Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
ھِن بيت جا مُکيہ اِسم
- سُر کاھوڙي جَي سَپ، جهنگُ، ڪُتي ڪوڪار جو بيت
ويجهو وَڃُ مَ واٽَ کي، ڪَھِجِ ڏونھُن ڪُواٽَ،
اُجهِي مَنجهان آٽَ، اَويسِي ٿِي آءُ تُون.
رسالن ۾ موجودگي: 73 سيڪڙو
سمجهاڻي
تون عام (ڄاتل سڃاتل) واٽ (طريقت جي عام سلسلن) جي ذريعي نہ وڃ، بلڪہ تون ڏکي واٽ وارو سفر اختيار ڪر. تون ڏکي واٽ تان مُنجهي ۽ ڀُلي (هر صورت) اويسي (نسبت) واري واٽ وٺي اچ.
تصوف جي عام مشھور چئن سلسلن- قادري، سھروردي، چشتي ۽ نقشبندي- جي موجودگيءَ ۾ اويسي نسبت کي وڏي اهميت آهي، جو ان موجب غائبانہ محبت ۽ صداقت سان فيض ملي ٿو. جيئن حضرت اويس قرنيءَ کي يمن ۾ هوندي نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم کي ڏسڻ کان سواءِ روحاني فيض مليو هو.
[مثنويءَ ۾ روميءَ حضرت اويس قرنيءَ سان هن ريت عقيدت جو اظهار ڪيو آهي:
چون اويس از خويش فاني گشتہ بود،
آن زميني آسماني گشتهه بود.
(دفتر چهارم، ب-1830)
معنيٰ: جڏهن اويس پنھنجو پاڻ کان فاني ٿي (ذات ۾ باقي ٿيو) تہ هو خاڪي جسم هوندي هر وقت آسمان وارن (روحن) سان گڏ هو.]
ڀٽائي صاحب جو مخدوم مُعين ڏانھن اويسي سلسلي بابت پڇيل سوال ۽ ان جو جواب محفوظ آهي، جيڪو پهريون ڀيرو ڊاڪٽر بلوچ جي تحقيق جي نتيجي ۾ شايع ٿيل آهي.
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود کاھوڙي، بيت نمبر : 2377
وٖيْجُوْ وَڃُہ مَوَاٽَـکٖيْ ڪَھِجِہ ڎُوْہُ ڪُوَاٽَ﮶
اُجِيْ مَنجَا آَٽَ اُوَيْسِيْ ٿِيْ آَءُ تُنْ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
वेझो वञु म वाट खे। कहिजि डों॒हुं कुवाट।
उझी मन्झां आट। अवेसी थी आउ तूं।
ROMAN SINDHI
WeJho wanj'u ma waatt'a khe, kahej Doohun kuwatt'a
UJhee manjhan Aatt'a, awesi thi Aau toon.
TRANSLATIONS
Do not approach, much less pursue, the usual course (of Sharah). It should rather be the other way. If you cross the stage of self-annihilation, you shall automatically, (without receiving guidance), qualify yourself as the approved seeker.
Do not near beaten track, take the unconventional path,
Burning yourself in the fire of sufferings, become o waise.
دل کے سوز و گداز میں جلنا
ہر ثوابِ عظیم سے بہتر
محرمانہ غلط روی اکثر
جادۂ مستقیم سے بہتر
چھوڑ کے سیدھی راہ کو اب تو، ٹیڑھی راہ پہ چل،
اپنی آگ میں جل، بن کر، یار ، اویسی۔
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) اَچي پِئا آٽَ ۾، واٽَ…
- (بيت) تَحقِيقَ جِي ڀَرِي، مَٿي ريءَ…
- (بيت) جهنگَلِ ھَلِئا سي نَہ ڀُلئا،…
- (بيت) جَهنگَلُ آھيڙِيَنِ کي، ڀَنَڻُ ڪِئو…
- (بيت) جَهنگَلُ آھيڙِيَنِ کي، ڀَنَڻُ ڪِئو…
- (بيت) جَهنگُ کامِي پَٽُ ٿِئو، ويئِي…
- (بيت) سُونھَپَ ۾ سَپَ گَهڻا، مُنجَهڻُ…
- (بيت) مُئي ھاٿِيءَ سين مامِرو، اَچِي…
- (بيت) نَہ ڪُتا نَہ ڪُوڪارَ، نَہ…
- (بيت) وَرُ سا ڪارِي راتِ، جَنھِن…
- (بيت) ڏوري ڏِسِي ڏُونگَرين، واٽَ وِڃائِي…
- (بيت) ڪارِي راتِ اَڇو ڏِينھُن، اِيءَ…
- (بيت) ڪوڪَھِين جو، جَي ڪُتو ڪوٺائي،…
- (بيت) ڪُتي سُئِي ڪُوڪارَ، سُتي شِڪارِيَنِ…
- (بيت) ڪُپيرِئان پَري ٿِئا، اَٻُڌي ٻُڌائُون،…
- (بيت) ڪُپيرِيءَ ۾ پيرُ، ڪَنِي پاتو…
