سُھاڳَڻِيُون جي سنڌي معنيٰ
مڙسن وارِيون، وَرَن واريون، شوهرن واريون. مڙسن جي زندہ هئڻ واريون زالون. پنھنجي خاوندن جيون پياريون زالون، پياريون يا دادليون زالون. بختاورون، نصيب واريون، ڀاڳن واريون. پرڻيل عورتون.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Women beloved by her husbands. Married women whose husbands are alive, Favorite wives.
آيو سو اُلَٽَ - (Antonym)
سُھاڳَڻِيُون جا بيتن ۾ حوالا
آءُ راڻا راحَتَ، ڌُوڻَ ڌَرَتيءَ جا ڌَڻِي،
سِڪَنِ ٿِيُون سُھاڳَڻِيُون، سوڍا تُنھِنجِيءَ سَٿَ،
مُون تان لاھِ مَ ھَٿَ، ڪامِلَ ڌَڻِي ڪاڪِ جا.
[ سُر راڻو، راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ، 4 ]

ڏُھاڳان سُھاڳَڻِيُون، سَدا ٿِيُون ڪَنبَنِ،
ڪوھُ ڄاڻان کي ڪَنِ، وارو ڏِيندو وَلَهو.
[ سُر ليلا، مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ، 22 ]

ڏُھاڳان سُھاڳَڻِيُون، ڪِھَڙي ڏوھِ ڪَنبَنِ،
وَرُ وِڏُوڻو اِيَھِين، جِيئَن جِيئَن پاڻُ پَسَنِ.
[ سُر ليلا، مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ، 23 ]

سَڀَيئِي سُھاڳَڻِيُون، سَڀَنِي ڳِچِيءَ ھارَ،
پَسَڻَ ڪارَڻِ پِرِينءَ کي، ڪَنِ سَھِسين ڀَتين سِينگارَ،
ڍولُ تَنِي جِيءَ ڍارَ، ھيٺاھِيُون ھَلَنِ جي.
[ سُر ليلا، مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ، 26 ]

سَڀَيئِي سُھاڳَڻِيُون، سَڀَنِي مُنھِن جَڙاءُ،
سَڀَ ڪَنھِن ڀانيو پاڻَ کي، اِيندو مُون ڳَرِ راءُ،
تان پيٺو تَنِ دَران، جي پَسِي پاڻُ لَڄايُون.
[ سُر ليلا، مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ، 28 ]

ويٺي وِھسِيَسِ وِچَ ۾، سَرَھِي سارِي راتِ،
سَرَھِيُون سُھاڳَڻِيُون، مُون جيڏِيُون مُون ذاتِ،
مُون کي ڪَنھِن سَڀَاڳَ، ڪَڍِي ڪاڻِيارو ڪِئو.
[ سُر ليلا، ڏيئي جي ڏھاڳ، 1 ]