Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر ڪارايل جَي سَر، اوطاقون ۽ نانگ جو بيت
جَنِ جُون اوطاقُون اَريجَ ۾، تَنِ جي وِھَ جو وَرَنُ ٻِئو،
جِنِ جي ڪَنڊي مان ڪَمُ ٿِئي، تَنِ جي ڦَڻِنِ ڀيرُ ٻِئو،
پُريَنِئُون پَڌِرو، تَنِ نانگَنِ جونِهو،
ڪِلي ويرَ ڪِھو، سَپَ کي سامُهُون ٿِئي.
رسالن ۾ موجودگي: 66 سيڪڙو
سمجهاڻي
اهي نانگ جن جي رهڻ جو هنڌ سڪل ۽ ٺوٺ زمين آهي، تن جي زهر جو نمونو بلڪل نرالو (وڌيڪ خطرناڪ ۽ موتمار) ٿئي ٿو. جيڪڏهن انهن جي سنهڙي هڏيءَ جي مٿان بہ پير اچي ويو تہ اها زهر وارو ڪم ڪري ٿي. اهڙا نانگ اصل کان وٺي بڻ بڻياد جي ڪري ڄاتل سڃاتل ۽ مشهور آهن. اهڙن وڏن زهريلن نانگن سان ڪير آهي جو ويڙه جي وقت مقابلو ڪري!
[مثنوي روميءَ ۾ پڻ جبل جي نانگن کي جدا ۽ خطرناڪ شمار ڪيو ويوآهي.
ليک درکهه مارهائي پرفن اند،
اندريم ماهيان را مي کشند.
(دفتر سوم، ب- 3593)
معنيٰ: جبلن ۾ عجيب خطرناڪ نانگ آهن، جيڪي سمنڊ جي مڇين کي بہ ماري کائين ٿا.]
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود ڪارايل، بيت نمبر : 3988
جَنِجِيٌ اُوْطَاقٌ اَرٖيْجَم﮼ تَنِجٖيْ وِھَجٖيْ وَرَنُ ٻِئُوْ﮶
جِنِجٖيْ ڪُنڊّٖيْمَا ڪَمُ ٿي﮼ تَنِجٖيْ ڤَنِنِ ڀٖيْرُ ٻِئُوْ﮶
پُرْيُنِئُوْ پَڌِرُوْ تَنِ نَانکَنِ جُوْ نِھُوْ﮶
ڪِلٖيْ وٖيْرَ ڪِھُوْ سَپَ کٖيْ سَامُهٌ ٿِي﮼﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
जनि जूं औताक़ूं अरेज में। तनि जे विह जो वरनु बि॒ओ।
जनि जे कन्डे मां कमु थिए। तनि जे फणिनि भेरु बि॒ओ।
पुर्यनिऊं पधिरो। तनि नांगनि जो निहो।
किले वेर किहो। सप खे सामुहूं थिए॥
ROMAN SINDHI
Jan joon oTaaQoon areej'a me, tan jee wih'a jo waran'u Biyo,
Jin je kanDHe man kam'u thiye tan je Phinnin bher'u Biyo,
Purenuoon padhro, tan naangan jonho,
Kilee weer'a kiho, sap'a khe samuhoon thiye.
TRANSLATIONS
They live in desert areas, and their venom has a peculiar trait. If some one happens to put his foot on a cobra, a mere gaze would be fatally effective against him. The pedigree of these snakes is well known all over the world. They are universally recognisable, who dare face these particular snakes when once they are engaged in a combat?
Why not enter the water deep for the pearls?
With the bank, Oh swan! you have no concern.
الأفاعي مساكنها فى الصحراء لون سمها مختلف.
شوكتها تفني وتهلك لو يدعس قد أي واحد عليها ( على الشوكة) جيل هذه الأفاعي معروف فى جميع البلاد.
من هو يقاتل مع الأفاعي. وقت القتال؟
جن کے جبڑے بھی زہر اگلتے ہیں
کون ایسوں کے سامنے جائے
دشمنِ زندگی ہیں کالے ناگ
کیا کوئی ان کو مارنے جائے
جن کے ریت میں بِل ہیں ان کے زہر کا رنگ عجب،
ہڈی پر بھی پیر پڑے تو، موت کا بنے سبب،
دُور سے ہی دنیا پہچانے، ان کا یار، نسب،
کون ہے ایسا اب، جو لڑے اور کرے مقابلہ۔
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) آءُ نانگَ ٻِرَنِئان نِڪِري، ھِيءَ…
- (بيت) آسَڻَ جَنِ اَريجَ ۾، اُوءِ…
- (بيت) اوطاقُون اَريجَ ۾، تَنِ سَنَها…
- (بيت) جَنِ جي واڇُنِئان وِھُ وَھي،…
- (بيت) جَنِ جُون اوطاقُون اريجَ ۾،…
- (بيت) جَنِ جُون اوطاقُون اَريجَ ۾،…
- (بيت) جَنِ جُون اوطاقُون اَريجَ ۾،…
- (بيت) سَرَ ۾ سانجِهيءَ وارَ، مورَنِ…
- (بيت) سَنَها ڀانءِ مَ سَپَ، سُڪا…
- (بيت) سَنَها ڀانءِ مَ سَپَ، وِياءَ…
- (بيت) سَپُ کَپُرَ سَڄا ڳِھي، نانگَ…
- (بيت) سُتي اِنَ سَپَ تان، جيڪو…
- (بيت) سُتي اِنَ سَپَ تان، جيڪو…
- (بيت) سُتي اِنَ سَپَ جِي، ڪو…
- (بيت) سِپَ موتِي پيٽَ ۾، ڪُڇي…
- (بيت) مَٿي جَهڙَ جَهڙِينِ، ٻيئِي ڪارايَلَ…
- (بيت) مُوران موٽَڻَ ميھَڻو، نُوڻِي نانگَ…
- (بيت) نانگَنِ سَندي نِجُهري، پيرُ پَرُوڙي…
- (بيت) نِيرَ وَرَنا نانگَڙا، اَڇا پيٽَ…
- (بيت) وِھُ ھَٿين وِھُ پيرين، وِھُ…
- (بيت) پھرِين ڪاري نانگَ جِي، ڇِرڪِئَلُ…
- (بيت) کَپُرَ گاروڙِيَنِ سين، وَڏو وِڌوءِ…
- (بيت) ڪاري ڪُرُ لَڄي، جي اَڻَ…
- (بيت) ڪوھُ جاڳايَئِي جِنجِرِي، سُتَلَ تو…
- (بيت) ڪَنھِن جاڳائِي جَنجِريِ، پاڻان پيرُ…
- (بيت) ڪَنھِن ڪَنھِن ڪارِيءَ ذاتِ کي،…
