ساڃاءِ جي سنڌي معنيٰ
ساڃاھ، سمجهہ، سڃاڻپ، ادب. ڄاڻ. معرفت.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Understanding, knowledge, wisdom, recognition
ساڃاءِ جا بيتن ۾ حوالا
سَرَھا ڏِٺَمِ سي، جَنِ جِي ساڃاءِ سِراڻِيَنِ سين،
تيغَ تَنِي جي کي، ڪَٽُ نَہ چَڙِهي ڪَڏِھِين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 19 ]
تيغَ تَنِي جي کي، ڪَٽُ نَہ چَڙِهي ڪَڏِھِين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 19 ]
ڪَنزَ قُدُورِي ڇَڏِ، سِٽُون پَڙُه ساڃاءِ جُون،
وانءُ تَنِي جي سَڏِ، جَنِي سانگُ نَہ ساھَ جو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 23 ]
وانءُ تَنِي جي سَڏِ، جَنِي سانگُ نَہ ساھَ جو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 23 ]
ويھُ سي وِساري چَڍا جي چِلُڙَ جا،
ڪَرِ ساڃاءِ سَمُنڊَ سين، جو لَکَ لَهرِيُون ڏي.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 10 ]
ڪَرِ ساڃاءِ سَمُنڊَ سين، جو لَکَ لَهرِيُون ڏي.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 10 ]
مُسافِرَ نَئُون ماءُ، وِرھُ وِھايُمِ وِتَرو،
اَچِي ٿِئَمِ اوچِتِي، تَنِ سانگِيَنِ سين ساڃاءِ،
جِيجان جَهلَ مَ پاءِ، ھِنيُون ھوتَ ھَڻِي وِئا.
[ سُر ديسي، وديسي وَرُ، 6 ]
اَچِي ٿِئَمِ اوچِتِي، تَنِ سانگِيَنِ سين ساڃاءِ،
جِيجان جَهلَ مَ پاءِ، ھِنيُون ھوتَ ھَڻِي وِئا.
[ سُر ديسي، وديسي وَرُ، 6 ]
ھوتُ نَہ مَٽِيان ماءَ، ٻِئو مالُ مِڙيوئِي مَٽِيان،
جَنھِين جيءَ ساڃاءِ، رِڙھان ٿِي رَندَنِ ۾.
[ سُر حسيني، سُور ۽ ڏکن ماري، 36 ]
جَنھِين جيءَ ساڃاءِ، رِڙھان ٿِي رَندَنِ ۾.
[ سُر حسيني، سُور ۽ ڏکن ماري، 36 ]
جِيئَن اِينديئِي موٽِيين مَينڌَرا، وَڏِي جاڙَ ڪِئاءِ،
وِڙُ نَہ ھُئَين وَلَها، ھُوندَ جَٽي مُون جاڳاءِ،
سُتي جِي ساڃاءِ، سوڍا سِگهِيائِي ٿِيَئِي.
[ سُر راڻو، موٽ ۽ پرچ راڻا، 7 ]
وِڙُ نَہ ھُئَين وَلَها، ھُوندَ جَٽي مُون جاڳاءِ،
سُتي جِي ساڃاءِ، سوڍا سِگهِيائِي ٿِيَئِي.
[ سُر راڻو، موٽ ۽ پرچ راڻا، 7 ]
مُون سي ڏِٺا ماءِ، جَنِي ڏِٺو پِرِينءَ کي،
رَھِي اَچِجي راتِڙِي، تَنِ جُنگَنِ سَندِيءَ جاءِ،
تَنِي جِي ساڃاءِ، تُرَھو ٿِيندِي تارِ ۾.
[ سُر کاھوڙي، ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر، 2 ]
رَھِي اَچِجي راتِڙِي، تَنِ جُنگَنِ سَندِيءَ جاءِ،
تَنِي جِي ساڃاءِ، تُرَھو ٿِيندِي تارِ ۾.
[ سُر کاھوڙي، ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر، 2 ]
”مُون“ مُونھِين کي جُڳاءِ، ”مُون“ مُونھِين ۾ سَپَجي،
مُونھِين مَنجهان ”مُون“ ٿِي، مُونھِين جِي ساڃاءِ،
ھاڻِ چَوَڻَ ڪانِهي جاءِ، ڪيڏانھَن ڪَرِيان پَنڌَڙو.
[ سُر آسا، پاڻ پردو پاڻ، 7 ]
مُونھِين مَنجهان ”مُون“ ٿِي، مُونھِين جِي ساڃاءِ،
ھاڻِ چَوَڻَ ڪانِهي جاءِ، ڪيڏانھَن ڪَرِيان پَنڌَڙو.
[ سُر آسا، پاڻ پردو پاڻ، 7 ]
سُتي جَا ساڃاءِ، سا جاڳَندي نَہ ٿِيي،
تِھان پوءِ مُون ماءِ، نيڻَ ھيرايا نِنڊَ سين.
[ سُر آسا، من، گولو ۽ جنڊ، 17 ]
تِھان پوءِ مُون ماءِ، نيڻَ ھيرايا نِنڊَ سين.
[ سُر آسا، من، گولو ۽ جنڊ، 17 ]
نَہ ڪا ڪُن فَيَڪُون ھُئِي، نَڪو لِڱُ لَحَمُ،
بَنِئو ھو نَہ بُتَ ۾، اَڃا ڪِي آدَمُ،
مُون تَوِھِين سين سَڱُ، اُھا ساڃاءِ سُپِرِين.
[ سُر مارئي، ڪن فيڪون ۽ قيد، 5 ]
بَنِئو ھو نَہ بُتَ ۾، اَڃا ڪِي آدَمُ،
مُون تَوِھِين سين سَڱُ، اُھا ساڃاءِ سُپِرِين.
[ سُر مارئي، ڪن فيڪون ۽ قيد، 5 ]
English Meaning
Understanding, knowledge, wisdom, recognition