وَڃُ جي سنڌي معنيٰ
هلُ، اُسَھُ، روانو ٿي، پڌارج، لڏ، ٽور. لنگه. گذر.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Go, get out, just go.
آيو سو اُلَٽَ - (Antonym)
وَڃُ جا بيتن ۾ حوالا
ڪيرُ چُوندو ڪو نَہ چُوندو، تَہ ڪو آھِين اَسانجو،
پِرِين پَرَتين رَبَ کي، ڪَرَ سَفَرَ جو سَعيو،
جانِي ھِنَ جَھانَ مان، وَڃُ لاڳاپا لاھِيو،
آگي پَنھِنجي اِحسانَ سين، ٻانَهنِ تي ٻاجهايو،
بابي بِيبِيءَ فاطِمه جي، بارُ سَڀو بَخِشايو،
”نَفسِي نَفسِي“ سَڀَڪو، ڪَھِيو اُتِ ڪَھَندو،
”اُمَتِي يا اُمَتِي“ ڪَھي، رَسُولُ رَبُ سَندو،
نيزي پاندِ نَمِي، اَلا، سَختِي شَمسُ ڪَرِيندو،
اُتي عَبدِالْلَطِيفُ تي، حَضَرت ھَٿَ ڌَرِيندو.
[ سُر سريراڳ، وايون، 10 ]

اُلوڙَڻُ نَہ ڏي، وَرُ وِڌائِين وَنجَهہ کي،
رَھُ اَڄوڪِي راتِڙِي، لالَڻَ مُون لَئي،
وَڃُ مَ ڦوڙائي، ايڏي سَفَرِ سُپِرِين.
[ سُر سامونڊي، ڳرڻ ۽ چنتا، 1 ]
رَھُ اَڄوڪِي راتِڙِي، لالَڻَ مُون لَئي،
وَڃُ مَ ڦوڙائي، ايڏي سَفَرِ سُپِرِين.
[ سُر سامونڊي، ڳرڻ ۽ چنتا، 1 ]
پاڻُ مَ کَڻِجِ پاڻَ سين، ريءَ وَسِيلي وَڃُ،
ڀيلو ڀيري ڀَڃُ، اُڪَنڊَ کَڻُ عَمِيقَ ۾.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 34 ]
ڀيلو ڀيري ڀَڃُ، اُڪَنڊَ کَڻُ عَمِيقَ ۾.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 34 ]
آءُ اوراھُون سُپِرِين، وَڃُ مَ اَڳاھُون،
ٿَڪِي کَڻي ٿَرَنِ ۾، ٻاڪارِئو ٻانھُون،
دَردَ جُون دانھُون، مُون مارِيندِيُون موٽُ تُون.
[ سُر آبڙي، آءُ اوراھون، ناھ جميعت، 1 ]
ٿَڪِي کَڻي ٿَرَنِ ۾، ٻاڪارِئو ٻانھُون،
دَردَ جُون دانھُون، مُون مارِيندِيُون موٽُ تُون.
[ سُر آبڙي، آءُ اوراھون، ناھ جميعت، 1 ]
آءُ اوراھُون سُپِرِين، وَڃُ مَ پِيَ پَري،
مُون ڏِٺي مُون وِسَھو، وِرچِي تان نَہ وري،
ڌاران مُنھَن مَري، ڏُکِيءَ جَي ڏيکارِيين.
[ سُر آبڙي، آءُ اوراھون، ناھ جميعت، 2 ]
مُون ڏِٺي مُون وِسَھو، وِرچِي تان نَہ وري،
ڌاران مُنھَن مَري، ڏُکِيءَ جَي ڏيکارِيين.
[ سُر آبڙي، آءُ اوراھون، ناھ جميعت، 2 ]
آءُ اوراھُون سُپِرِين، پَري وَڃُ مَ پِيَ،
موٽُ مَرَندِيَسِ ڇَپَرين تُون جِيارو جِيءَ،
ھوتَ مَ ڇَڏِج ھِيءَ، پُنهون پِيادِي پَنڌَ ۾.
[ سُر آبڙي، آءُ اوراھون، ناھ جميعت، 3 ]
موٽُ مَرَندِيَسِ ڇَپَرين تُون جِيارو جِيءَ،
ھوتَ مَ ڇَڏِج ھِيءَ، پُنهون پِيادِي پَنڌَ ۾.
[ سُر آبڙي، آءُ اوراھون، ناھ جميعت، 3 ]
ڇَڏي ڙي ھوتَ مَ وَڃُ، اي مِيان يارَ جَتَ،
آئُون اَوَھان جِي آھِيان،
پاڻان پَراھان وِئا، سُڻِي مُئِيءَ جا سَڏَ،
سگهو موٽِجِ سُپِرِين، اوڏِي لاھِي لَڏَ،
آڏا ڏُونگَرَ لَڪِيُون، ھاڙِھي ھَنيان ھَڏَ،
لَڪَنِ ۾ لَطِيفُ چئَي، ڇوَرِي ھَڏِ مَ ڇَڏِ.
[ سُر معذوري، وايون، 6 ]

لَڙُ مَ لاڙائُو ٿِئو، وَرَ چُونڊِيندِي وَڃُ،
آھي اِي اُھُڃُ، ھاڙھي ھَلَندِيُنِ جو.
[ سُر حسيني، لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ، 4 ]
آھي اِي اُھُڃُ، ھاڙھي ھَلَندِيُنِ جو.
[ سُر حسيني، لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ، 4 ]
ڏِيندِيَسِ ماھُ مِرُنِ کي، آئُون ذَرا جِيءُ ڪَري، اي ھوتا،
ڏيئِي باھِ ڀَنڀورَ کي، آئُون آيسِ تو ڳَري،
آرِياڻِيءَ پُنهونءَ ري، ھَڏِ نَہ ساھَ سَري،
جَنڊِي پايو جانِ ۾، ڏُکرِي ڏُکَ ڏَرِي،
آءُ اوراھُون سُپِرِين وَڃُ مَ پِيَ پَري،
مُون ڏِٺِي مُون وِسَھو، وِرِچِي تان نَہ وَري،
ڏُکِيءَ جَي ڏيکارِيين، ڌَران مُنھَن مَري،
پِيالي پِرِيَنِ جي، موھِيَسِ ميٺَ کَري،
آرِيءَ جِي عِشقَ جِي، مُون کي اَندَرِ آڳِ ٻَري،
توکي توءِ نَہ ڇَڏيان، جَي وَڃان ڀُون تَري،
ڌَڙُ وِجَهندِيَسِ ڌُوڙِ ۾، مَٿو ڌارَ ڌَري،
ھَلَڻُ سُڻِي ھوتَ جو، ڏُکِي پَسُ ڏَري،
پِرِين کَڻِجِ پانھِنجُون، اَکِيُون ٻاجَهہ ڀَري.
[ سُر حسيني، وايون، 32 ]

سُورَ مَ مَٽِجِ ساءُ، آئُون نِوَڪِڻِي آھِيان،
وَڃُ مَ ويلَ ڪَنھِن، وِرِھَ مُون وَٽان،
تُون پُڻ تَڏِھِين جا، جَڏھِن ٿِيان ھيڪاندِي ھوتَ سين.
[ سُر حسيني، سُور ۽ ڏکن ماري، 7 ]
وَڃُ مَ ويلَ ڪَنھِن، وِرِھَ مُون وَٽان،
تُون پُڻ تَڏِھِين جا، جَڏھِن ٿِيان ھيڪاندِي ھوتَ سين.
[ سُر حسيني، سُور ۽ ڏکن ماري، 7 ]
English Meaning
Go, get out, just go.