Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر ڪارايل جَي پاڙون پاتار ۾ جو بيت
ڪَوَنرَ پاڙُون پَتارَ ۾، ڀَؤُنرُ ڀِري ۾ سُڃَ،
ٻِنهِي سَندِي ڳالِهڙِي، عِشقَ اِي اُھِڃَ،
تَہ پُڻ مَرَنِ اُڃَ، جي پِيو پِيَنِ پاڻَ ۾.
رسالن ۾ موجودگي: 80 سيڪڙو
سمجهاڻي
ڪنول جون پاڙون اونهي پاڻيءَ ۾ بلڪل زمين هيٺ آهن، پر ڀؤنر (ويچارو عاشق) گل کان مٿي اس ۽ هوا (واري ماحول) ۾ پيو گهمي ۽ چڪر ڏئي. ٻنهي جو ويجهو اچڻ (هڪ ٻئي کي ڳولي لھڻ) ئي منجهن عشق جي هجڻ جو وڏي ۾ وڏو دليل آهي. توڻي جو هو ٻيئي ان ريت هروقت محبت ۾ مست ۽ مگن آهن، پر سندن پياس پوري ٿيڻ واري ناهي (هنن جي سڪ ۽ اڪير ختم ڪانہ ٿي ٿئي)
[مثنوي روميءَ ۾ جتي ڪنول جي گل جو ذڪر آهي، اتي ڀؤنر جي بجاءِ اڃ جي بيماريءَ جو مذڪور ملي ٿو، جنھن کي رومي عشق جي انتھا ڪوٺي ٿو، ۽ اها ساڳي ڳالهہ هن بيت جي آخري سٽ ۾ آهي
همچو نيلوفر برو زين طرف جو،
همچو مستسقي حريص آب جو.
(دفتر سوم، ب- 3908)
معنيٰ: ڪنول جي گل وانگر نھر جي ڪناري تي اڀري بيھ ۽ اڃ جي مريض وانگر پاڻيءَ کي پيئڻ لاءِ هر وقت سرگردان رھ.]
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود ڪارايل، بيت نمبر : 3939
ڪُوْرَ پَارٌ پَاتَارَ م﮼ ڀُوْرُ ڀِرٖيْ م﮼ سُنڃَّہ﮶
ٻِنٍ سَندِيْ کَالَرِيْ عَشْقَ اِيْ اُهْڃَہ﮶
تَپُنْ مَرَنِ اُنڃَّہ جٖيْ پِيُوْ پِيَنِ پَانَم﮼﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
कऊंर पाड़ूं पातार में। भऊंरु भिरे में सुञ।
बि॒न्ही संदी गा॒लहड़ी। अश्क़ ई उहिञ।
त पणि मरनि उञ। जे पियो पियनि पाण में॥
ROMAN SINDHI
Kanwar parroon pataar'a me, bhaoonr'u bhire me sunj'a,
Binhee sandee ggaalhrree, ishQ'a ee uhinj'a,
Ta punn maran unj'a, je piyo piyan paann'a me.
TRANSLATIONS
The lotus plant has its roots deep in water. The Bumble Bee moves about in wilderness. The references to them serves as an illustration of love. Though both of them drink water (of love) as much as they can, yet their thirst (i.e. yearning) is not quenched. Their love is not satiable.
Lotus in deep waters bottom, bee flying in the air,
Symbol of love is the tale of these together,
Loves draught they both drink, yet their thirst is never quenched.
Lotus is rooted deep in the bottom, bumblebee flies in wilderness,
Both their amour is symbol of love,
Much as they drink, their thirst is not quenched.
جذور الزنابق فى قعر الأرض والفراشة تطير فى البراري.
كلاهما وراء العشق وهدفهما الغرام وهما يحتسيان ويرتشفان رشفات الحب ولاينطفئ ظمئهما وعطشهما.
دو دلوں کو قریب لاتے ہیں
فاصلے اور بڑھتے جاتے ہیں
پانی کی تہ میں ہیں کنول کی جڑیں
اور بھونرے فلک پہ گاتے ہیں
دونوں کی پیاس بجھ نہیں سکتی
پی کے بھی تشنگی سی پاتے ہیں
عشق کے راز ہیں انوکھے راز
کب کسی کی سمجھ میں آتے ہیں
جو بھٹکتا رہے کناروں پر
کنول کھلا تالاب میں، بھنورا اُڑا آکاس،
پریت کی ریت نرالی بھنورا، اڑ کر آیا پاس،
کبھی بجھے نہ پیاس، اک دوجے کے پیار سے۔
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) آءُ اُڏامِي ھَنجَڙا، سَرَ ۾…
- (بيت) اُڏَءُ آڏِتُ اُڀِرِئو، وانءُ وِھاڻِيءَ…
- (بيت) تان ڪِي ٻاٻِيھَلَ ٻولِ، سِيچاڻِي…
- (بيت) جارو ھِنيُون ڪارو ڪَري، لُڙَ…
- (بيت) جارو ھِنيُون ڪارو ڪَري، لُڙَ…
- (بيت) جارو ھِنيُون ڪارو ڪَري، پَکِيئَڙا…
- (بيت) جارو ھِنيُون ڪارو ڪَري، چِلُڙَ…
- (بيت) جيھَرَ لوڪُ جَهپَ ڪَري، اوھِيَرَ…
- (بيت) جِتي ھُئا ھَنجَڙا، اُتِ ٻَگها…
- (بيت) جِيئَن قَطَرُ چُڻِئو ڪُڙِه ڀَرِيين،…
- (بيت) سو پَکِي سو پِڃِرو، سو…
- (بيت) سَرَ اُھيئِي اَڳِئان، پَکِي پُونِ…
- (بيت) سَرَ سُڪي سالَ ٿِئا، ھَنجَ…
- (بيت) سَرَ ۾ پَکِي ھيڪِڙو، پاريڙِنِ…
- (بيت) سَرَ ۾ پَکِي ھيڪِڙو، پاريڙِينِ…
- (بيت) سَرُ وِڃايو سُرَھو، ڪُوڙَنِ ڪانيرَنِ،…
- (بيت) سِڄُ لَھي سانجِهي ٿِي، وَڻين…
- (بيت) سِڄُ لَھِي سانجِهي ٿِي، وَڻين…
- (بيت) ويٺو جِيئَن وِماسيين، حَيرَتَ پَئُہ…
- (بيت) ويٺو جِيئَن وِماسِيين، حَيرَتَ پَئُہ…
- (بيت) ويٺو جِيئَن وِماسِيين، حَيرَتَ پَئُہ…
- (بيت) ويٺو مَنجِهہ وِرگهَہ، لَڪِئو ٿو…
- (بيت) وِئا مورَ مَرِي، ھَنجُ نَہ…
- (بيت) ٻَگها ڪوھُ ٻُجَهنِ، تَہ سِپُنِ…
- (بيت) پَکِي پيھِي نِڱِئا، مَنجهان لِتَڙِنِ…
- (بيت) چَڙِھِي چَڪا سَرَ پارَ، جان…
- (بيت) ڪارايَلَ جي ڪوڏَ، مُون نَنگَرَ…
- (بيت) ڪارايَلَ مُياسِ، وَڻِ چَڙِهئو وايُون…
- (بيت) ڪَؤنران ڀَؤنرا رِڌِ، جَرَ ري…
- (بيت) ڪَسَنِ ۾ ڪوھُ ڦِرين، گَسَنِ…
- (بيت) ڪَوَنرَ پاڙُون پاتارَ ۾، ڀَؤُنرَ…
- (بيت) ھارِئا ھَنجَ ٻَگهَنِ سين، ڪِھَڙِي…
- (بيت) ھَنجَ سَدائِين ڏُٻِرا، پَکِي ٻِئا…
- (بيت) ھَنجَ مَ ميرو وَتُ، جان…
- (بيت) ھَنجَ مِڙيئِي ھَنجَ، ميرو مَنجِهنِ…
- (بيت) ھَنجَ نَہ قَيدِ ڪِجَنِ، مورَ…
- (بيت) ھَنجَ نَہ ھُلائِين، سَڄَڻَ نَہ…
- (بيت) ھَنجَنِ سين ھيڪارَ، جي ڳُڻُ…
- (بيت) ھَنجَنِ سَندِيءَ ھيرَ، مُون ڪِينجُهرُ…
- (بيت) ھِنَ پَٽَنِ تي پَدمَڻِيين، ٿي…
