سِڪَ جي سنڌي معنيٰ
محبت، حُب، هيج، پِريت. اڪير، آس. ڇِڪَ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Liking, love, desire fro, eagerness. Longing after, yearning.
سِڪَ جا بيتن ۾ حوالا
مَنجهان سِڪَ ساھَڙَ کي، پِرِتان پِيتائِين،
تُرَھي سَندِي تارِ ۾، رِٿَ نَہ رَکِيائِين،
ٻَنڌَڻَ جٖي ٻَڌَڻَ جا، سَڀَ ڇِڪِيءَ ڇِنائِين،
دَرياھُ سَڄو دَمَ ۾، لَنئُن سين لَنگهِيائِين،
پِرِتان پيتائِين، مَنجهان سِڪَ ساھَڙَ کي.
[ سُر سھڻي، جيئري، ساھڙ ڌاران، 21 ]

جَي سِجهائِي سِڪَ، تَہ پُڻ سِڪي سِڪَ کي،
پِيتائِين پُنُوھَ کي، ھَڏِ نَہ ڀَڳِيَسِ ھِڪَ،
اِنَ تَڙَ مَنجهان تِڪَ، ڏِني پاڻَ اُڃَ ٿِئي.
[ سُر آبڙي، ويھُ مَ مُنڌ، 3 ]

سَسُئِي سَڄِيائِي سِڪَ، تَہ پُڻ سِڪي سِڪَ کي،
سَڄُئِي پيتائِين پُنُوھَ کي، ھَئَي نَہ ڀَڳِيَسِ ھِڪَ،
اِنَ تَڙَ مَنجهان تِڪَ، ڏِني اُڃَ نَہ لَھي.
[ سُر آبڙي، ويھُ مَ مُنڌ، 4 ]

سِڪَ سِڪائي سِکُ، سِڪَ نَہ آھي سُٿِرِي،
لِڪَ لِڪوٽِيءَ لِڪُ، تَہ خَبَرَ ٿِئي نَہ کَرَنِ کي.
[ سُر آسا، کَرُ ۽ حوصلو حيرت، 2 ]

سِڪِي جانۡ سُتِياسِ، تانۡ سِڪَ سُمَهڻ نَہ ڏي،
جاڳِي سُتِيسَ جَنِ لاءِ، سي آيا تان نَہ اُٿِياسِ،
ڀينَرُ آئُون ڀُلِياسِ، نَہ تَہ سِڪَ سُمَهڻُ ڇا لَڳي.
[ سُر ديسي، جبل ڏي نہ جواب، 12 ]

ھَلَندي ھوتَ پُنهونءَ ڏَي، کُھِجَنِ ڪي کوٽِيُون،
پَھَڻُ تَنِي پَٽُ ٿِئو، جٖي لَئي لالَڻَ لوٺِيُون،
سَڀَ سھَيلِيُون سِڪَ کي، چُنجِهيُون ۽ چوٽِيُون،
ٻانڀَڻِ ٿِي ٻوٽِيُون، تَہ ڪُتا کينَئِي ڪيچَ جا.
[ سُر معذوري، ڪتا ۽ ڪوھ، 1 ]

عاشِقُ عَزازِيلُ، ٻِئا مِڙَئِي سَڌَڙِئا،
مَنجهان سِڪَ سَبِيلَ، لَعنَتِي لالُ ٿِئو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 11 ]

عاشِقَنِ اللهَ جِي، مَحَبتَ رَکِي مَنِ،
سَندِي سِڪَ پِرِيَنِ، تَنَ ۾ آھي تَنِ کي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سِڪ ۽ عاشقي، 3 ]

سِڪَ وَڏو ئِي سُورُ، مَحَبتَ وَڏو مامِرو،
اَٺَئِي پَھَرَ مَلُورُ، سَگهو ساعَتَ نَہ جِندَڙو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سِڪ ۽ عاشقي، 13 ]