طَمَعُ جي سنڌي معنيٰ
لوڀ، لالچ، حرص. خواهش، چاھُ، گهرج، ضرورت. اميد.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Covetousness, desire, expectation
طَمَعُ جا بيتن ۾ حوالا
جانِي مُنھِنجي جِيءَ ۾، جي تو طَمَعُ پوءِ،
وَٺُ ڪاتِي وَڍِ اَڱڙا، اَدَبُ ڪَرِ مَ ڪو،
ڀايان ڀالُ سَندوءِ، جي تُون ساجَنَ سَنئُون نِھارِيين.
[ سُر بروو سنڌي، عاشق اکڙِيُون، 3 ]

جَي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، طَمَعُ ڇَڏِ تَمامُ،
گولا جٖي گولَنِ جا، ٿِيءُ تَنِ جو غُلامُ،
صَبُرُ جي شَمشِيرَ سين، ڪَرِ ڪِيني کي قَتَلامُ،
تَہ نانگا تُنھِنجو نامُ، لِکِجي لاھُوتَ ۾.
[ سُر رامڪلي، جي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، 9 ]

جَي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، تَرَڪُ طَمَعُ کي ڪَرِ،
وَڍي وَھمَ وُجُودَ جا، خاصي ڌِيانِ ڌَرِ،
ڪَنھِن پَرِ پهچين پَرِ، لِکِجين لاھُوتَ سين.
[ سُر رامڪلي، جي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، 10 ]