سَنجهي بابت
معنيٰ
سج لھڻ سان، سويل، سوير، تمام جلدي، سنجهي مان، ساجهر.
Sun set, early, before night.
بيتن ۽ وائين ۾
- اُڀِرُ چَنڊَ پَسُ پِرِين، تو اوڏا مُون ڏُورِ، سَڄَڻَ سُتا وِلَهہ ۾، چوٽا ڀَري ڪَپُورُ، پيرين آئُون نَہ پُڄَڻِي، ٻاٻَلُ…[ سُر کنڀات - چنڊ ]
- چَنڊَ لڳنئِي مَنڊَ، سَنجهيئِي ٿو شِيخَ ٿِئَين، ڪَرِ اُونداھِي اَنڌَ، تَہ مِلان مَحبُوبَنِ کي.[ سُر کنڀات - چنڊ ]
- سُتين سَنجهيئِي، وِڄُ کِوَندِيَئِي ويسَرا، وِيرَ وَرِي ويئِي، اَسارَنِ، تان اوچِتِي.[ سُر سريراڳ - توڪل، جاڳ سجاڳ ]
- کيڙائُنِ کارو، سَنجهيئِي سارِئو، آيَلِ اُمارو، آھِينِ پَرِئين پارَ جو.[ سُر سامونڊي - سيءَ ۽ جهيڙا ]
- گَهرين جٖي گهارِينِ، سي ڪَمِيڻِيُون ڪُوڙِيُون، وِڃائي وَرِي آيُون، مَحَبتَ جُون مُوڙِيُون، جٖي سَنجهي سَنڀوُڙِيُون، ساھَڙُ تَنِي سَڏَ ڪَري.[ سُر سھڻي - سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري ]
- گهَرُ نَہ وَرُ نَہ وَٿُ ڪا، آھيمِ مَنِ ميھارُ، اِنَ اوسِيڙي اُٿِيان، سَنجهي ڪَري سِينگارُ، پِرِين تُنھِنجو پارُ، پَسان مان…[ سُر سھڻي - تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن ]
- ڪانڌَ تُنھِنجي پاندَ ري، سَنجهي سِيءَ مَران، ڪوڙيِين ڪَپاھَنِ ۾، پيئِي ٺارَ ٺَران، تارِيءَ تَنھِن تَران، جَنھِن وَرَ وِھاڻِيءَ ووڙِئو.[ سُر سارنگ - بادل نيڻ ۽ مينھن ]
- اَدا ڙي ڏوٿِي پُڇان تو ٿِي، ڪيچَ رَسَندِيَسِ ڪِيئَن، ڪو ڏَسُ مُون ڏي، نَہ آئُون سَمِي نَہ سُومَرِي، نَہ آئُون…[ سُر آبڙي - وايون ]
- جيڏِيُون جاجَڙَ لائِي، جِيءَ جَتَنِ سين، سا سَرَتِيُون سِيباڻِئامِ، تَنھِن جِيئَڻُ جالَ ڪِئومِ، مَھَرَ جا مَيَنَ جِي، سَنجهي ھَٿِ ھُيامِ،…[ سُر معذوري - وايون ]
- ڏيرَ ڏَمَرِجِي ھَلِئا، پائي اينڊَ پَلاڻَ، وِجِهي گورِبَندَ گُنگَنِ کي، ڏيئِي تَنگنِ تاڻَ، ڪارُون ڪِيَمِ ڪيتِرا، سَنجهي وِئا سَرواڻَ، پُنهون…[ سُر ديسي - ڏيرن جو ڏمر ]
- ساٿِيَنِ سَويرَ، آڻي اُٺَ اَويٽِئا، اِيئَن نَہ ڀانيُمِ جيڏِيُون، تَہ ڪا ڏاڍِي ڪَندا ڏيرَ، اُٿِيَسِ آئُون اَويرَ، وِئا سُڃَ سَنجهي…[ سُر ديسي - جت، اُٺ ۽ ڌاريا ]
- وِئا سُڃَ سَنجهي ڪَري، ڀينَرُ راتِ ڀِنِي، سُڌِ لَڏِيندي ساٿَ جِي، ڏيرَنِ ڪانَہ ڏِنِي، وِئَڙا سَڱُ ڇِنِي، ڏُکِي ڏولي ڏُونگَرين.[ سُر ديسي - جت، اُٺ ۽ ڌاريا ]
- ڪَري سُڃَ سَنجهي وِئا، اُٿِيَسِ آئُون اَويرَ، لَڙِيي سِڄَ لَطِيفُ چئَي، پيئي کَڻان پيرَ، ڀَلي ڏَمَرِئا ڏيرَ، جِنِ واري نِينھَن…[ سُر ديسي - جت، اُٺ ۽ ڌاريا ]
- اَدِيُون اُٺَ وِئا، مُنھِنجا نِيَرَنِ سُوڌا نِڪِرِي، ڪُنجُون ڪُلفَ اُنِ جا، سانڍَڻُ سُورُ ٿِئا، سَنجهي ھوتَ وِئا، صُبحِ ٻَڌُمِ سَندِرو.[ سُر ديسي - جت، اُٺ ۽ ڌاريا ]
- ناڪيلِيُون نَڪَنِ ۾ پاتائُون پَلاڻَ، لاٿائُون لَطِيفُ چئَي، سَندا ڏاگهَنِ ڏاڻَ، سَنجهي وِئا سَرواڻَ، آئُون پاڳوڙانِ پُڄِئو رُئان.[ سُر ديسي - جَت نہ مِٽَ ]
- ڏاگهَنِ لاھِين ڏاڻَ، اُٺَنِ ڏِين کَر کَرا، مُنا شِيشِي ڦُڙتَگا، پُستَ جَنِ پَلاڻَ، سَنجهي وِئا سَرواڻَ، مَين پُڻ ڀاڳو رَفتَگان.[ سُر ديسي - ٻروچڪي ٻولي ]
- ڦازا ڏيرَ ڦَگهين وِئا، اُٿِي اُٺَ نِياڻَ، بَکُ نَدِي ٿَي نِستِيا، پاتائُون پَلاڻَ، سَنجهي وِئا سَرواڻَ، مَين پُڻ ڀاڳو رَفتَگان.[ سُر ديسي - ٻروچڪي ٻولي ]
- مُون کي لَڳَڙِي آھِ لَغارَ، وو يارَ لُنءَ لُنءَ ۾ لالَڻَ جِي، ميخُون مَحَبتَ سَندِيُون، ھِينئَڙي مَنجِهہ ھَزارَ، جَڙَ جَنِي…[ سُر ديسي - وايون ]
- سَنجهي رَھَنِ سُمَهِي، غافِلِ مَنجِهہ گَهرَنِ، ليڙَنِ جو لَطِيفُ چئَي، ڪَرَ ڳَلُ سوءِ نَہ ڪَنِ، سي ڪوھُ پِرِين پَسَنِ، جي…[ سُر ڪوھياري - نِدورِي نِنڊ ]
- اِيءُ ڪَمُ ڪَمِيڻِيَنِ، جِيئَن سُتِيئَن پيرَ ڊِگها ڪَري، نِنڊان نِماڻِينُ کي، اوڀالا اَچَنِ، ليٽين ڪِيئَن لَطِيفُ چئَي، ھارِي ريءَ ھوتَنِ،…[ سُر ڪوھياري - نِدورِي نِنڊ ]
- سُتِيئَن سَنجهيئِي، مُنھُن ويڙِھي مُينُ جِيئَن، اوجاڳو اَکِيُنِ کي، ڄاتُئِي نَہ ڏيئِي، ھَٿان تو پيئِي، ٿِي ڪَچو ڪيچِيَنِ کي ڪَرِيين.[ سُر ڪوھياري - نِدورِي نِنڊ ]
- سَنجهي مُون نَہ سَنڀالِئو، تَہ ڪِي اوٺِي ڪَندا اِيئَن، ڪُھِي ڪَمِيڻِي ڪِيئَن، جَتَنِ راتِ جَڏِي ڪِي.[ سُر ڪوھياري - پڇتاءَ ۽ انومان ]
- سَنجهي مُون نَہ سَنڀالِئو، صُبحَ سارِئُمِ سُورَ، اَچِئو اوٺِيَڙَنِ جا، پَل پَل پَوَنِ پُورَ، جَتَنِ لَيءِ ضَرُورَ، گَهڻا گهارِئَمِ ڏِينھَڙا.[ سُر ڪوھياري - پڇتاءَ ۽ انومان ]
- سَنجهي مُون نَہ سَنڀالِئو، صُبحَ مارِيَسِ سُورَ، آڌِيءَ راتِ اُڌَمِئو، ڏينِ پَلِٽا پُورَ، جَتَنِ جي ضَرُورَ، مادَرِ مارِي آھِيان.[ سُر ڪوھياري - پڇتاءَ ۽ انومان ]
- سَنجهي مُون نَہ سَنڀالِئو، مارِيَسِ سُورَ صُبُوحِ، نيڻَ ھيرائي نِنڊَ سين جَتَنِ لَنگِهي جُوءِ، ھاڃو ڪَري ھُوءِ، آڌِيءَ اُوءِ اُٿِي…[ سُر ڪوھياري - پڇتاءَ ۽ انومان ]
- پُنهونءَ جي پاٻوھَ، آن جي ڏِنِي جيڏِيُون، سَنجهي ۽ صُبوحَ، ھُوندَ نَہ وِيانؤَ وِسَرِي.[ سُر حسيني - ڏورِڻ ۽ ڏسڻ ]
- ٻاروچو ٻِيءَ رُوءِ، جيڪُسِ ڏِٺو جيڏِيين، سَنجهي ۽ صُبُوحِ، ھُوندَ نَہ وِئَڙو وِسَرِي.[ سُر حسيني - ڏورِڻ ۽ ڏسڻ ]
- وَسان تي ويياسِ، آيَلِ آيَلِ لَڳُمِ ٻاڻُ ٻَروچَ جو، آھي آرِيءَ آسِري، نَڪو پيءُ نَہ ماسِ، پُرِزا پَٻَ وَرَنِ ۾،…[ سُر حسيني - وايون ]
- تُون ھَڏِ ڪُڄاڙِئا، سَنجهي سَعيو نَہ ڪَرِيين، سَوارا سَنڊَ کَڻِي، کاھوڙِي وِئا، آڻِيندين ڪِئان، ڏُٿُ ڏوراھين ڏيھَ جو.[ سُر کاھوڙي - ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر ]
- جاڳِي اَکَڙِيُنِ، تو اوجاڳو نَہ ڪِئو، اَکڙِيُون پِرِيَنِ کي، ٽَھَ ٽَھَ ڪِئو ٽِمَنِ، تُون اناسِي اوجَهرين، ھُوءِ ٿا ھوتَ ھَلَنِ،…[ سُر کاھوڙي - وايون ]
- اَسُکُ جَنِ اَويرَ، سي سَنجهي رَھَنِ سُمَهِي، لاھُوتِي لَطِيفُ چئَي آڌِيءَ ڏِينِ اُليرَ، اُٿِئو لوڪُ پَسي پَٽِ پِئا، سامِي مَٿي…[ سُر رامڪلي - بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام ]
- سَنجهي رَھَنِ سُمَهِي، وِچِينءَ ويٺا ھُونِ، آڌِيءَ راتِ اُٿِي ڪَري، راوَلَ رَتو رُونِ، وِھاڻِيءَ واٽنِ تي، پاسا کوڙِئو پُونِ، مَھيسِي…[ سُر رامڪلي - قوت ڪڙايا ۽ پوڄا ڪار ]
- جَي تُون اوڏَ طَلَبِيين، تِئان ھِتِ نَہ ڪوءِ، وِئا لاکي لوءِ، سَنجهي ٽَنگي ٽَنگِڙا.[ سُر ڏھر - لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ ]
- ڪا ھِنيَين سين لاءِ ڀورِي، ڪاھِنيين سين لاءِ، پَھِيُون تُنھِنجُون جِهرڪِنِ جَهٽِيُون، ٻِيُون اُڏايُون واءَ، اَرِٽُ پَسِي اوجَهرين، توکي سُمَهڻَ…[ سُر ڪاپائتي - وايون ]
- هيڪاندِيءَ حُضُورِ، جٖي گهَرِ گَهارِئَمِ ڏِينھَڙا، سيئِي سِڪان سارِيان، پَچان پائُرَ پُورِ، حَمِيراڻا هَٿَڙا، ڪِينَ مَڃِيندِيَسِ مُورِ، سَنجهي سَتِ گُذارِيان،…[ سُر مارئي - جھ سي لوڙائو ٿئا ]