خالِقُ جي سنڌي معنيٰ
پيدا ڪندڙ، ڪرتار، سرجڻھار، خلقڻھار، خلقيندڙ، پروردگار، خداتعاليٰ. الله تعاليٰ جي صفاتي نالن مان هڪ نالو.
ذريعو:جامع سنڌي لغات
English Meaning
Creator, manufacturer, founder
آيو سو اُلَٽَ - (Antonym)
خالِقُ جا بيتن ۾ حوالا
عاشِقُ چَئُہ مَ اُنَ کي، مَ ڪِي چَئُہ مَعشُوقُ،
خالِقُ چَئُہ خامَ تُون، مَ ڪِي چَئُہ مَخلُوقُ،
سَلِجِ تَنھِن سُلوڪُ، جو ناقِصا نِڱِئو.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 21 ]
خالِقُ چَئُہ خامَ تُون، مَ ڪِي چَئُہ مَخلُوقُ،
سَلِجِ تَنھِن سُلوڪُ، جو ناقِصا نِڱِئو.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 21 ]
اَڄُ پُڻ اُتَرَ پارَ ڏي، ڪَڪَرَ ٿو ڪَري،
واحِدُ واٽَڙِيُنِ تي، خالِقُ کَنڊَ ڀَري،
پيکارِئان پَري، شالَ مَ وَڃَنِ سُپِرِين.
[ سُر سارنگ، آگمجڻ، 8 ]
واحِدُ واٽَڙِيُنِ تي، خالِقُ کَنڊَ ڀَري،
پيکارِئان پَري، شالَ مَ وَڃَنِ سُپِرِين.
[ سُر سارنگ، آگمجڻ، 8 ]
حَسَنَ مِيرَ حُسينَ جو، جَنِ نَہ ھِينئَڙي جارُ،
خالِقُ رَبُ جَبارُ، ڪِينَ مَرھِيندو تَنِ کي.
[ سُر ڪيڏارو، عليءَ جو اولاد، 12 ]
خالِقُ رَبُ جَبارُ، ڪِينَ مَرھِيندو تَنِ کي.
[ سُر ڪيڏارو، عليءَ جو اولاد، 12 ]
سِرُ مَڱي سِرُ گهُري، سِرَ ري ٿِيي نَہ صَلاحَ،
غَرِيبَنُون نَہ گُذَري، ماري مِيرَ مَلاحَ،
نايو نَوابَن جو، سُوڙِھو ڪَڍي ساھُ،
خالِقُ سَنجَهہ صَباحَ، ڪو نَہ ڇَڏِيندو ڪِٿَهِين.
[ سُر سورٺ، سائل گهُري سِر، 7 ]
غَرِيبَنُون نَہ گُذَري، ماري مِيرَ مَلاحَ،
نايو نَوابَن جو، سُوڙِھو ڪَڍي ساھُ،
خالِقُ سَنجَهہ صَباحَ، ڪو نَہ ڇَڏِيندو ڪِٿَهِين.
[ سُر سورٺ، سائل گهُري سِر، 7 ]
جَي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، تَہ دِلِ ۾ ديڳِ چاڙِه،
جيرا جِگرَ بُڪِيُون، ڦِڦِڙَ ڦوڙي ٻارِ،
تَہ قادِرُ تُنھِنجِي ڪارِ، خالِقُ خالِي نَہ ڪَري.
[ سُر رامڪلي، جي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، 14 ]
جيرا جِگرَ بُڪِيُون، ڦِڦِڙَ ڦوڙي ٻارِ،
تَہ قادِرُ تُنھِنجِي ڪارِ، خالِقُ خالِي نَہ ڪَري.
[ سُر رامڪلي، جي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، 14 ]
English Meaning
Creator, manufacturer, founder