Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر سامونڊي جَي ڳرڻ ۽ چنتا جو بيت
مُون جَهليندي نَہ رَھِيا، جيڪُسِ نِٻَرُ نِينھُن سَندومِ،
قادِرُ شالَ ڪَندومِ، ويجهِي وَڻِجارَنِ کي.
رسالن ۾ موجودگي: 25 سيڪڙو
سمجهاڻي
منھنجي محبت ئي ڪمزور هئي جو منھنجي جهلڻ جي باوجود منھنجا سڄڻ مون وٽ ڪونہ ترسيا. هاڻي قادر قدرت وارو ئي (ڪو اهڙو ڦيرو ڪري) جو مون کي انهن وڻجارن سان وري قريب ڪري. (باقي ٻئي ڪنھن جو وس ناهي).
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
मूं झलींदे न रहिया। जेकुस निब॒रु नींहुं संदोमि।
क़ादिरु शाल कंदोमि। वेझी वणिजारनि खे।
ROMAN SINDHI
Mowoon Jhaleindey na raheyaa, jekuss nibhar nenhun sandhom,
Qadir shaal kandwom, wejheye wannjaran khey.
TRANSLATIONS
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) اَچَنِ سِڙَه اُپَڙِئا، مَٿِنِ مُھاڻا…
- (بيت) اَچَنِ سِڙَه اُپَڙِئا، مَٿِنِ مُھاڻا…
- (بيت) اَچَنِ سِڙَه اُپَڙِئا، مَٿِنِ ڪَپَڙَ…
- (بيت) اُلوڙَڻُ نَہ ڏي، وَرُ وِڌائِين…
- (بيت) اُڀِيُون تَڙَ پُوڄِينِ، وَھُون وَڻِجارَنِ…
- (بيت) تَڙِينِ تَنوارِينِ، ماءَ سامُونڊِي آيا،…
- (بيت) جا جَرِ جاٽُون نَہ مَئي،…
- (بيت) جيڪُسِ نِٻَرُ نِينھُن سَندومِ، مُون…
- (بيت) جَرِ تَڙِ ڏِيا ڏي، وَڻَ…
- (بيت) جَنِي ڪارَڻِ مُون، تَڙَ پُوڄارا…
- (بيت) سَنِهي لَڪِ نَڪ سَنئين، ڪَجَلَ…
- (بيت) سِڙَه سُڃاڻِيو چوءِ، ماءَ سامُونڊِي…
- (بيت) لاڄُو ٿا لَمَنِ، اَچَنِ سِڙَه…
- (بيت) لاھِيان جٖي نَہ چِتان، اَلا…
- (بيت) لاھِيندا ئِي ڪَنِ، ڳالِهيُون ھَلَڻَ…
- (بيت) مُون کي جِيارِئو، پِرِيَنِ جِي…
- (بيت) وَڃيئِي وِسَرِي شالَ، جو تُون…
- (بيت) ٻيڙِيءَ جٖي ڀُڻَنِ، نِينھُن نَہ…
- (بيت) پَتَڻِ پوءِ پَچارَ، آن ڪي…
- (بيت) چِتان جٖي نَہ چُرَنِ، اَلا…
- (بيت) ڳِرِيو جَهلِيو روءِ، مَٿي مُهِري…
- (بيت) ھِي سَڄَڻَ اُھي ئِي، جٖي…
- (بيت) ھِينئَڙو ٻيڙِيءَ جان، ڏُتَڙِ پي…
سُر جا ٻيا داستان
رسالي جا ٻيا سُر
ھِن سُر جي راڳ بابت
سر سامونڊي جو تعلق سنڌي پرڪاش راڳ آھي ۽ ھن جي شڪل پوربي ٺاٺ سان ملي ٿي. آروھي ۽ آمروھي اوڏو سمپورڻ آھي يعني آروھيءَ ۾ پنج سر ۽ آمروھيءَ ۾ ست سر آھن. ڀٽائي جن جي راڳ کي راڳ وديا ۾ اھڙو تہ چالو ڏنو آھي جيڪو ھند جي ڏنل سنگيت سان ڪونہ ٿو ملي. انهيءَ ڪري شاھ جي سنگيت ۾ ان جو نالو ئي لطيفي چالو رکيو ويو آھي. وادي سر ”گنڌار“ ۽ سموادي سر ڌيوت راڳ جي آلاپن جو پھر شام کان رات تائين جو آھي.
ٺاٺ: پوربي
آروھي: سا گي مي پا ني سا
آمروھي: سا ني ڌا پا مني گي را سا
وقت (سمو) شام
(ذريعو: شاھ جو راڳ، سرگم وسيلي نئي تحقيق. تحقيق: استاد امير علي خان. ڇپائيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي)
