جَهنگُ جي سنڌي معنيٰ
جَنگَلُ جهنگل، ٻيلو، بَنُ، دَشت. گهاٽن وڻن وارو هنڌ. گهاٽِي وڻڪار. ويرانو، سُڃ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A jungle. Wilderness. Wild.
جَهنگُ جا بيتن ۾ حوالا
گِهڙِي گهَڙو ھَٿِ ڪَري، ٻَھُون نِھاري ٻَنگُ،
وَ اَمَّا مَنْ خَافَ مَقَامَ رَبِّهٖ ، اِيءُ لَنگِهيائِين لَنگهُہ،
سِڪَندِيَنِ کي سَيِّدُ چئَي، ڪِينَ جَهلِيندو جَهنگُ،
راتِ جَنِي جو رَنگُ، اللهَ سي اُڪارِئين،
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 14 ]

جَهنگُ کامِي پَٽُ ٿِئو، ويئِي چوران لِڪَ،
سيڪِڙُو ۽ سِڪَ، ٻيئِي گَڏِئا پاڻَ ۾.
[ سُر کاھوڙي، سَپ، جهنگُ، ڪُتي ڪوڪار، 10 ]
سيڪِڙُو ۽ سِڪَ، ٻيئِي گَڏِئا پاڻَ ۾.
[ سُر کاھوڙي، سَپ، جهنگُ، ڪُتي ڪوڪار، 10 ]
جُھ اُڌَمِئو اَڄُ، تَہ وَسَندو سونَ ڦُڙِيين،
جالَ ڍَئِيندو جَهنگُ، جُنگَ ڍَئِيندو جَکرَو.
[ سُر بلاول، مجوسِي، ڄام ۽ جادم، 8 ]
جالَ ڍَئِيندو جَهنگُ، جُنگَ ڍَئِيندو جَکرَو.
[ سُر بلاول، مجوسِي، ڄام ۽ جادم، 8 ]
ڪُرَھا جي ڪيھَرِ جا، ھيڪَلائِي ھَلَنِ،
اَٿَنِ شَوقُ شِڪارَ جو، مارَڻُ آھينِ مَنِ،
ڇڏِئو جَهنگُ مِرُنِ، ڪيھَرِ جي ڪُرَ واسَ سين.
[ سُر ڪيڏارو، داستان پھريون، 18 ]
اَٿَنِ شَوقُ شِڪارَ جو، مارَڻُ آھينِ مَنِ،
ڇڏِئو جَهنگُ مِرُنِ، ڪيھَرِ جي ڪُرَ واسَ سين.
[ سُر ڪيڏارو، داستان پھريون، 18 ]
ڄولي پَنھِنجَا ڄَاڻَ
jungle
1776, "dense growth of trees and other tangled vegetation," such as that of some regions in India, from Hindi jangal "desert, forest, wasteland, uncultivated ground," from Sanskrit jangala-s "arid, sparsely grown with trees," a word of unknown origin.
Sources:
- A Dictionary of Selected Synonyms in the Principal Indo-European Languages, University of Chicago (By: Carl Darling Buck) 1988.
- Etymological Dictionary of Latin and the other Italic Languages (By: Michiel de Vaan) 2008.
- The American Heritage Dictionary of Indo-European Roots (By: Calvert Watkins) 2000.
- Noun Declension in Indo-European (Sindhueuropaia Deklination Nomnes) By: Carlos Quiles.
- Online Etymology Dictionary (By: Douglas Harper)
English Meaning
A jungle. Wilderness. Wild.