لَڏَ جي سنڌي معنيٰ
لڏڻ جو اسباب، گهر جو سامان ، مال اسباب، سامان جي چرپر يا هڪ هنڌان ٻئي هنڌ کڻي وڃڻ واري حالت.
ذريعو:جامع سنڌي لغات
English Meaning
A load. Flitting, removing from one place to another, the goods and chattels removed.
لَڏَ جا بيتن ۾ حوالا
جو نَوازي ڏَڏَ، آسَرَ لاھِ مَ اُنَ جِي،
اوڏايان اوڏو گهَڻو، ڪِھَڙا ڪَرِيين سَڏَ،
ويھُ داتا جي دَرَ تي، لَنگها لاھي لَڏَ،
اَگَلَنِ کي اوڏو وِھي، گَندا ڪَري گَڏَ،
ڪِھڙا جَڏَ جَڏوئِيين، جُودَ مَهِندان جَڏَ،
اَڳِئان عَجِيبَنِ جي، مُشُڪِلُ ڪينِهي مَڏَ،
آدَمُ تِئان خَلَقِئو، ھُوءَ جا کَڄي مَنجهان کَڏَ،
سَمي سيئِي سيڻَ ڪِئا، ھيڻا جَنِ جا ھَڏَ،
سانگِيَنِ جِي سَيِّدُ چئَي، ڄامَ پَرتَئِي لَڏَ،
جِيءُ جِيءُ تَماچِي ڪَري، سُڻِئو نُورِيءَ سَڏَ،
ادا اِنَهِيءَ پارَ جا، موڙي اَچو مَڏَ،
غافِلِي ڪُفرِي، ايڪَ نَہ سُئَيءِ سَڏَ،
ھُوءِ جُنبِئا جابانَ ڏي، تُون سُتو ساھِيين ھَڏَ.
اَوِلِيَ ۾، عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، سَڄَڻَ ڏِيندو سَڏَ.
[ سُر رِپ، وايون، 1 ]

مُون جُهڙُ ڏِٺو اُڀَ ۾، ڍولا لَڏَ مَ لاھِ،
اَچَنِ آبُ اَڳي ڪِئو، وِڄُون اُتَرَ واءِ،
ڇَنَ ڇَڏي پَٽِ پاءِ، اَڏِ اُتاھِينءَ پَکَڙو.
[ سُر سارنگ، سيڪارا سارنگ، 16 ]
اَچَنِ آبُ اَڳي ڪِئو، وِڄُون اُتَرَ واءِ،
ڇَنَ ڇَڏي پَٽِ پاءِ، اَڏِ اُتاھِينءَ پَکَڙو.
[ سُر سارنگ، سيڪارا سارنگ، 16 ]
اوکِيءَ آڳَھُ آھي، وو آھي،
مُون کي تان نَہ ڇَڏيندو ڇَپَرين،
آرِي اُگهاڙِنِ کي، پُنهون ڄامُ پَراھي،
پُڇي پوءِ پِئَنِ کي، لَڪَنِ ۾ لَڏَ لاھي.
[ سُر آبڙي، وايون، 6 ]
مُون کي تان نَہ ڇَڏيندو ڇَپَرين،
آرِي اُگهاڙِنِ کي، پُنهون ڄامُ پَراھي،
پُڇي پوءِ پِئَنِ کي، لَڪَنِ ۾ لَڏَ لاھي.
[ سُر آبڙي، وايون، 6 ]
ڇَڏي ڙي ھوتَ مَ وَڃُ، اي مِيان يارَ جَتَ،
آئُون اَوَھان جِي آھِيان،
پاڻان پَراھان وِئا، سُڻِي مُئِيءَ جا سَڏَ،
سگهو موٽِجِ سُپِرِين، اوڏِي لاھِي لَڏَ،
آڏا ڏُونگَرَ لَڪِيُون، ھاڙِھي ھَنيان ھَڏَ،
لَڪَنِ ۾ لَطِيفُ چئَي، ڇوَرِي ھَڏِ مَ ڇَڏِ.
[ سُر معذوري، وايون، 6 ]

ڀَنڀوران ٻاھَرِ ٿِي، مُون جٖي ڪِئا سَڏَ،
ٻاروچاڻِيءَ لَڏَ، لَڪَ سويرا لَنگهِئا.
[ سُر حسيني، بُرو ھو ڀنڀور، 4 ]
ٻاروچاڻِيءَ لَڏَ، لَڪَ سويرا لَنگهِئا.
[ سُر حسيني، بُرو ھو ڀنڀور، 4 ]
سَدا جَنِ پَرياڻُ، پاندِيءَ پَکِي لَڏَ جو،
وِئا ڳُڻَنِ ساڻُ، مارُوئَڙا ٿَرُ اُڪِرِي.
[ سُر مارئي، مارُن جو حال، 9 ]
وِئا ڳُڻَنِ ساڻُ، مارُوئَڙا ٿَرُ اُڪِرِي.
[ سُر مارئي، مارُن جو حال، 9 ]
ساري حاجَ هِئان، کَنيائُون کائُرِ ڏي،
ڏَلِهي کُوهَ ڏِسِ ڪَنھِين، ويڙِهِيچا وِئا،
لائي لَڏَ لَطِيفُ چئَي، پَرِيين ٿَرِ ٿِئا،
ڇَڏي ڳُڻَ وِئا، مارُوئَڙا مَلِيرَ ۾.
[ سُر مارئي، کائر ڏانھن کڻي وئا، 8 ]
ڏَلِهي کُوهَ ڏِسِ ڪَنھِين، ويڙِهِيچا وِئا،
لائي لَڏَ لَطِيفُ چئَي، پَرِيين ٿَرِ ٿِئا،
ڇَڏي ڳُڻَ وِئا، مارُوئَڙا مَلِيرَ ۾.
[ سُر مارئي، کائر ڏانھن کڻي وئا، 8 ]
کاڄُ جَنِي جو کِکِيُون، مالُ جَنِي جا مَڏَ،
سَمي سيئِي سيڻَ ڪِئا، ھِيڻا جَنِ جا ھَڏَ،
ڄامَ پَرَتِيَئِي لَڏَ، سانگِيَنِ جِي سَيِّدُ چئَي.
[ سُر ڪاموڏ، سمي سامهون گندري، 11 ]