نِڪِري جي سنڌي معنيٰ
ٻاهر ٿئي يا اچي، ظاهر ٿئي، اُڀري، اُوَءِ ٿئي، پرگهٽجي. نِبرجي، پورو ٿئي، پيدا ٿئي، اُپئجي، سرجي. روانو ٿي، راهي ٿي. وهي. ڌِڪارجي، تڙجي، لوڌجي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
To issue, go forth or out, be extracted, derived, produced, to set out, depart, to rise, spring, result.
نِڪِري جا بيتن ۾ حوالا
مَچُ مَنجِهين آھِ، ٻاھَرِ ٻاڦَ نَہ نِڪِري،
چورِ تَہ لَڳيئي چاھِ، کامَندَنِ کَٽِئو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 25 ]
چورِ تَہ لَڳيئي چاھِ، کامَندَنِ کَٽِئو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 25 ]
پِرِيَنِ پيڪانُ پَڇَندئو، ٻَنگان ٻاڻُ ڀَري،
ڇَمَڪِئو ڇوھَ مَنجهان، ڪَڙِڪَڙِ ڪانُ ڪَري،
جيرا جِگرَ بُڪِيُون، لَنگهي پِئو پَري،
جَو لَڳُمِ جِيءَ ذَري، تاڻِيان تِيرُ نَہ نِڪِري.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 8 ]
ڇَمَڪِئو ڇوھَ مَنجهان، ڪَڙِڪَڙِ ڪانُ ڪَري،
جيرا جِگرَ بُڪِيُون، لَنگهي پِئو پَري،
جَو لَڳُمِ جِيءَ ذَري، تاڻِيان تِيرُ نَہ نِڪِري.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 8 ]
اَڃا تو مَنجهان، ڪَکَ ڇُتي رَتُ نِڪِري،
مُنھَن ۾ مَحبُوبَنِ جا، ڪِيئَن جَهلِيندين گهاءَ،
تُون ھَڏِ ڪُڄاڙِئان، سِڪَڻَ جُون سَڌُون ڪَرِين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سِڪ ۽ عاشقي، 9 ]
مُنھَن ۾ مَحبُوبَنِ جا، ڪِيئَن جَهلِيندين گهاءَ،
تُون ھَڏِ ڪُڄاڙِئان، سِڪَڻَ جُون سَڌُون ڪَرِين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سِڪ ۽ عاشقي، 9 ]
ڪِي جَو ڪيڏاھِين، چانگو چَکِي آيو،
تاڻِئو تيڏاھِين، نيٽَ ڇِنايو نِڪِري.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 34 ]
تاڻِئو تيڏاھِين، نيٽَ ڇِنايو نِڪِري.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 34 ]
سِڪَ تُنھِنجِي سُپِرِين، اَندَرِ ٿِي اَجَهلَ،
ٻَڙَڪِئو ٻاھَرِ نِڪِري، کُوري کانئِي کَلَ،
ري سِيراھِيءَ سَلَ، مُون کي ڏِنا سَڄَڻين.
[ سُر سھڻي، تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن، 7 ]
ٻَڙَڪِئو ٻاھَرِ نِڪِري، کُوري کانئِي کَلَ،
ري سِيراھِيءَ سَلَ، مُون کي ڏِنا سَڄَڻين.
[ سُر سھڻي، تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن، 7 ]
ڪَڪَرَ ھُونِ نَہ ھُونِ مِينھُن منجهائِين نِڪِري،
سارِيو سُپَيرِيَن کي، لُڙِڪَ لَڙِيو پُونِ،
سي مَرُ رويو رُونِ، جَنِ مُسافِرَ سُپِرِين.
[ سُر سارنگ، ڌرتي ڍُري، 21 ]
سارِيو سُپَيرِيَن کي، لُڙِڪَ لَڙِيو پُونِ،
سي مَرُ رويو رُونِ، جَنِ مُسافِرَ سُپِرِين.
[ سُر سارنگ، ڌرتي ڍُري، 21 ]
ڪالُهون پوءِ پِرِينءَ کي، رَوئَي مَٿي راھَ،
وِيُسِ ٻاروچو نِڪِري، سُورَ چَکائي ساءُ،
گَهٽَ ۾ لَڳُسِ گهاءُ، لالَڻَ جو لَطِيفُ چئَي.
[ سُر ديسي، ڏيرن ناھي ڏوھ، 6 ]
وِيُسِ ٻاروچو نِڪِري، سُورَ چَکائي ساءُ،
گَهٽَ ۾ لَڳُسِ گهاءُ، لالَڻَ جو لَطِيفُ چئَي.
[ سُر ديسي، ڏيرن ناھي ڏوھ، 6 ]
سُتِيءَ پُونِ ڇِرڪَ، آيَلِ ٻاروچَنِ جا،
پُنهونءَ جي پيڪانَ جُون، راسِيُون مَنجهان رُڪَ،
ھَنيَمِ ھوتَ ڪِڙڪَ، لوچان لوھُ نَہ نِڪِري.
[ سُر ڪوھياري، اُڊڪا ۽ ايلاز، 8 ]
پُنهونءَ جي پيڪانَ جُون، راسِيُون مَنجهان رُڪَ،
ھَنيَمِ ھوتَ ڪِڙڪَ، لوچان لوھُ نَہ نِڪِري.
[ سُر ڪوھياري، اُڊڪا ۽ ايلاز، 8 ]
آتَڻِ چَونِمِ ڪَتُ، تاڻِيان تَندُ نَہ نِڪِري،
پاڻان روئِي رَتُ، چَرَکو مُون چِڪ ڪِئو.
[ سُر حسيني، ماءُ سان ڪلام ۽ ڪاوڙ، 12 ]
پاڻان روئِي رَتُ، چَرَکو مُون چِڪ ڪِئو.
[ سُر حسيني، ماءُ سان ڪلام ۽ ڪاوڙ، 12 ]
ڪَتان نَہ پُوڻِي، تاڻِيان تَندُ نَہ نِڪِري،
ويڇِي پييَنِ وِچَ ۾، ڪاڪِيُون ڪالُهوڻِي،
مُون سين ڇِنُوڻِي، جيڏِي جَتَ ڪَري وِئا.
[ سُر حسيني، ماءُ سان ڪلام ۽ ڪاوڙ، 16 ]