مَنْ عَرَفَ نَفْسَهُ فَقَدْ عَرَفَ رَبَّهُ جي سنڌي معنيٰ
”جنھن پنھنجي نفس (سندي پاڻ) کي سڃاتو، تنھن پنھنجي رب کي سڃاتو.“
(چيو وڃي ٿو تہ اھا حديث آھي، پر ان جا ڪي مستند دليل نہ ٿا ملن، ھا پر سلوڪ جي رستي ۾ ھي عام جملو واپرايو ويندو آھي.)
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
"He who knows his self knows his Lord."
(It is said to be a Hadith, but reliable sources are not available, but this quote is always used in Tassawuf."
مَنْ عَرَفَ نَفْسَهُ فَقَدْ عَرَفَ رَبَّهُ جا بيتن ۾ حوالا
پُنهون ٿِيَسِ پاڻِهين، وِئو سَسُئِيءَ جو سِينگارُ،
مَنْ عَرَفَ نَفْسَهُ فَقَدْ عَرَفَ رَبَّهُ ، اِھوئِي آچارُ،
وِندُرَ مَنجِهہ واپارُ، سو سودو سَرِئُسِ ھِتَھِين.
[ سُر آبڙي، سڀ ڪجهہ سندي اندر، 5 ]

عِشقَ جي عَمِيقَ مان، چُڪو چَکِيائِين،
وِھَڻُ تَنھِن وِھُ ٿِئو، گهَرُ ٻارُ گهورِيائِين،
الاللهَ آسَڻُ ڪَري، سَرِيرُ سوجِهيائِين،
مَن عَرَفَ نَفسَهُ فَقَد عَرَفَ رَبَهُ ، ڏيلا ڏِٺائِين،
پِرِتان پِيتائِين، مَنجهان سِڪَ ساھَڙَ کي.
[ سُر سھڻي، جيئري، ساھڙ ڌاران، 20 ]

عاشِقَ شَھَرَ فَقِيرَ، دَرِ دَرِ ھَڻَنِ سَينَ،
مَنْ عَرَفَ اَللهَ ڪَلَّ لِسانُهُ ، اِھَڙائِي اَمِينَ،
جِتي پَسَنِ ڪِينَ، تِتي ڪَرِينِ تَڪِيو.
[ سُر رامڪلي، سڳا سيلهيون ۽ نااميدي، 10 ]

جَي تُون ٿِيين اللهَ جو، تَہ عالَمُ سَڀَ سَندوءِ،
مَنْ لَّہٗ الْمُوْلٰی فَلَہٗ الْڪُلُّ ، پِرِيَنِ پاڻَ اُتوءِ،
ڪَپَرُ ڪِينَ ڪَندوءِ، وانءُ لهِرِنِ گَڏِيو.
[ سُر سريراڳ، توڪل، جاڳ سجاڳ، 17 ]

گِهڙِي گهَڙو ھَٿِ ڪَري، ٻَھُون نِھاري ٻَنگُ،
وَ اَمَّا مَنْ خَافَ مَقَامَ رَبِّهٖ ، اِيءُ لَنگِهيائِين لَنگهُہ،
سِڪَندِيَنِ کي سَيِّدُ چئَي، ڪِينَ جَهلِيندو جَهنگُ،
راتِ جَنِي جو رَنگُ، اللهَ سي اُڪارِئين،
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 14 ]

جَڏھِن ڪُن فَيَڪُون ، نِيو آرِياڻِيءَ اَرواحُ،
اَنگُ اَڳھَيِن لِکئِو، مُنھِنجو مِيثاقا،
مَنْ طلَبَ شَیئاً وَ جَدَّ وَجَدَ ، اُتو عَلِيءَ شاھَ،
اَڃا ھِنَ حَدِيثَ جو، مُون کي آسِرو آھِ،
پُنهونءَ جي پَيغامَ تان، مُنھِنجو مَوتُ مُباحُ،
سَرَتِيُون دُعا ڪِجا، مَنَ ميڙائو مُون ٿِئي.
[ سُر ديسي، اوٺي اُٻھرا، 1 ]

وِھَندَنِ کي ويڪَ ٿِئي، ھُوندَنِ ڪونِهي ھَنڌُ،
مَنْ لَهُ الَموليٰ فَلَهُ الڪُلُ ، اِيءُ پَرُوڙِجِ پَنڌُ،
[ سُر رامڪلي، سڳا سيلهيون ۽ نااميدي، 9 ]

الِفَئُون آديسِيَنِ کي، سَدا سُورَ چُرَنِ،
اَندَرِ تَنِ آديسَ جا، مَحَبتَ مَچَ ٻَرَنِ،
اُلُفَتَ عَزِيرِي ناھِ ڪا، نَڪِي جَهنگِ ھَلَنِ،
اَللهُ لَطِيفٌ بِعِبَادِهِ يَرْزُقُ مَنْ يَشَاءُ ، آيَتَ اِيءَ پَڙَهنِ،
سَناسِي سَهڙَنِ، گُرَ کي گَڏِئا ڪاپَڙِي.
[ سُر رامڪلي، ٽيھ اکري، 29 ]

مُونا طُورُ سِيناءَ ، سَندا سَناسِيَنِ،
سَجِدَہ گاھَ سامِيين، گوڏا گودَڙِيَنِ،
فَڪَانَ قَابَ قَوْسَيْنِ أَوْ أَدْنَىٰ ، ٿا نانگا اِيئَن نَوَنِ،
اللَّهُ وَلِيُّ الَّذِينَ آمَنُوا يُخْرِجُهُم مِّنَ الظُّلُمَاتِ إِلَى النُّورِ ، اِھَڙِيءَ پُرِ پُرَنِ،
وَخَرَّ مُوسَىٰ صَعِقًا جوڳِي جُنگَ جَلَنِ،
ڪُلُّ مَنْ عَلَيْـهَا فَانٍ ، باقِي ڪِينَ پَچَنِ،
مَا زَاغَ الۡبَصَرُ وَمَا طَغٰى ، اِھَڙِي رَوِشَ رَوَنِ،
مُشاھِدو مَحبُوبَ جو، اُتي آديسِيَنِ،
بِى يَسْمَعُ وَ بِى يُبْصِرُ ، بِي وِصالِ وِھَنِ،
بي يَمشِي وَ بي يَنطِقُ ، ٿا ايھِيءَ چالِ چَلَنِ،
سَيِّدُ چئَي سَندِيَنِ، تُون ڪَلَ پُڇين ٿو ڪِھَڙِي.
[ سُر رامڪلي، آديسي ۽ مونا طور سينا، 1 ]