ڀَرُ جي سنڌي معنيٰ
زور، سَتُ. جهَلَ، ٽيڪَ. آڌارُ، آسرو، ڀروسو، وسيلو. داٻُ، دٻاءُ، بارُ، وزن. ڀَراءُ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Force, source, rest, support, load.
ڀَرُ جا بيتن ۾ حوالا
سَرُ جو سَڃِئو، سَڄَڻين، ڀَرُ ڀيڏيءَ ڏيئِي،
تَنھِن ڪانَ ڪَرنگهَرُ ڪَپِئو، ڦَکَنِ سِينءَ پيھِي،
جيرا جِگرَ بُڪِيُون، پاساڙا ٻيئِي،
ويڄَنِئان ويئِي، ٿِي وَھِيڻِي سَڄَڻين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 4 ]
تَنھِن ڪانَ ڪَرنگهَرُ ڪَپِئو، ڦَکَنِ سِينءَ پيھِي،
جيرا جِگرَ بُڪِيُون، پاساڙا ٻيئِي،
ويڄَنِئان ويئِي، ٿِي وَھِيڻِي سَڄَڻين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 4 ]
ناسِيندي نَظَرُ، پھرِين ڪِجِ پِرِيَنِ ڏي،
قَمَرَ ڪَھِجِ قَرِيبَ کي، نِسَتُ ۽ نِٻَرُ،
ٻِئو ڀَروَسو نَہ ڀَرُ، اَکِيُون اَوَھانجي آسِري.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 2 ]
قَمَرَ ڪَھِجِ قَرِيبَ کي، نِسَتُ ۽ نِٻَرُ،
ٻِئو ڀَروَسو نَہ ڀَرُ، اَکِيُون اَوَھانجي آسِري.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 2 ]
ٻِئون گهِڙَنِ ڏِينھَن، ھِن ڀِنيءَ اوڏاھِين ڀَرُ،
مُندَ ڪَنَ اُڊَڪو نَہ ڪَري، جي ڪيرائي ڪَپَرُ،
جَسَنُ ڀانئي جَرُ، وِيندي مُنڌَ ميھارَ ڏي.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 22 ]
مُندَ ڪَنَ اُڊَڪو نَہ ڪَري، جي ڪيرائي ڪَپَرُ،
جَسَنُ ڀانئي جَرُ، وِيندي مُنڌَ ميھارَ ڏي.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 22 ]
ڪَچي ڪَٽُ نَہ جَهلِئو، ڀيلو سَھي نَہ ڀَرُ،
ھَٿين پيرين آڱُرِيين، ٻانھُنِ ڇڏِئو ٻَرُ،
ساھَڙَ سِگهو وَرُ، پييَسِ مُنھِن مَھِراڻَ جي.
[ سُر سھڻي، ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار، 17 ]
ھَٿين پيرين آڱُرِيين، ٻانھُنِ ڇڏِئو ٻَرُ،
ساھَڙَ سِگهو وَرُ، پييَسِ مُنھِن مَھِراڻَ جي.
[ سُر سھڻي، ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار، 17 ]
واقُفُ نَہ وَڻِڪارَ جِي، نَہ مُون ساڻُ سَمَرُ،
سَفَرَ جو سَيِّدُ چئَي، ڏاڍو سُڄي ڏَرُ،
جانِبَ ڌاران جيڏِيُون، ڀَروَسو نَہ ڀَرُ،
وِلِهِيءَ ڪَري وَرُ، رَسجِ رَھبَرَ راھَ ۾.
[ سُر آبڙي، واقف وڻڪار، وڏا وڻ، 6 ]
سَفَرَ جو سَيِّدُ چئَي، ڏاڍو سُڄي ڏَرُ،
جانِبَ ڌاران جيڏِيُون، ڀَروَسو نَہ ڀَرُ،
وِلِهِيءَ ڪَري وَرُ، رَسجِ رَھبَرَ راھَ ۾.
[ سُر آبڙي، واقف وڻڪار، وڏا وڻ، 6 ]
ھُئا لِيلان جا اَڳهيِن، مَٿي ماڙِيءَ ماڳَ،
چَئِي چَنيسَرَ چاڙِھي، لَکين ڏيئِي لاڳَ،
ٻِيُون راءَ ڀَرِ ڪَنبَنِ راڻيُون، ھِيءَ سوڀي مَنجِهہ سُھاڳَ،
جيلاھَ ڀَرُ ڏِنائِين ڀاڳَ، تي آيُسِ ڏَنءُ ڏُهاڳَ جو.
[ سُر ليلا، ھاڻي ويٺي رو، 13 ]
چَئِي چَنيسَرَ چاڙِھي، لَکين ڏيئِي لاڳَ،
ٻِيُون راءَ ڀَرِ ڪَنبَنِ راڻيُون، ھِيءَ سوڀي مَنجِهہ سُھاڳَ،
جيلاھَ ڀَرُ ڏِنائِين ڀاڳَ، تي آيُسِ ڏَنءُ ڏُهاڳَ جو.
[ سُر ليلا، ھاڻي ويٺي رو، 13 ]
مَڇُڻ ڀاڳَ ڀَرُ ڏيِين، ڪَتُ ڪَبَندِي آءُ،
جَڏھِن تَڏِھِين ماءِ، ڀِرَنِ ڀيرَمَ وارِيُون.
[ سُر ڪاپائتي، چائت ۽ محبت، 17 ]
جَڏھِن تَڏِھِين ماءِ، ڀِرَنِ ڀيرَمَ وارِيُون.
[ سُر ڪاپائتي، چائت ۽ محبت، 17 ]
ٻيڙِياتا ٻيئِي، تو نَہ ڦَٻَندِيُون ڳالِهيُون،
سَڄِيُون راتِيُون سُمَھين، ڀَرُ سُکان ڏيئِي،
سُڀا سَڀَيئِي، پارِ پُڇَندَءِ خَبَرُون.
[ سُر سريراڳ، توڪل، جاڳ سجاڳ، 14 ]
سَڄِيُون راتِيُون سُمَھين، ڀَرُ سُکان ڏيئِي،
سُڀا سَڀَيئِي، پارِ پُڇَندَءِ خَبَرُون.
[ سُر سريراڳ، توڪل، جاڳ سجاڳ، 14 ]
جِتي لَهِرِنِ لَکَ، ڪَنِ ڪَرڳَلُ پاڻَ ۾،
اُتي عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، رَبَ تُنھِنجِي رَکَ،
ڪُڄاڙو ڪَکَ، ڀَرُ جَهلِيندا ڀيڙِ جو.
[ سُر سريراڳ، جيون ۽ جھاز، 7 ]
اُتي عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، رَبَ تُنھِنجِي رَکَ،
ڪُڄاڙو ڪَکَ، ڀَرُ جَهلِيندا ڀيڙِ جو.
[ سُر سريراڳ، جيون ۽ جھاز، 7 ]
English Meaning
Force, source, rest, support, load.