ھَڄِي بابت
معنيٰ
ڊڄِي، ٿڪجي، مارجي، پيسجِي.
Scared, fired, killed, crushed.
بيتن ۽ وائين ۾
- صَبُرُ شاڪِرَنِ، آھي اوطاقُنِ ۾، جٖي وَصُلَ ٿِئا وِصالَ سين، سي ذَرو ظاھِرُ نَہ ڪَنِ، وييَتَ واھُرَ تَرَنِ، ھِينئَڙا جَنِ…[ سُر سھڻي - سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري ]
- ڏُکِيءَ سَندِيُون ڌُونگَرِين، پَسو پِٽُون پُونِ، ڏاري جو ڏُونگَرَ کي، سو ڪِي چَيو چُوَنِ، آرِيءَ جي اَفسوسَ ۾، ماڻُهو مِرُون…[ سُر معذوري - ڏُکِيءَ ڏک ]
- ديکِيندي دِيدارَ کي، ڪِينَ سُڃاتو ڪُلَ، تازِي طَويلَنِ ۾، آھِ اَحاطو جُهلَ، ھُئا جٖي اَمُلَ، سي حِسابان ھَڄِي وِئا.[ سُر آسا - ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو ]
- ديکِيندي دِيدارَ کي، ڪُلَ سُڃاتو ڪِينَ، تازِي طَويلَنِ ۾، آھِ اَحاطو زِينَ، ھُئا جٖي اَمِينَ، سي حِسابان ھَڄِي وِئا.[ سُر آسا - ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو ]