سِڪَڻُ جي سنڌي معنيٰ
اُڪنڊجڻ، واجهائڻ، تڪڻ. حرص ڪرڻ. آس ٿيڻ. خواھش مند ٿيڻ، گهرجائو ٿيڻ، ضرورتمند ٿيڻ.
ذريعو:جامع سنڌي لغات
English Meaning
To covet, wish, long, to be in a state of desire, yearn.
سِڪَڻُ جا بيتن ۾ حوالا
جَي تُون سِڪَڻُ سِکِئو، تَہ ڪاتِيءَ پيئِيءَ مَ ڪِنجُهہ،
سُپيرِيان جي سُورَ جو، ماڻُهنِ ڏِجي نَہ مَنجُهہ،
اَندَرِ اِيءَ اَھِنجُ، سانڍِجِ سُکائُون ڪَري.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 14 ]

مُلِهہ مَھانگو قَطرو، سِڪَڻُ شَھادَتَ،
اَسان عِبادَتَ، نَظَرَ نازَ پِرِيَنِ جا.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 35 ]

سِڪَڻُ ۽ سُورِي، ٻَئِي اکَرِ ھيڪَڙي،
وِھَڻُ واٽڙِيُنِ تي، گَهارَڻُ ضَرُورِي،
ٻِنِهي جِي پُورِي، جِيءَ ڏِني ري نَہ جُڙي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سِڪ ۽ عاشقي، 11 ]

جيڪي سِڪَڻُ سِکُ، نان تَہ پَسُ سِڪَندِيُون،
پاسي تَنِ مَ لِڪُ نِينھُن نَہ سُڃاڻَنِ جي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سِڪ ۽ عاشقي، 12 ]

کَرَڪَنِ کِجاياسِ، مَحبَتيءَ ميھارَ جي،
ڇَڙِڪَنِ جي ڇيڄَ ڪِئا، تَنِ واري وَھِ وِڌِياسِ،
لالَڻَ لاءِ لَطِيفُ چئَي، اَچِي آبِ گهِڙِياسِ،
سَرَتِيُون ڪَنھِن سَڀَاڳَ کي، سِڪَڻُ آئُون سِکِياسِ،
وَسان تي ويياسِ، مِلِيَسِ جي نَہ ميھارَ کي.
[ سُر سھڻي، مينھون، چاھڪ، کرڪن، 7 ]

اَلَستُ اَرِواحَنِ کي، جَڏھِن اَمُرُ ڪِئو اَحَدَ،
مَنَ ڪاڍو ميھارَ ڏي، سُهڻِيءَ سِڪَڻُ سَڌَ،
دِلو دَورَ دَرياھَ جي، ڪِئو ايرادي اَڌَ،
جيڪِي آيسِ ڏُونھِن عَدَدَ، سو پاري مُنڌَ پاتارَ ۾.
[ سُر سھڻي، الست ارواح، کامڻ پچڻ، 7 ]

اَلَستُ اَرِواحَنِ کي، جَڏھِن فَرِمايو فَتاحَ،
ھو مَنَ ڪاڍو ميھارَ ڏي، سُهڻِيءَ سِڪَڻُ ساھَ،
دِلو دَورَ دَرياھَ جي، ڪِئو اِرادي اَڌاءَ،
جيڪِي آيُسِ ڏُونھِن اللهَ، سو پاري مُنڌَ پاتارَ ۾.
[ سُر سھڻي، الست ارواح، کامڻ پچڻ، 8 ]

تَڙِ نَہ گِهڙي تُورُ، مَنَ ڪاڍو ميھارَ ڏي،
ڏاڍو دَورُ دَرياھَ ۾، سِڪَڻُ وَڏو سُورُ،
مَنَ ۾ مَوجَ ميھارَ جِي، پَھسَ پِريان جو پُورُ،
ٻيلي ٻِنِهي ڪَنڌِيين، نِتُ نِھاري نُورُ،
مَنجهان جَرَ ضَرُورُ، ڪَچي کي ڪو مَ ٿِئي.
[ سُر سھڻي، ساھڙ، اڀو آڇي ۽ سانڀارا، 1 ]

ڪِجي پَنڌُ پُڇان تو، ڪيچِيَنِ ڪارَڻِ ڪِيئَن،
بيخُودِ ھَلِجِ بَرَ ۾، آئُون ٿو چَوان اِيئَن،
سِڪَڻُ ساڄَنَ سِينءَ مَتان مُٺِي ڇَڏيِين.
[ سُر آبڙي، ڳول سندو پاڻ، 20 ]

جيڪا ڪَندِي نِينھُن، ٻاروچاڻِيءَ ذاتِ سين،
سِڪَڻُ سارو ڏِينھُن، چَڙَهڻُ چاڙِھِيڪَنِ تي.
[ سُر حسيني، ڏورِڻ ۽ ڏسڻ، 15 ]