جِھَڙو بابت
معنيٰ
جَھِڙو، وانگي، جيان، ھُوبَھُو.
Such as, in such manner as, according as, like, resembling.
بيتن ۽ وائين ۾
- تِھَڙا چالِيھا نَہ چالِيھَ، جِھَڙو پَسَڻُ پِرِينءَ جو، ڪِھَڙِي ڪاتِبَ تُون ڪَرِيين، مَٿي پَنَنِ پِيھَ، جَي وَرَقَ وَرائِيين وِيھَ، تَہ…[ سُر يمن ڪلياڻ - پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ ]
- تارا تيلِيءَ رُوءِ، لُڌا لالَڻَ اُڀِرين، جِھَڙو تُون صُبُوحِ، تِھَڙِي صافِي سَڄَڻين.[ سُر کنڀات - نيڻ ۽ تارا ]
- چوڏِينھَن چَنڊن اُڀِرِي، سَھِسين ڪَرِين سِينگارَ، پَلَڪَ پِريان جي نَہ پَڙين، حِيلَنِ ڪَرِين ھَزارَ، جِھَڙو تُون سَڀَ ڄَمارَ، تِھَڙِو دَمُ…[ سُر کنڀات - چنڊ ]
- آگَمَ اِي نَہ اَنگَ، جِھَڙو پَسَڻُ پِرِينءَ جو، سيڻَنِ ريءَ سَيِّدُ چئَي، رُوحَ نَہ رَچَنِ رَنگَ، سَھِسين ٿِئا سارَنگَ، جانِي…[ سُر سارنگ - آگمجڻ ]
- ڪيچان آيو قافِلو، ساٿَ ڌَڻِي سَرواڻُ، وارَ وَڍي وَڳُون ڪَرِيان، پُوئاھانِ پَلاڻَ، جِھَڙو پُنهون پاڻَ، تِھَڙِي سِٽا ساٿَ جِي.[ سُر ديسي - ڪيچان آيو قافلو ]
- ھُونگاَري ھَلِئا، پاتائُون پَلاڻَ، ليڙَنِ جُهُلون لاکَ جُون، سِينگارِئا سَرواڻَ، جِھَڙو پُنهون پاڻَ، تِھَڙِي سِٽا ساٿَ جِي.[ سُر ديسي - جت، اُٺ ۽ ڌاريا ]
- جَتا شالَ جِيو، جِيو ٿا جاڙُون ڪَرِيو، ٻانڀَڻِ کي ٻَروچَ ري، ٻيلِي ناھِ ٻِئو، ڇِنَڻُ تان نَہ پِئو، ھِيءُ سَڱُ…[ سُر ديسي - جَت نہ مِٽَ ]
- جَي ھُوندَ ڏِٺائُون وو جيڏِيُون، حالُ مُنھِنجو ھِھَڙو جِھَڙو، سو جي سومِ ڪَنَنِ سين، پَھُ جو ڪِئائُون، ٻانھُون ٻيلَ نَہ…[ سُر حسيني - وايون ]
- ڪوڙيِين ڪِيرَتِئا ھُئا، ڀَتو ڀَتِين ڀانَ، جَنِ ٿي ڳَڙَھان ٻاھَرِ ڳايو، ظاھِرُ ساڻُ زَبانَ، ھِيءُ مَنجِهہ پيٺو مَڱِڻو، اَپَرِ سين…[ سُر سورٺ - ڏنو سر ڏياچ ]
- گُلُ ڇِنُو گِرنارَ جو، ڌَٻِڪِي وِئا دُئارَ، ٻايُون دايُون ٻانِهيُون، پِٽِئو کَڻَنِ پَارَ، پَئِي رَھِئا پَٽَ ۾، سورٺِ جا سِينگارَ،…[ سُر سورٺ - ماتام ۽ موڪلاڻي ]
- جَو تو ڏِيَڻُ ڏِياچَ ڀانيو، اِيءُ سِرُ سَڀَڪو ڏي، ڪِي ناھِ جِھَڙو ني، جو سَنَدَ ٿِئي سُوالِيين.[ سُر سورٺ - ماتام ۽ موڪلاڻي ]
- ڪالَهہ گَڏِيوسُون ڪاپَڙِي، جِھَڙو ماھُ مُنِيرُ، فَيضُ فِراقُ فَقِيرُ، جوڳِي جاڳائي وِئو.[ سُر راڻو - خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر ]
- بابُو ڏِٺوسُون بَرَ ۾، جِھَڙو سِڄُ صُبُوحِ، راوَلُ رَچِي لالُ ٿِئو، جوڳِي مَنجهان جُوءِ، تَنھِن سامِيءَ سَندي سوجِهري، ٿِي حَيرِيَتَ…[ سُر راڻو - خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر ]
- زاغَ تُنھِنجي ذاتِ جو، ٿورو مَٿي مُون، اُڏامِجِ عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، صُبحِ سيڻَنِ ڏُونھُون، ڪَري وينَتِيُون وِتَرِيُون، ٻاجهائِجِ ٻَھُون، ”لالَڻَ ڪونَہ…[ سُر پورب - ڪانگ ]
- مُنھِن تَہ مُوسٰي جِھَڙو، عادَتَ ۾ اِبلِيسُ، اِھَڙو خامُ خَبِيثُ، ڪَڍِي ڪوھُ نَہ ڇَڏِيين.[ سُر آسا - ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو ]
- مُنھِن تَہ مُوسٰي جِھَڙو، سِيرَتَ شَيطانِي، بازِي بيرانِي، ڪَڍِي ڪوھُ نَہ ڇَڏِيين.[ سُر آسا - ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو ]
- آڏو جو اِثباتَ کي، سو شِرڪُ لاھي شَڪُ، ھِيءُ جَنھِن ۾ حَقُ، تَنھِن نَفِيءَ جِھَڙو ناھِ ڪِي.[ سُر آسا - من، گولو ۽ جنڊ ]
- پانڌِي سو مِڙئومِ، ھادِيءَ ھَٿُ ڏِنومِ، سائِين، سو سَچومِ مِيُون سو مِٺومِ، جَنھِن کي گهَڻو سارِيان، اَکَڻِ آيا سُپِرِين، ڪوڙيِين…[ سُر آسا - وايون ]
- جِھَڙو قَيدُ الماءِ ، تِھَڙو بَندُ نَڪو ٻِئو، جفَّ القلمُ بما هُوَ ڪائنٌ ، لَھي نَہ تِرُ تِئان، عُمَرَ تو…[ سُر مارئي - ڪن فيڪون ۽ قيد ]
- اُنَ نَہ مَٽيان پَٽِ، آئُون جَا ڪِرِڙَ ڪَپُورِ نَہ مَٽِيان، ويٺِي شالَ وِلوڙِيان، ڍولي پاسي ڍَٽِ پَکا پَکَنِ سامُھان، پيھِيُون…[ سُر مارئي - وايون ]
- آسَڻَ جَنِ اَريجَ ۾، اُوءِ کَپُرَ وِھَ کَري، مُنھُن مَلائِڪَ جِھَڙو، ٽِڪِرُ ڪِينَ ٽَري، جي ھيڪَرَ ڏَنگُ ھَڻي، تَہ جاءِ…[ سُر ڪارايل - سَر، اوطاقون ۽ نانگ ]
- جَنِ جُون اوطاقُون اَريجَ ۾، تَنِ وِھَ جو وَرَنُ کَرو، مُنھُن مَلائِڪَ جِھَڙو، ٽِڪرُ ڪِينَ ٽَرِئو، وَعدي جو نَہ وَرِئو،…[ سُر ڪارايل - سَر، اوطاقون ۽ نانگ ]
- سُتي اِنَ سَپَ جِي، ڪو ڇِتو ڇيڙَ ڪَري، ٽِڪِرُ ڪِينَ ٽَري، مُنھِن ملائِڪَ جِھَڙو.[ سُر ڪارايل - سَر، اوطاقون ۽ نانگ ]