Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر سارنگ جَي بادل نيڻ ۽ مينھن جو بيت
ماڻُهو مِرگهَہ مينھِيُون، سارَنگَ کي سارِينِ،
آرُون اَبُرَ آسِري، تاڙا تَنوارِينِ،
سِپُون جي سَمنڊَ ۾، نَيئن سِجِ نِھارِينِ،
پَلُرُ پِيارينِ، اُڃِيَنِ آبُ اَگوُندِروَ.
رسالن ۾ موجودگي: 77 سيڪڙو
گنج ۾، سرود سارنگ، بيت نمبر : 1809
مَارُوْ مِرْکَہ مٖيْھِيٌ سَارِنکَہ کٖيْ سَارِيْنِ﮶
آَرٌ اَبَرْ اٰسَرٖيْ تَارَا تَوَارِيْنِ﮶
سِپٌ جٖيْ سَمُنْڊَ م﮼ نَئٍى سِڃِ نَھَارِيْنِ﮶
پَلُرُ پِيَارِيْنِ اُڃِئَنِ آَبُ اَکُنْدِرُوْ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
माणुहू मिर्घ मेंहियूं। सारिंग खे सारीनि।
आरूं अबुर आसरे। ताड़ा तंवारीनि।
सिपूं जे समन्ड/समून्ड में। नेअं सिजि निहारीं।
पलुरु पियारीनि। उञियनि आबु अगूंदिरो।
ROMAN SINDHI
Marhun margh meinhon, saarang khy sareen,
Aron ubar asre, tarha tanwareen,
Sipon je samund mein, nein sijh nihareen,
Pilar piyaren, unyeen aab agondhar.
TRANSLATIONS
Human-beings, deer (wild animals) and buffaloes (i.e. domestic animals) remember and look for monsoon. The ducks look for clouds and quail chirp during rainy season. The oysters in ocean look for clouds (rain) on each day. O monsoon! make rain water available so that the nomads may utilize it and be comforted.
Men, deer's and buffaloes pant for rain,
Coots and rain quails for clouds eagerly wait,
Oysters in the ocean daily watch for it,
Let herdsmen drink rain water, that they may be fit.
Human being, deer buffaloes, all yearn for clouds,
Ducks look for clouds and quail chirp for rain,
Oysters in ocean yearn for raindrops every day,
(O God), Make water plentiful so that herdsmen may prosper.
يحتري ويذكر الأمطار الناس والغزلان والجوامس وتنتظر الغرة السحائب ويغرد الوقواق.
الاصداف فى البحر تنتظر وتتفرس فى السماء و تحدق إلى السماء.
أسق رعاة الغنم ماء المطر كي يرتاحون.
دیکھتی ہے صدف بوقتِ سحر
آسمانوں پہ ابر باراں کو
ایک سا انتظار ہے اس کا
آہوئے دشت اور انساں کو
ایک مدت سے ہے امید کرم
تشنہ مرغابیاں پراں کو
کوئلیں ہوگئیں ترنم ریز
دیکھ کر موسم در افشاں کو
کاش یہ پھر برس پڑے اک بار
سیر کر دے زمین ویراں کو
سب ہی یاد کریں سارنگ کو، پیاسے پنچھی انسان،
"آڑی" "تاڑے" ترس رہے ہیں، کب ہو بادو باراں،
پیاسی سیپ سمندر میں ہے، پل پل بوند کو حیراں،
بھردے تال تلیاں، تو خوش ہوں سب چرواہے۔
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) آءُ بادَلِيا ڪِجِ بينِتِي، ڪَونُ…
- (بيت) اَري بادَلِيا تُم اُتِ بَرسَ…
- (بيت) اَڄُ رَسِيلا رَنگَ، بادَلَ ڪَڍِئا…
- (بيت) اَڱَڻِ تازِي ٻَھَرِ ڪُنڍِيُونۡ، پَکا…
- (بيت) بادَلِيا تُم بِين ڪَرُون، سُورَجَ…
- (بيت) جِھَڙِي لالِي لاکَ جِي، تِھَڙِي…
- (بيت) سارَنگَ سارَ لَھيجِ، اللهَ لَڳِ…
- (بيت) سارَنگَ کي سَعيو، توکي سَعيو…
- (بيت) سارَنگُ سِينگاري، وِڄُون وَسَڻَ آيُون،…
- (بيت) سارَنگُ سِينگاري، وِڄُون وَٺِي آيُون،…
- (بيت) مُندَ ٿِي مَنڊَلَ وَڄَئا، ڳورِي…
- (بيت) مُندَ ٿِي مَنڊَلَ وَڄِئا، آيو…
- (بيت) مُندَ ٿِي مَنڊَلَ وِڄِئا، تاڙي…
- (بيت) مِينھان ۽ نِينھان، ٻَئِي اَکَرِ…
- (بيت) وَسي سارِي راتِ، صُبوحَ جو…
- (بيت) وَسَڻُ اَکَڙِيُنِ جان، جي تُون…
- (بيت) ڀَرِيائِين ڪُنَ ڪِراڙِ جا، وَٺو…
- (بيت) ڀِرِي ڀِٽَ تي آيو، سارَنگُ…
- (بيت) چِيھو چُکِيءَ ڪَنڌيين، ڪِئائِين گَڙنگَ…
- (بيت) ڏَڙَھ رِيا ريجَ ٿِئا، ڪِي…
- (بيت) ڪانڌَ تُنھِنجي پاندَ ري، سَنجهي…
- (بيت) ڪانڌَ تُنھِنجي پاندَ ري، سِيءَ…
- (بيت) ڪُڻِڪَن ڪانڌُ چِتِ ڪِئو، جُهڙُ…
- (بيت) ڪُڻِڪَنِ ڪانڌُ چِتِ ڪِئو، پَسِئو…
سُر جا ٻيا داستان
رسالي جا ٻيا سُر
ھِن سُر جي راڳ بابت

سارنگ راڳ جو جنم سنڌ جي قديمي ٺاٺ ڪافي مان ٿئي ٿو. ھي راڳ اوڍو ۽ کاڍو يعني پنجن ۽ ڇھن سرن جي روپ ۾ سرگم تي ٻڌل آهي. ھن راڳ ۾ گنڌار (گا) جو سر ناھي لڳائبو. ھن راڳ جو وادي سر رکب (ري) ۽ سم وادي سر پنچم (پا) آھي. سارنگ راڳ ۾ ڌيوت جو سر خلاصو ڪري استعمال ۾ آڻبو آهي. دکن جي گرنٿن ۾ ھن راڳ ۾ تيور گنڌار ۽ تيور مڌم جو استعمال ڏيکاريو آھي، پر ھي قانون ھند جي ڪنھن سنگيت يا قانون ۾ لاڳو ناھي. سنگيت پاريجات ۾ شڌ سارنگ ۾ ٻئي مڌم يعني (ما) ۽ (مي) ۽ ٻئي نکاد يعني (ني) ۽ (نا) پڻ راڳي لڳائيندا آھن. ھي مت بہ رواجن شڌ سارنگ جي استعمال ۽ راڳ جي شڪل ٺاھڻ کان غير رواجي ثابت ٿيندي .صحيح شڌ سارنگ جي شڪل ھندستان جي سنگيتڪار چتر پنڊت پنھنجي سنگيت ۾ ھن ريت ڏني آهي:
آروھي: سا، ري، ما، پا، ني، سا
آمروھي: سا،ڌا، ني، پا، ما، ري، سا
