وَرَنُ بابت
معنيٰ
مُنھن جو رنگ، رنگ، نمونو. چمڪاٽ.
Color of face, light, spark.
بيتن ۽ وائين ۾
- مُون تان لِڪائِي گهَڻو، روئَڻَ ڪِي روشَنُ، رَسِئو ريزالَنِ کي، زَردِيءَ مَنجهان ظَنُ، ويرِي مُون وَرَنُ، ڳالِهہ ڪِئائِين ڳُجَهہ جِي.[ سُر آسا - ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو ]
- ھيڏِيءَ ويرَ ڪِئا، ڪِينجُهرَ ۾ باھِہ ٻَري، نَڪو تارو اُڀَ ۾، نَڪو چَنڊَ اُھاءُ، نَڪو وَرَنُ وِڄُ جو، نَڪو شَمسَ…[ سُر ڪاموڏ - تڙ تماچِي آيو ]
- جَنِ جُون اوطاقُون اَريجَ ۾، تَنِ وِھَ جو وَرَنُ کَرو، مُنھُن مَلائِڪَ جِھَڙو، ٽِڪرُ ڪِينَ ٽَرِئو، وَعدي جو نَہ وَرِئو،…[ سُر ڪارايل - سَر، اوطاقون ۽ نانگ ]
- جَنِ جُون اوطاقُون اَريجَ ۾، تَنِ جي وِھَ جو وَرَنُ ٻِئو، جِنِ جي ڪَنڊي مان ڪَمُ ٿِئي، تَنِ جي ڦَڻِنِ…[ سُر ڪارايل - سَر، اوطاقون ۽ نانگ ]