لَڏِ جي سنڌي معنيٰ
ڦوڙاٽين ڪاٺين جي ڀَري، لَڏو، سامان سڙو. (ڪپڙن وغيرہ جي) هَڙَ، ڀروٽي، لڏڻ جو اسباب، گهر جو سامان، مال اسباب، سامان جي چرپر يا هڪ هنڌان ٻئي هنڌ کڻي وڃڻ واري حالت. پورهيو ڪندڙن جي ٽولي. مسافرن جي ٽولي.
ذريعو:جامع سنڌي لغات
English Meaning
A bundle of faggots etc. A load. Flitting, removing from one place to another, the goods and chattels removed.
لَڏِ جا بيتن ۾ حوالا
لَڙُ مَ لاڙائُو ٿِئو، گُهتُون گوھِيُون ڇَڏِ،
لَڏو لاھِ مَ لَڏِ، تَہ ڳاڙهي سِجِ ڳالِهہ مِڙين.
[ سُر حسيني، لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ، 2 ]
لَڏو لاھِ مَ لَڏِ، تَہ ڳاڙهي سِجِ ڳالِهہ مِڙين.
[ سُر حسيني، لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ، 2 ]
لَڙُ مَ لاڙائُو ٿِئو، لاھِ مَ لَڏو لَڏِ،
ساٿَ پِريان جي سَڏِ، تَہ مُنڌَ ميڙائو تو ٿِئي.
[ سُر حسيني، لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ، 3 ]
ساٿَ پِريان جي سَڏِ، تَہ مُنڌَ ميڙائو تو ٿِئي.
[ سُر حسيني، لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ، 3 ]
سامِي تُون سُلُوڪَ کي، ھَٿان ھَڏِ مَ ڇَڏِ،
لَڏِيندَنِ سين لَڏِ، تَہ رَھين تُون راڄَ ڪَري.
[ سُر رامڪلي، سڳا سيلهيون ۽ نااميدي، 8 ]
لَڏِيندَنِ سين لَڏِ، تَہ رَھين تُون راڄَ ڪَري.
[ سُر رامڪلي، سڳا سيلهيون ۽ نااميدي، 8 ]
لِيلان حِيلا ڇَڏِ، جَي تُون سُوڀِي سِکِيين،
پائي پاندُ ڳِچِيءَ ۾، پاڻُ غَرِيبِيءَ گَڏِ،
ھَڏِ نَہ چُوندَءِ لَڏِ، جي ڪارُون آڙِئا ڪانڌَ کي.
[ سُر ليلا، ليلا ليلائيج، 7 ]
پائي پاندُ ڳِچِيءَ ۾، پاڻُ غَرِيبِيءَ گَڏِ،
ھَڏِ نَہ چُوندَءِ لَڏِ، جي ڪارُون آڙِئا ڪانڌَ کي.
[ سُر ليلا، ليلا ليلائيج، 7 ]
تَنِ رَهيَنِ وَٽان لَڏِ، جَنِ جِي ناھِ مُھاڙِ مَلِيرَ ڏي،
جو ڌَڻُ ڌَراڙَنِئُون ڌارَ چَري، سا ڇانگَ ئِي ڀَڃي ڇَڏِ،
سانگِيَنِ سين سَيِّدُ چئَي، اوڏا اَچِي اَڏِ،
تَہ هاڃي سَندِي هَڏِ، ڪُوڪَ نَہ سُڻين ڪَڏِھِين.
[ سُر مارئي، کائر ڏانھن کڻي وئا، 5 ]
جو ڌَڻُ ڌَراڙَنِئُون ڌارَ چَري، سا ڇانگَ ئِي ڀَڃي ڇَڏِ،
سانگِيَنِ سين سَيِّدُ چئَي، اوڏا اَچِي اَڏِ،
تَہ هاڃي سَندِي هَڏِ، ڪُوڪَ نَہ سُڻين ڪَڏِھِين.
[ سُر مارئي، کائر ڏانھن کڻي وئا، 5 ]
سونا وانءُ صَرافَ سِينءَ، لَڏو لاھِ مَ، لَڏِ،
سودو سوئِي ڇَڏِ، جِتِ جَواھِرُ ناھِ ڪو.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 13 ]
سودو سوئِي ڇَڏِ، جِتِ جَواھِرُ ناھِ ڪو.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 13 ]
جَي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، تَہ سَڱَ سَڀَيئِي ڇَڏِ،
اوڏو ٿِيءُ اَلِفَ کي، مَنُ مِيمَ سين گَڏِ،
ھِئان لاھُوتِي لَڏِ، تَہ گُرَ گَڏِجين ڪاپَڙِي.
[ سُر رامڪلي، جي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، 3 ]
اوڏو ٿِيءُ اَلِفَ کي، مَنُ مِيمَ سين گَڏِ،
ھِئان لاھُوتِي لَڏِ، تَہ گُرَ گَڏِجين ڪاپَڙِي.
[ سُر رامڪلي، جي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، 3 ]
جَي ڀانئِين وَسَ چَران، تَہ سَنگهارَنِ سين لَڏِ،
تَہ ھاڃي سَندِي ھَڏِ، ڪُوڪَ نَہ سُڻين ڪَڏِھِين.
[ سُر ڏھر، ڪاڇو ۽ سنگهار، 14 ]
تَہ ھاڃي سَندِي ھَڏِ، ڪُوڪَ نَہ سُڻين ڪَڏِھِين.
[ سُر ڏھر، ڪاڇو ۽ سنگهار، 14 ]
جَي ڀانئِين وَسَ چَران، تَہ سَنگهارَنِ سين لَڏِ،
جَنِي سَندي سَڏِ، چورُ نَہ ڇُھي وَڇَڙا.
[ سُر ڏھر، ڪاڇو ۽ سنگهار، 15 ]
جَنِي سَندي سَڏِ، چورُ نَہ ڇُھي وَڇَڙا.
[ سُر ڏھر، ڪاڇو ۽ سنگهار، 15 ]
ھَورِنِ ھاڙھو لَنگِهئو، مُٺِي مُوسَٽُ ڇَڏِ،
”لا“ سين اُٿِي لَڏِ ”ڪِينَ“ رَساڻي ڪيچَ کي.
[ سُر معذوري، نڱي بي بوجهہ، 9 ]
”لا“ سين اُٿِي لَڏِ ”ڪِينَ“ رَساڻي ڪيچَ کي.
[ سُر معذوري، نڱي بي بوجهہ، 9 ]
English Meaning
A bundle of faggots etc. A load. Flitting, removing from one place to another, the goods and chattels removed.