ٻاڻُ جي سنڌي معنيٰ
تير، ڪان، محبت جو تير، عشق جو ڪان. عشق جو انگ، محبت جو پيچ. محبت جو منڊ، عشق جو جادو. جادو جوٽڻ. وجهہ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
An arrow, an opportunity.
ٻاڻُ جا بيتن ۾ حوالا
ھَڻُ حَبِيبَ ھَٿُ کَڻِي، ٻَنگان لَھِي ٻاڻُ،
ماڳھِين مُون مِنھُن ٿِئي، جهولِيءَ وِجهان پاڻُ،
اِنَ پَرِ ساجَنَ ساڻُ، مانَ مُقابِلو مُون ٿِئي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 8 ]
ماڳھِين مُون مِنھُن ٿِئي، جهولِيءَ وِجهان پاڻُ،
اِنَ پَرِ ساجَنَ ساڻُ، مانَ مُقابِلو مُون ٿِئي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 8 ]
چوري چَنگُ ٻَنگُ لَھِي، حَبِيبَنِ ھَنيوسِ،
ٻُجهان ٻاڻُ لَڳوسِ، ڪانارِئو ڪَرُ کَڻِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 11 ]
ٻُجهان ٻاڻُ لَڳوسِ، ڪانارِئو ڪَرُ کَڻِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 11 ]
سَرُ جو سَنڌِئو سَڄَڻين ٻَنگان ٻاڻُ ڀَري،
وِئو وُجُودان نِڪِرِي ڪَڙِڪَڙِ ڪانُ ڪَري،
پُڇو پيرَ ڀَري، تَہ ڪِ ٺَرِئو ھَٿُ حَبِيبَ جو؟
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 7 ]
وِئو وُجُودان نِڪِرِي ڪَڙِڪَڙِ ڪانُ ڪَري،
پُڇو پيرَ ڀَري، تَہ ڪِ ٺَرِئو ھَٿُ حَبِيبَ جو؟
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 7 ]
پِرِيَنِ پيڪانُ پَڇَندئو، ٻَنگان ٻاڻُ ڀَري،
ڇَمَڪِئو ڇوھَ مَنجهان، ڪَڙِڪَڙِ ڪانُ ڪَري،
جيرا جِگرَ بُڪِيُون، لَنگهي پِئو پَري،
جَو لَڳُمِ جِيءَ ذَري، تاڻِيان تِيرُ نَہ نِڪِري.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 8 ]
ڇَمَڪِئو ڇوھَ مَنجهان، ڪَڙِڪَڙِ ڪانُ ڪَري،
جيرا جِگرَ بُڪِيُون، لَنگهي پِئو پَري،
جَو لَڳُمِ جِيءَ ذَري، تاڻِيان تِيرُ نَہ نِڪِري.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 8 ]
ٻَلَرِ لَڳو ٻاڻُ، پَسو جوءِ ذَرا ٿِي،
سا مُنڌَ مَري نَہ جِيئي، پيئِي پَڇاڙي پاڻُ،
سَسُئِي سُورَنِ ساڻُ، سَنڀُوڙي سَيِّدُ چئَي.
[ سُر آبڙي، ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ، 23 ]
سا مُنڌَ مَري نَہ جِيئي، پيئِي پَڇاڙي پاڻُ،
سَسُئِي سُورَنِ ساڻُ، سَنڀُوڙي سَيِّدُ چئَي.
[ سُر آبڙي، ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ، 23 ]
سُورَ پِہ ڀَتو ڀَتِ، ھِي چِڻِڪِئو ڪِي ٻِئو،
پِريَتَڻِي پِرِيَنِ جي، ماءُ مُنجهايَمِ مَتِ،
ڀينَرُ ڀَلِيءَ ڀَتِ لَڳُمِ ٻاڻُ ٻَروچَ جو.
[ سُر حسيني، سُور ۽ ڏکن ماري، 21 ]
پِريَتَڻِي پِرِيَنِ جي، ماءُ مُنجهايَمِ مَتِ،
ڀينَرُ ڀَلِيءَ ڀَتِ لَڳُمِ ٻاڻُ ٻَروچَ جو.
[ سُر حسيني، سُور ۽ ڏکن ماري، 21 ]
لَڳُمِ ٻاڻُ ٻَروچَ جو، ڪَرَھا ٿِئا قَزاقَ،
اَھُکِي جا اُٺَنِ کي، سا مَيَنِ پَوي مَ ماڪَ،
اَکِيُنِ خوراڪَ، پَسَڻُ پَرَڏيھِيَنِ جو.
[ سُر حسيني، سُور ۽ ڏکن ماري، 22 ]

لَڳُمِ ٻاڻُ ٻَروچَ جو، وَسان ٿِي وِياسِ،
پُرزا پَٻَ وَرَنِ ۾، پِٿُون ٿِي پِياسِ،
توڻي ماءَ مُياسِ، تَہ پُڻ ڪاڍو ڪيچَ ڏي.
[ سُر حسيني، سُور ۽ ڏکن ماري، 23 ]
پُرزا پَٻَ وَرَنِ ۾، پِٿُون ٿِي پِياسِ،
توڻي ماءَ مُياسِ، تَہ پُڻ ڪاڍو ڪيچَ ڏي.
[ سُر حسيني، سُور ۽ ڏکن ماري، 23 ]
لَڳُمِ ٻاڻُ ٻَروچَ جو، اَمَڙِ جَهلِ مَ مُون،
روئِي رَڱِندِيَسِ رَتَ سين، ڪيچان اوري ڀُون،
مادَرِ مَٿان مُون، ڪانگَ لَوَندا ڪيچَ جا.
[ سُر حسيني، سُور ۽ ڏکن ماري، 24 ]
روئِي رَڱِندِيَسِ رَتَ سين، ڪيچان اوري ڀُون،
مادَرِ مَٿان مُون، ڪانگَ لَوَندا ڪيچَ جا.
[ سُر حسيني، سُور ۽ ڏکن ماري، 24 ]
English Meaning
An arrow, an opportunity.
ٻاڻُ ٻول جا زمرا