تَرَڪُ جي سنڌي معنيٰ
دنيا کان پاسو ڪرڻ، تياڳ. ڇڏڻ، علحدگي. دستبرداري.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Abandonment, separation, leaving, desertion, omission, renouncing, giving up, giving away, parting with, abdication, abandonment, relinquishment.
تَرَڪُ جا بيتن ۾ حوالا
وَحۡدَہٗ لا شَرِيڪَ لَهٗ ، چَئِي، چُوندو آءُ،
فَرضَ، واجِبَ، سُنَتُون، تِنِيئُون تَرَڪُ مَ پاءِ،
توبَهَ سَندي تَسبِيحِ، پَڙَهڻَ ساڻُ پُڄاءِ،
نِڱا پَنھِنجي نَفسَ کي، ڪا سَئِين راھَ سُونھاءِ،
تَہ سَندي دوزَخَ باھِ، تو اوڏِيائي نَہ اَچي.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 26 ]

ھارِيۡ حَقُ رَکيجِ، سانڀارا ساھَڙَ جو،
وَھمَ جي وُجُودَ جا، وِچان سَڀَ وَڍيجِ،
خُوابَ خِيالَ خَطِرا، تَنِ جي تَرَڪُ ڏيجِ،
اَندَرِ آئينو ڪَري، پِرِين سو پَسيجِ،
اِنَهِيءَ راھَ رَميجِ، تَہ مُشاھِدو ماڻِيين.
[ سُر سھڻي، ساھڙ، اڀو آڇي ۽ سانڀارا، 13 ]

ھارِيۡ رَکِجِ حَقُ، سانڀارا ساھَڙَ جو،
خُوابَ، خِيالَ، خَطِرا، ٽِنِهي ڏيجِ تَرَڪُ،
ڪَري غَيرُ غَرَقُ، ويجهو ٿِيءُ وِصالَ کي.
[ سُر سھڻي، ساھڙ، اڀو آڇي ۽ سانڀارا، 14 ]

پَرَديسان پَنڌُ ڪَري، سُڻِي آيُسِ شانُ،
مَڱان ڪِھَڙِيءَ مَتِ سين، آئُون نِسورو نادانُ،
سو ڪو ڏِيارِيھُون ڏانُ جو طَمَعَ کي تَرَڪُ ڪَري.
[ سُر سورٺ، سائل در آئيو، 6 ]

ڏِنوءِ تان ڏانُ، راکِيُئِي تان رَکَ ٿِئي،
تَوَذَلَ تُنبو ڪِينِرو، تَندُنِ اِھوئِي تانُ،
سو ڪو ڏِيارِيھُون ڏانُ، جو طَمَعَ کي تَرَڪُ ڪَري.
[ سُر سورٺ، ماتام ۽ موڪلاڻي، 11 ]

جَو تَرَڪُ طَمَعَ کي ڪَري، سو ڪِي مُون سُڻاءِ،
جيڪِي چَئِين جِيءَ مان، سوڳورَ مَنجهان ڳالَهاءِ،
مَڱَڻَھارُ مَلَهاءِ، جو وِچان ويرِيَنِ آيو.
[ سُر سورٺ، ماتام ۽ موڪلاڻي، 12 ]

جَي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، تَرَڪُ طَمَعُ کي ڪَرِ،
وَڍي وَھمَ وُجُودَ جا، خاصي ڌِيانِ ڌَرِ،
ڪَنھِن پَرِ پهچين پَرِ، لِکِجين لاھُوتَ سين.
[ سُر رامڪلي، جي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، 10 ]

عَلِيءَ جي مَيدانَ ۾، ويٺا ڌُوڻِ ڌُڻِي،
تَرَڪُ ڪِئائُون تَڪِيا، پَريُون پَنڌُ سُڻِي،
ڪَندِي ڪوھُ دُڻِي، طَعنا ڏيئِي تَنِ کي.
[ سُر رامڪلي، سڳا سيلهيون ۽ نااميدي، 2 ]

جِياسُون جوڙَ ٿِي، ڏِٺُم تارِ تَرَڪُ،
ھاڻي تَنِي ھَٿِ ڪِئو، ھو جَني جو حَقُ،
رامُ اُنَهَنِ روئيو، سامِي آڻِ مَ شَڪُ،
سَندو نَهِيءَ نَڪُ، اُنِ اَمرَ ساڻُ اُتارِئو.
[ سُر رامڪلي، اڄ نہ اوطاقن ۽ جياسُون، 22 ]