سِڪَڻَ جي سنڌي معنيٰ
اُڪنڊجڻ، واجهائڻ، تڪڻ. حرص ڪرڻ. آس ٿيڻ. خواهش مند ٿيڻ، گهرجائو ٿيڻ، ضرورتمند ٿيڻ.
ذريعو:جامع سنڌي لغات
English Meaning
To covet, wish, long, to be in a state of desire, yearn.
سِڪَڻَ جا بيتن ۾ حوالا
سُورِي سَڏُ ڪَري، اُڀِي عاشِقَنِ کي،
اَٿيئِي سَڌَ سِڪَڻَ ۾، تَہ ڪَھُ مَ پيرُ پَري،
سِسِي ڌارَ ڌَري، پُڇِجِ پوءِ پِريَتڻُون.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 4 ]
اَٿيئِي سَڌَ سِڪَڻَ ۾، تَہ ڪَھُ مَ پيرُ پَري،
سِسِي ڌارَ ڌَري، پُڇِجِ پوءِ پِريَتڻُون.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 4 ]
سُورِيءَ تي سَئو وارَ، ڏِھاڙِئو چَنگِ چَڙھين،
جِمَ وِرِچِي ڇَڏِيين، سِڪَڻَ جِي پَچارَ،
پِرتِ نَہ پَسِين پارَ، نِينھُن جِئائِين نِڱِئو.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 7 ]
جِمَ وِرِچِي ڇَڏِيين، سِڪَڻَ جِي پَچارَ،
پِرتِ نَہ پَسِين پارَ، نِينھُن جِئائِين نِڱِئو.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 7 ]
سِڪَڻَ وارِنِ سُٿِرو، جَي دَھشَتَ سان دَرياھُ،
اوڙَڪِ اُنِهين جو نَہ رَھي، آرَ بِنان اَرواحُ،
وِيندي ساھَڙَ سامُهيُون، صَدِقو ڪَندِيُون ساھُ،
جِنِ کي حُبَ اُنِهين جِي آھِ، ساھَڙُ ساڻِي تَنِ جو.
[ سُر سھڻي، آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار، 3 ]
اوڙَڪِ اُنِهين جو نَہ رَھي، آرَ بِنان اَرواحُ،
وِيندي ساھَڙَ سامُهيُون، صَدِقو ڪَندِيُون ساھُ،
جِنِ کي حُبَ اُنِهين جِي آھِ، ساھَڙُ ساڻِي تَنِ جو.
[ سُر سھڻي، آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار، 3 ]
راتِ ڏِٺائِين روجَهہ، ڀانءِ ڪِ اوٺِي آيا،
پِريَتَڻي پِرِيَنِ جي، سِڪَڻَ ڪِي سَٻوجَهہ،
ھُئِي گهَڻو اَٻوجَهہ، سُورَنِ سُونھائِي سَسُئِي.
[ سُر ديسي، واٽُون ۽ سُور، 2 ]
پِريَتَڻي پِرِيَنِ جي، سِڪَڻَ ڪِي سَٻوجَهہ،
ھُئِي گهَڻو اَٻوجَهہ، سُورَنِ سُونھائِي سَسُئِي.
[ سُر ديسي، واٽُون ۽ سُور، 2 ]
مُون نَہ پَروڙِئو ماءُ تان ڪا ھيڏِي ھوتَ ڪَندا،
ٻاروچا ڪوھِيارا،
اَنگهُنِ چاڙِھي اَنگُڙاَ، ڪَھِي ڪيچِ وِئا،
سُڌِ نَہ اُنِ کي سُورَ جِي، سِڪَڻَ آيو ساءُ،
موريسَرَ اَکِيَنِ ۾، تيلاھِين پِئا،
آئُون ٿِي ڏُونگَرَ ڏورِيان، وِئَڙُمِ ھوتُ ھَٿان.
[ سُر حسيني، وايون، 15 ]

جَا عُمَرَ تو مُلِ عِيدَ، سا اَسان سُوءَ وَرَتِي سُومَرا،
ويئِي ويچارَنِ وِسَرِي، خُوشِي ۽ خَرِيدَ،
سِڪَڻَ ڪِئا شَھِيدَ، مارُو جٖي مَلِيرَ جا.
[ سُر مارئي، سَوڙ سمهڻ، مينڍا ڌوئڻ، 11 ]
ويئِي ويچارَنِ وِسَرِي، خُوشِي ۽ خَرِيدَ،
سِڪَڻَ ڪِئا شَھِيدَ، مارُو جٖي مَلِيرَ جا.
[ سُر مارئي، سَوڙ سمهڻ، مينڍا ڌوئڻ، 11 ]
سِکو سِپُنِ کان، سَرَتِيُون رِيتِ سِڪَڻَ جِي،
مَڱَنِ جَرُ مَٿان، اوري ڪَنِ نَہ آسِرو.
[ سُر مارئي، مارئي ملير جي ستي سيل، 5 ]
مَڱَنِ جَرُ مَٿان، اوري ڪَنِ نَہ آسِرو.
[ سُر مارئي، مارئي ملير جي ستي سيل، 5 ]
جان عاشِقَ مَٿي رَتُ، تان دَعويٰ ڪَري مَ نِينھَن جي،
سائو مُنھُن سُونھَن ڳَئِي، سِڪَڻَ اِيءُ شَرَطُ،
نَڪِي گوڏِ گَرَٿُ، مَٿان سِرَ سودا ڪَري.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سِڪ ۽ عاشقي، 8 ]
سائو مُنھُن سُونھَن ڳَئِي، سِڪَڻَ اِيءُ شَرَطُ،
نَڪِي گوڏِ گَرَٿُ، مَٿان سِرَ سودا ڪَري.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سِڪ ۽ عاشقي، 8 ]
اَڃا تو مَنجهان، ڪَکَ ڇُتي رَتُ نِڪِري،
مُنھَن ۾ مَحبُوبَنِ جا، ڪِيئَن جَهلِيندين گهاءَ،
تُون ھَڏِ ڪُڄاڙِئان، سِڪَڻَ جُون سَڌُون ڪَرِين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سِڪ ۽ عاشقي، 9 ]
مُنھَن ۾ مَحبُوبَنِ جا، ڪِيئَن جَهلِيندين گهاءَ،
تُون ھَڏِ ڪُڄاڙِئان، سِڪَڻَ جُون سَڌُون ڪَرِين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سِڪ ۽ عاشقي، 9 ]
سِڪَڻَ اِيءَ نَہ سَڌَ، جِيئَن لِڪِئو لَياڪا پائيين،
پَئِي پِريان جي نَہ ٿِيين، مَٿي اَڱَڻَ اَڌَ،
اِيءَ پُڻ ڪُوڙِي سَڌَ، جِيئَن کِلِئو کايو سُمَهين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سِڪ ۽ عاشقي، 10 ]
پَئِي پِريان جي نَہ ٿِيين، مَٿي اَڱَڻَ اَڌَ،
اِيءَ پُڻ ڪُوڙِي سَڌَ، جِيئَن کِلِئو کايو سُمَهين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سِڪ ۽ عاشقي، 10 ]
English Meaning
To covet, wish, long, to be in a state of desire, yearn.