داسَڙو جي سنڌي معنيٰ
ليلا پاران پنھنجي ور چنيسر لاءِ خاص نالو. (شاھ جي رسالي ۾ منسوب ڪيل چنيسر لاءِ) گر.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Love name for Chanesar by Leela his wife. Only used in Shah Jo Risalo.
داسَڙو جا بيتن ۾ حوالا
چَنيسَرَ سين چاءُ، مَتان ڪا مُنڌَ ڪَري،
ڪانڌُ ڪَنھِن جو نَہ وڻي، گِيرَبُ ۽ گاءُ،
ٿِڙي ٿورَڙِياءُ، دوسِتَ دَسائي داسَڙو.
[ سُر ليلا، مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ، 30 ]

آءُ پِرِين گهَرِ پيھِي، مِيان چَنيسَرَ، ھارُ ھَٿان مُون ڇڏِئو،
پُڇَنِ لِيلان ھُوءِ ڪَنِ حِيلا، ٻَھران اَچِئو ٻيئِي،
دوسِتُ نِئائُون داسَڙو، ويساھي وَرُ ويھِي،
اَوَڳُڻَ عَيبَ مَٺايُون، مُنھِنجُون ڍولا ڍَڪِ سَڀَيئِي،
تو دَرِ اَچِي داسَڙا، آرَ ڪَرِينديسِ ڪيھِي.
[ سُر ليلا، وايون، 1 ]

ڏوري لَھُ ڏُھاڳُ، جَنھِن ڪَرَ لاھُو داسَڙو،
گهورِئو سو سُھاڳُ، جَنھِن ۾ پَسِين پاڻَ کي.
[ سُر ليلا، مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ، 25 ]

چَئِي چَنيسَرَ ڄامَ سين، لِيلان تُون مَ لَکاءِ،
دوسِتُ تُنھِنجو داسَڙو، کانڌِ وَڏيائِي کاءِ،
ڍولِئو ڍَڪَ سَندِياءِ، تو عَيبَنِ کي آڏو اَچي.
[ سُر ليلا، ھاڻي ويٺي رو، 5 ]

چَئِي چَنيسَرَ ڄامَ سين، لِيلان لَکايوءِ،
تو ڀانيو پانھِنجو، تَنھِن جو پَرو ڪو نَہ پِئوءِ،
ڪَونئُروءَ ڪانڌُ سَندوءِ، دَستِ ڪِئو داسَڙو.
[ سُر ليلا، ھاڻي ويٺي رو، 7 ]

ھَيبَتَ ڪانَہ ھُياسِ، ڪا دِلِ مَٽيندو داسَڙو،
پَرُوڙي پِشيمانُ ٿي، جَڏھِن ھَٿان ڳالِهہ وَياسِ،
سُورَ پِرايائِين سَيِّدُ چئَي، پوءِ ٿي کَلَ پَٽِئاسِ،
ڪُوَڻَتِ ھارَ ڪِئاسِ، ٿي چَرِي چَنيسَرَ ڄام ري.
[ سُر ليلا، ليلا ليلائيج، 5 ]

ھُيَئِينءَ تَہ گهَڻو ھُوشِيارُ، ڪَلَ پِہ ھُيَئِي ڪانڌَ جِي،
توڀانيو موچارِي ٿِيان، ڳِچِيءَ پائي ھارُ،
ڪانڌَ ڪُوڙِيءَ جو نَہ وَڻي، سَھِسين ڀَتين سِينگارُ،
وَھمَ لَھي وينجهارُ، دِلِيُون پَرَکي داسَڙو.
[ سُر ليلا، ليلا ليلائيج، 20 ]

ڪارا ڪَري ڪيسَ، مَتان ڪا مُنڌَ حِرصي،
ڪانڌُ تَنِي جو ڪوڏِيو، جَي وَتَنِ وِلِهي ويسِ،
لالَڻُ ڏِسي نَہ لِبيسَ، دِلِيُون پَرَ کي داسَڙو.
[ سُر ليلا، ليلا ليلائيج، 23 ]

توھان ٽُٽي ڌارَ، ڪَنھِن ھَزارين ھارَ ڏِنا،
توءِ تُنھِنجو نَہ ڏِيان، وِيھُون واٽُو وارَ،
ھارِي مَٿي ھارَ، دوسُ مَٽايُئِي داسَڙو.
[ سُر ليلا، ليلا ليلائيج، 25 ]

جيڪَرَ ڀانيان اِيئَن، تَہ دِلِ مَٽِيندو داسَڙو،
تَہ سُوڙَه لَڳَندي سِينءَ، ھُوندَ ھَٿين ھارُ نَہ جَهلِيان.
[ سُر ليلا، ڏيئي جي ڏھاڳ، 3 ]