Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر معذوري جَي منڌ ۽ موت جو بيت
جِيئَڻان اَڳي جٖي جِيا، جُڳُ جُڳُ سي جِيَنِ،
موٽِي ڪِينَ مَرَنِ، مَرَڻان اَڳي جٖي مُئا.
رسالن ۾ موجودگي: 94 سيڪڙو
سمجهاڻي
جيڪي (سالڪ) ظاهري زندگيءَ ۾ هر لمحي کان اڳ حق کي ياد ڪري جيئن ٿا، سي هميشه لاءِ حيات آهن. ائين جيڪي ظاهري موت کان اڳ پنھنجي هستيءَ کي فنا ڪري ڇڏين ٿا، سي وري موت ڪونہ ڏسندا (اهي سدا حيات آهن)
[هن بيت ۾ عارفن جي عدم واريءَ حالت ڏانھن اشارو آهي، جنھن جو تصور مثنويءَ جي ڪيترن ئي بيتن ۾ ملي ٿو تہ اها عارفن ۽ سالڪن جي اصلي حالت آهي. گويا جڏهن هو ظاهري صفات مان نڪري ذات جي جھان ۾ پھچن ٿا. مثنويءَ جي هيٺين بيتن ۾ ان طرف اشارو آهي:
پيش ازين تن عمرها بگذاشتند،
پيشتر از کِشت بر برداشتند.
پيش از نقش جان پذرفتہ اند،
پيشتر از بحر دُرها سفتہ اند.
(دفتر دوم، 169 ۽ 70)
معنيٰ: هو ظاهري جسمن کان اڳ ڪيتريون عمريون گذاري چڪا آهن ۽هنن (دنيا ۾) فصل پوکڻ کان اڳ فصل کڻي ورتو آهي. هو ظاهري صورت کان اڳ روح واري حالت ۾ هئا، تڏهن هو (صفاتي) سمنڊ ۾ لهڻ کان اڳ (الاهي عنايتن جا) موتي لھي چڪا هئا.
ٻئي هنڌ اهڙن عارفن لاءِ رومي چوي ٿو:
سر بر آوردند باز از نيستي
که ببين مارا، اگر اکمه نيستي
تابداني در عدم خورشيد هاست
و آنچ اينجا آفتاب آنجا سهاست.
(دفتر پنجم ب 1016_17)
معنيٰ: اهي (عارف) وري فنا جي حالت ۾ ڪنڌ مٿي کڻي چون ٿا تہ اسان کي ڏس جيڪڏهن تون انڌو ناهين. تون سمجهي ڇڏ تہ عدم (اصلي جھان) ۾ ڪيترا سج آهن جن جي مقابلي ۾ هي سج هڪ ننڍڙي تاري مثل آهي.]
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود سسئي، بيت نمبر : 120
مَرَنَا اَکٖيْ جٖيْ مُئَا جُکُہ جُکُہ سٖيْ جِيَنِ﮶
مُوْٽِيْ ڪِيْنَ مَرَنِ مَرَنَا اَکٖيْ جٖيْ مُئَا﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
जीअणां अगे॒ जे जिया। जुगु॒ जु॒गु॒ से जीयनि।
मोटी कीन मरनि। मरणां अगे॒ जे मुआ।
ROMAN SINDHI
Jei'yaan aggeiy jey jiya, jug'g jug'g see jein,
Mot'ti kein maran'n, mar'an aggeiy jey mu'aa.
TRANSLATIONS
Whoso are enlivened before the Resurrection, and have attained to immortality by being assimilated in Allah, they shall remain alive for ever. They shall not die again as they have already died even before their scheduled time.
Those who lived before living, may they always live,
They do not die again, who died before they were to die.
جُگ جُگ جیندے رہندے اوہ جو ایتھے نا چھڈ جاندے
جو مر جاندے مرنوں پہلاں غیر کدی نا مردے
زندہ تھے جو حیات سے پہلے، سدا رہیں وہ حیات،
مرے جو موت سےپہلے، انہیں ہے کب پھر سے مرنا۔
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) اَجَلان اَڳي سَسُئِي، مُنڌَ جِيئَريائِي…
- (بيت) اُوچو اُتاھُون گهَڻو، جِيئَڻَ کي…
- (بيت) تو سامائي سَسُئِي، مَرَڻُ ڪِئو…
- (بيت) تو سَڱُ ساھَ کَڻڻَ سين،…
- (بيت) مَرَڻان اَڳي جٖي مُئا، سي…
- (بيت) مَرُ تَہ موچارِي ٿِيين، اَجَلان…
- (بيت) مَرُ تَہ موچارِي ٿِيين، جِيئَڻُ…
- (بيت) مَرُ تَہ موچارِي ٿِيين، ويھِي…
- (بيت) مَرُ تَہ موچارِي ٿِيين، ويھِي…
- (بيت) مَرِي جِيءُ تَہ ماڻِيين، جانِبَ…
- (بيت) پَرِ ۾ پَچِي پِرِينءَ کي،…
- (بيت) ٿورَ ويرَمِي ٿِيءُ، وَڃَڻُ ويرَ…
- (بيت) ھَٿين پيرين مُونَڙِيين پُري پَنڌُ…
- (بيت) ھَٿين پيرين مُونَڙِيين، سِرِجِ ساھِ…
- (بيت) ھَٿين پيرين مُونَڙِيين، ڪَھِجِ ڀَرِ…
- (بيت) ھَٿين پيرين مُونَڙِيين، ڪَھِجِ ڀَرِ…
- (بيت) ھَٿين پيرين مُونَڙِيين، ھَلِج ساڻُ…
