون ڪِ نَہ ڄاڻان اِيئَن، مُون ھِنيين سين ھِيئَنِ، اَئِين آرِيچا اُسَهو.[ سُر ديسي - دانھُون ڪُوڪُون ]
- ٻيُون سَڀَ سَڱِيڻِيُون سَرَتِيُون، مُون چُکَ سين چاءُ، اَندَرِ آھي ڳالِهڙِي، ڪوھِيارِي جِي ڪا، لَڳُمِ ذَرو واءَ، سَڄو سَڱُ نَہ…[ سُر حسيني - ٻاروچا، فراق ۽ وصال ]
- سُورَ پِہ ڀَتو ڀَتِ، ھِي چِڻِڪِئو ڪِي ٻِئو، پِريَتَڻِي پِرِيَنِ جي، ماءُ مُنجهايَمِ مَتِ، ڀينَرُ ڀَلِيءَ ڀَتِ لَڳُمِ ٻاڻُ ٻَروچَ…[ سُر حسيني - سُور ۽ ڏکن ماري ]
- لَڳُمِ ٻاڻُ ٻَروچَ جو، ڪَرَھا ٿِئا قَزاقَ، اَھُکِي جا اُٺَنِ کي، سا مَيَنِ پَوي مَ ماڪَ، اَکِيُنِ خوراڪَ، پَسَڻُ پَرَڏيھِيَنِ…[ سُر حسيني - سُور ۽ ڏکن ماري ]
- لَڳُمِ ٻاڻُ ٻَروچَ جو، وَسان ٿِي وِياسِ، پُرزا پَٻَ وَرَنِ ۾، پِٿُون ٿِي پِياسِ، توڻي ماءَ مُياسِ، تَہ پُڻ ڪاڍو…[ سُر حسيني - سُور ۽ ڏکن ماري ]
- لَڳُمِ ٻاڻُ ٻَروچَ جو، اَمَڙِ جَهلِ مَ مُون، روئِي رَڱِندِيَسِ رَتَ سين، ڪيچان اوري ڀُون، مادَرِ مَٿان مُون، ڪانگَ لَوَندا…[ سُر حسيني - سُور ۽ ڏکن ماري ]
- وَسان تي ويياسِ، آيَلِ آيَلِ لَڳُمِ ٻاڻُ ٻَروچَ جو، آھي آرِيءَ آسِري، نَڪو پيءُ نَہ ماسِ، پُرِزا پَٻَ وَرَنِ ۾،…[ سُر حسيني - وايون ]
- روئِي لاٿو مُون، جان جان ڏُکُ نَہ ھو ڏُونگَرين، وِئو ٻاروچو نِڪرِي، اللهَ آھِين تُون، ڪَھان تان ڪيچان پَري، وِھان…[ سُر حسيني - وايون ]
- آسَڻَ وَٽِ آھُون ڪَرِيان، وَسِ نَہ مُنھِنجي واتُ، لَڳُمِ لاھُوتِيَنِ جو، ڪِينَرَ مَنجهان ڪاتُ، ھَلَڻَ کي ھَيھاتُ، آئُون نَہ جِيئَندِي…[ سُر رامڪلي - آءٌ نہ جِيئندي ان ري ]
- راوَلُ رَھي نَہ راتِ، جيڏِيُون مُنھِنجو راوَلُ رَھي نَہ راتِ، ڪوھُ ڪَرِيندِيَسِ ڪانڌَ ري، وِھاڻِيءَ پِرِڀاتِ، مِٽَ نَہ مَعذُورِيَنِ جا،…[ سُر رامڪلي - وايون ]
- خَبَرَ ٿِئي کَرَنِ کي، تَہ مُون کي ڪَندا ڪوھُ، صُورَتَ سُپَيرِيَن جِي، ڏِٺي ڪو نَہ ڏوھُ، لورِي لَڳُمِ لوھُ، جَنھِين…[ سُر آسا - کَرُ ۽ حوصلو حيرت ]
- جِھَڙِي آيَسِ جِيئَن، تِھَڙِي وَڃان تَنِ ڏي، لالائِيءَ جَا لَطِيفُ چئَي، مُندين اُٺا مِينھَن، ٿِيَسِ ڪاڻِيارِي ڪانڌَ جِي، ھِتي اَچِي…[ سُر مارئي - بندياڻي واجهائي وطن کي ]
- آئُون بَندِياڻِي بَندَ ۾، مُونھِين پِئو بَندُ، ماڙِيءَ لَڳُمِ مِيهَڻُون، مُونھِين ڪَڙو ڪَنڌِ، مَران جَي ھِنَ ھَنڌِ، تَہ نِجاھُ مَڙُه…[ سُر مارئي - بندياڻي واجهائي وطن کي ]