وِڌو بابت
معنيٰ
اٽڪايو، وجهيو، ڦاسايو، لڳايو، سپرد ڪيو، واسطو ٺاھيو
Inserted, met, handed over, become one
بيتن ۽ وائين ۾
- وَحۡدَہٗ لا شَرِيڪَ لَهٗ، اِيءُ ھيڪِڙائِي حَقُ، ٻِيائِيءَ کي ٻَکُ، جَنِ وِڌو سي وِرسِئا.[ سُر ڪلياڻ - يڪتائي ]
- تَڙي طَبِيبَنِ، گهايَلُ گهَران ڪَڍِئو، چِڪِئا چاڪَ چِيھُون ڪَري، ڪَڙِيُون مُورُ نَہ ڪَن، دوسِتَ دَرسَنَ تُنھِنجي، وِڌو ٺارُ ٺَپَنِ، وِرِچِئو…[ سُر يمن ڪلياڻ - ويڄ ۽ دارُون ]
- ڌَڳايومِ ڌَنئِين، ڄيرو اَندَرِ جِندَڙي، لَڳِي سِيخَ وُجُودَ ۾، سَندي نِينھَن نَئِين، مُشاھِدي تَھِين، مُون کي وِڌو مَچَ ۾.[ سُر يمن ڪلياڻ - باھ ۽ ساڙو ]
- مَيي ماڪائِي، وِڌو واتُ وَلِيُنِ کي، خَبَرَ ٿِي کيٽَ ڌَڻِيَنِ کي، وِڏُوڙِئا واھِي، ڪَرَھي ڪاڪَتَ ڇَڏِي، وَريسِ نَہ وائِي، چانگي…[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- کُوھا ڪالَهہ کَڻِي، اُنِ وِڌا اُتَرَ آسِري، اللهَ! جُهري مَ اُنِ جي، اولي جِي اَڻي، وَڻِجارَنِ وَڻِي، وَکَرُ وِڌو ٻيڙِئين.[ سُر سريراڳ - املهہ وکر ]
- تَہ ڪَرَ ڪِيئَن سُئِي، جَي سِيرَ نَہ گِهڙِي سُهڻِي، ھِتِ حَياتِي ڏِينھَڙا، ھَڏِھِين تان نَہ ھُئِي، چُڪي تَنھِن چَرِي ڪِي،…[ سُر سھڻي - آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار ]
- ڪِجي جِيئَن ڪيچنِ لَئي، تِيئَن تان ڪِينَ ڪِيوءِ، وِيجهائي وِڌوءِ، وِکَ نَہ کَنيَئِي ھيڪَڙِي.[ سُر آبڙي - ڳول سندو پاڻ ]
- پَنڌُ مِڙيوئِي پاڻَ تي، ويچارِيءَ وِڌو، ڏِيلُ تَنھِن جو ڏُکَ سين، سَڀوئِي سِڌو، ھُئَڙُسِ اَڳَ لِڌو، پوءِ ٿِي ڪَري پَنڌَڙا.[ سُر معذوري - ڪتا ۽ ڪوھ ]
- ڪَنجِهي ڪِيرَتِ ڪِينِرو، واڄو وِلاتِي، ھَنئِي تَندُ حُضُورَ ۾، تَنھِن پانَوَ پيراتِي، ڏِسَندي ڏِياچَ کي، ظاھِرُ ٿِئو ذاتِي، ڪَڍِي تَنھِن…[ سُر سورٺ - ڏنو سر ڏياچ ]
- ڪَنجِهي ڪِيرَتِ ڪِينِرو، سازُ ڪِئائِين سَرِ، ويھِي ڪِي وَڏاڻَ سين، پاٺَ پَنھِنجِي پَرِ، ٻِيجَلَ ڪَري ٻَرِ ٻَرِ، وِڌو ڪَرٽُ ڪَپارَ…[ سُر سورٺ - ڏنو سر ڏياچ ]
- تو تان سانگُ نَڪو، ماري مِيرُ وِڌوءِ، ھيڏو قَھَرُ ڪِئوءِ، مَولا جا مَڱڻا، ھادِيءَ جا مَڱڻا، توکي تَرسُ نَڪو، آيُون…[ سُر سورٺ - وايون ]
- پُوڄا ڪارِ مَ پاڻَ کي، جوڳِي رَکِجِ جوڳُ، خادِمَ خَلَقَ جِيئَن ڪَرِيين، اِيءُ راوَلَ وِڌو روڳُ، ڀَڳَنِ ڪونِهي ڀوڳُ، نانگا…[ سُر رامڪلي - قوت ڪڙايا ۽ پوڄا ڪار ]
- سائِين سَڱُ سَندومِ، مَ ڇِڄي سين سامِيين، ھَلَڻَ جو ھِنگلاجَ ڏي، آديسَينِ اُتومِ، نيئِي پُورَڀَ پارَ ڏي، ويراڳِيَنِ وِڌومِ، سوئِي…[ سُر پورب - وايون ]
- مَڻيي مَٿي موھِجِي، مُوڙِھِي ڪِئوءِ مَرَڪُ، چَئِي چَنيسَرَ ڄامَ سين، وِڌو تو فَرَقُ، وَرِي وِئو وَرَقُ، تي آيُئِي ڏَنءُ ڏُھاڳَ…[ سُر ليلا - مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ ]
- ويئِي ڪالَهہ ھَٿان، سا ڪالَهہ نَہ اَچي ڪَڏِھِين، ڪالُهوڻِيءَ ڪالَها، وِڌو وِچُ وَرِھيَنِ کي.[ سُر ڏھر - نانءُ، ٻاجهہ ۽ ڪانڌ ]
- مارِي مَرين شالَ، ڍَٻَ وَڃنِيئي ڍَٻِيُونۡ، جَنھِن تو اَچِي ڪالَهہ، وِڌو وِچُ وَرھَنِ کي.[ سُر ڏھر - وڳرين ڪُونجون ]
- ڀُڄِئان ڀُلِي پيرُ، وِڌو راءَ رِڪابَ ۾، ڪَڇِ وِھَندو ڪيرُ، لاکو لوڙائُو ٿِئو.[ سُر ڏھر - لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ ]
- گُوندَرَ وِڌو پيچُ، ماءَ مُنھِنجِي جِيءَ کي، ڏُکويُنِ جو ڏيجُ، روئَڻُ رَتُ پِرِيَنِ لَيءِ.[ سُر رِپ - گُوندر ۽ ڪڪر منجهہ ڪپار ]
- گُوندَرَ وِڌو وَرُ، مُون کي مُون پِرِيَنِ جي، اَچِي دوسِتَ ڌَرِ، مَٿي مُٺِيءَ ھَٿَڙا.[ سُر رِپ - گُوندر ۽ ڪڪر منجهہ ڪپار ]
- سُرمو لالائِيءَ جو، جَڏھِن وِڌو جَنِ، تَڏِھِين ڏِٺِي تَنِ، رَونَقَ، ريٽي جِھَڙِي.[ سُر آسا - ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو ]
- سُرمو سُفيدِيءَ جو، جَڏھِن وِڌو جَنِ، تَڏِھِين ڏِٺِي تَنِ، اَڇائِي عالَمَ ۾.[ سُر آسا - ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو ]
- مُون کي مُون پِرِيَنِ، ٻَڌِي وِڌو تارِ ۾، اُڀا اِيئَن چَوَنِ، تَہ مَڇُڻ پاندُ پُسائِيين.[ سُر آسا - من، گولو ۽ جنڊ ]
- کَپُرَ گاروڙِيَنِ سين، وَڏو وِڌوءِ ويرُ، نانگَ نَہ ويندين نِڪِرِي، تو ڏَرَ مَٿي پيرُ، ھِيءُ تَنِ جو ڍيرُ، جَنِ جُهونا…[ سُر ڪارايل - سَر، اوطاقون ۽ نانگ ]