پُورَڀَ جي سنڌي معنيٰ
اوڀرَ، اڀرندي، مَشرِقَ. اُڀرندي واري ملڪ. اوڀر جي واءَ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
East, eastern, relate to east. of east.
پُورَڀَ جا بيتن ۾ حوالا
پُورَڀَ پُورَڀَ تَب ڪَرُون، جَب ھِينئَڙي آوَنِ پُورَ،
سِڪَندِيءَ کي سَڄَڻين، نِڪُون لايُون نُورَ،
آئُون تَنھِن ماريس سُورَ، جِيئَن ساڄَنُ سُڄي نَہ مِلي.
[ سُر پورب، جوڳي، 7 ]
سِڪَندِيءَ کي سَڄَڻين، نِڪُون لايُون نُورَ،
آئُون تَنھِن ماريس سُورَ، جِيئَن ساڄَنُ سُڄي نَہ مِلي.
[ سُر پورب، جوڳي، 7 ]
سَدائِين سَفَرَ ۾، رَمَنِ مَٿي راھَ،
پُرَنِ پُورَڀَ پَنڌَ ڏي، مَنجِهہ مَوالِي ماھَ،
جَنِ الَکَ سين آگاھَ، ھَلو تَڪِيا پَسُون تَنِ جا.
[ سُر رامڪلي، ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي، 3 ]
پُرَنِ پُورَڀَ پَنڌَ ڏي، مَنجِهہ مَوالِي ماھَ،
جَنِ الَکَ سين آگاھَ، ھَلو تَڪِيا پَسُون تَنِ جا.
[ سُر رامڪلي، ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي، 3 ]
گُوندَرَ گَبَرِيُنِ ۾، سامِي سُورَ سِبَنِ،
ڪَنھِن جَنھِن ڪيفَ ڪَڪورِئا، کُنجِئو کَڻَ ھَڻَنِ،
سَنڪو سَناسِيَنِ، آھي پُورَڀَ پَنڌَ جو.
[ سُر رامڪلي، ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي، 23 ]
ڪَنھِن جَنھِن ڪيفَ ڪَڪورِئا، کُنجِئو کَڻَ ھَڻَنِ،
سَنڪو سَناسِيَنِ، آھي پُورَڀَ پَنڌَ جو.
[ سُر رامڪلي، ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي، 23 ]
ڪَنھِن جَنھِن کيپَ خُمارِئا، ڀَوَرِئا ڀُوڻَنِ،
ڳالِهيُون ڳَھِلي لوڪَ سين، پَڌَرِ پَئِي نَہ ڪَنِ،
سَنڪو سَناسِيَنِ، آھي پُورَڀَ پَنڌَ جو.
[ سُر رامڪلي، ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي، 24 ]
ڳالِهيُون ڳَھِلي لوڪَ سين، پَڌَرِ پَئِي نَہ ڪَنِ،
سَنڪو سَناسِيَنِ، آھي پُورَڀَ پَنڌَ جو.
[ سُر رامڪلي، ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي، 24 ]
جوڳِي ٿِيَنِ نَہ يارَ، ڪَنھِن سين قَرِيبَنِ ري،
اَٺَئِي پَھَرَ اُنِ کي، نانِيءَ ڏُونھِن نِھارَ،
مُون مُلاقاتَ اُنِ سين، جَنِ پُورَڀَ جِي پَچارَ،
لائي وِئا لَطِيفُ چئَي، اَندَرَ مَنجِهہ اَپارَ،
سامِيَنِ ساڻُ سَتارَ، لاھُوتان لالُ ٿِيان.
[ سُر رامڪلي، جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ، 14 ]

جوڳِي جَڳُ ڇَڏي، پُرئا پُورَڀَ پَنڌَ ڏي،
لاھُوتِي لَطِيفُ چئَي، ھَلِئا لالَ لَڏي،
واللهُ يَدعُوا اِلَيٰ دارالسَلامِ ، صاحِبُ سَڀَنِ سَڏي،
ھئَي ھئَي ھِنَ ھَڏي، ھَمَه کي حَيرانُ ڪِئَو.
[ سُر رامڪلي، جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ، 27 ]
لاھُوتِي لَطِيفُ چئَي، ھَلِئا لالَ لَڏي،
واللهُ يَدعُوا اِلَيٰ دارالسَلامِ ، صاحِبُ سَڀَنِ سَڏي،
ھئَي ھئَي ھِنَ ھَڏي، ھَمَه کي حَيرانُ ڪِئَو.
[ سُر رامڪلي، جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ، 27 ]
پُوڄا ڪارِ مَ پاڻَ کي، پَلِ پُوڄا کان پاڻُ،
لاھُوتِي لَطِيفُ چئَي، سَڌَ نَہ کَڻَنِ ساڻُ،
تَعلَقُ ڇَڏَڻَ تَڪِيا، اِيءُ آديسيَنِ اُھڃاڻُ،
ڄاڻِي ڇَڏي ڄاڻُ، پُرِئا پُورَڀَ پَنڌَ ڏي.
[ سُر رامڪلي، قوت ڪڙايا ۽ پوڄا ڪار، 16 ]
لاھُوتِي لَطِيفُ چئَي، سَڌَ نَہ کَڻَنِ ساڻُ،
تَعلَقُ ڇَڏَڻَ تَڪِيا، اِيءُ آديسيَنِ اُھڃاڻُ،
ڄاڻِي ڇَڏي ڄاڻُ، پُرِئا پُورَڀَ پَنڌَ ڏي.
[ سُر رامڪلي، قوت ڪڙايا ۽ پوڄا ڪار، 16 ]
جِياسُون جوڙَ ٿِي، جوڳِيءَ لاٿو جارُ،
سَندو پُورَڀَ پارُ، آڇِيائِين اِيندَنِ کي.
[ سُر رامڪلي، اڄ نہ اوطاقن ۽ جياسُون، 16 ]
سَندو پُورَڀَ پارُ، آڇِيائِين اِيندَنِ کي.
[ سُر رامڪلي، اڄ نہ اوطاقن ۽ جياسُون، 16 ]
ظييَئُون ظاھِرُ ذَوقَ سين پَنجَ ئِي ڪَنِ پُورا،
ھَلَنِ واٽَ سَماءَ ۾، ڳاڙي ڳَلِ ڳوڙھا،
سَناسِي سَيِّدُ چئَي، پُورَڀَ ۾ پُورا،
هُوَ اللّٰهُ الْوَاحِدُ الْقَهَّارُ ، سامِي مَنجِهہ سُورا،
ٿِي چاڪَنِ سين چُورا، گُرَ کي گَڏِئا ڪاپَڙِي.
[ سُر رامڪلي، ٽيھ اکري، 17 ]

پُورَڀَ مارِياسِ، ڪَنھِن دَرِ ڏِيان دانھَڙِي،
مَتِيُون ڏِيندي لوڪَ کي، چَرِي پاڻَ ٿِياسِ،
جَنِي نَہ جيھِياس، مان لَنئُن لَڳِي تَنِ سين.
[ سُر پورب، جوڳي، 1 ]
مَتِيُون ڏِيندي لوڪَ کي، چَرِي پاڻَ ٿِياسِ،
جَنِي نَہ جيھِياس، مان لَنئُن لَڳِي تَنِ سين.
[ سُر پورب، جوڳي، 1 ]
English Meaning
East, eastern, relate to east. of east.