نِتُ بابت
معنيٰ
هلندڙ، گڏيل، ڳنڍيل، مسلسل، لاڳيتو، هڪ ٻئي پٺيان، سدائين، هميشه، سَدا، مدام، دائم، دائما، هر وقت.
Always, continually, eternally, constantly.
بيتن ۽ وائين ۾
- جَنِ ھَٿان ھَڏِ نَہ اُڪِلي، چَيو ڪَنِ نَہ چِتِ، نَئُون کاپارو نِتُ، ڪيرُ ڪَرِيندو اُنِ سين.[ سُر يمن ڪلياڻ - پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ ]
- عاشِقَنِ اللهَ جِي، وائِي نِتُ وَڻِي، ھِڪِڙِي ڳالِهہ سُڻِي، سوگِهي رَکِئائُون ساھَ سين.[ سُر يمن ڪلياڻ - سِڪ ۽ عاشقي ]
- ڪَرَھو ڪَنگُوءَ ريٽَ تي، نيٽَ ڇِنائي نِتُ، چانگي رکِئو چِتُ، پَرَمَلَ جي پَساھَ ڏي.[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- ھيڪاندا ھُونِ پِرِين، سانگِ مَ وَڃَنِ سيڻَ، رَھيا آھِينِ رُوحَ ۾، نِتُ جَنِي جا نيڻَ، جَنِ وِماسِئا ويڻَ، تاريءَ تَڳي…[ سُر کنڀات - چنڊ ]
- چَنڊَ تُنھِنجِي ذاتِ، پاڙِيان تان نَہ پِرِينءَ سين، تُون اَڇو ۾ راتِ، سَڄَڻَ نِتُ سوجِهَرا.[ سُر کنڀات - چنڊ ]
- مانَ پُڇَنَئِي سُپِرِين، چيتاريجِ چِتُ، تَہ دائِما دُورِبِيءَ ۾، پَسِين ولاتُنِ وِتُ، نِيَھُ نِکاري نِتُ، مَلاحَ گَڏِ مُعلِمَ سين.[ سُر سريراڳ - تياري ۽ ساٺ ]
- لَهِر لَڳيندَيِئِي نِتُ، وِيرِ چِيريِنِدَيِئِي مَڪُڙِي، جَنِ جيڏاھِين چِتُ، تَنِ تيڏاھيِن ڍُڪَنديُون.[ سُر سريراڳ - توڪل، جاڳ سجاڳ ]
- لَڳي اُتَرَ ھِيرَ، سامُونڊِيَنِ سِڙَه سَنباھِيا، نَنگَرَ کَڻِي ناکُئا، ٿِئا سَڻاوا سِيرَ، ھِينئَڙي نِتُ اُڪِيرَ، کاري کيڙائُنِ جِي.[ سُر سامونڊي - سيءَ ۽ جهيڙا ]
- مينھِيُون ھِنَ ميھارَ جُون، اللهَ ڪِيمَ مَرَنِ، ڪُڙِمِيُون، چالُون، ماڻڪِيُون، چَڱِيءَ جُوءِ چَرَنِ، جي ھِنيَين نِتُ ھُرَنِ، ھُونِ سَلامَتَ سُپِرِين.[ سُر سھڻي - مينھون، چاھڪ، کرڪن ]
- تَڙِ نَہ گِهڙي تُورُ، مَنَ ڪاڍو ميھارَ ڏي، ڏاڍو دَورُ دَرياھَ ۾، سِڪَڻُ وَڏو سُورُ، مَنَ ۾ مَوجَ ميھارَ جِي،…[ سُر سھڻي - ساھڙ، اڀو آڇي ۽ سانڀارا ]
- آيَلِ اَمَڙِ توءِ جِيئان، جَي مُون سارِينِ سُپِرِين، سَنئُون سُونھائِيين پيچِرو، ميھارَنِ مِيان، گهَڙو ڀَڳو تَہ گهورِيو، تان ڪِي تَرُ…[ سُر سھڻي - وايون ]
- ڏاگهَنِ ۽ ڏيرَنِ، وَڃِي تَنگِ تَنوارِئو، نِئائُون نَہ نِماڻِي پاڻَ سين، جيڏِي ڪِي جَتَنِ، اَدِيُون اوٺِيَڙَنِ، آئُون نِتُ نِھارِي آھيان.[ سُر ديسي - اڱڻ مٿي اوپرا ]
- پُنهونءَ پيرَڙِيُون، گهَرِ گُهَمندي جٖي ڏِنِيُون، سي مان سيرَڙِيُون، نِتُ نِھارَڻُ آيُون.[ سُر حسيني - لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل ]
- سُورَنِ سانگهيڙا ڪِئا، مَٿي مُون مَعذُورِ، آئُون ھِتِ ويٺِي وِنجُهلان، مَران نِتُ مَهجُورِ، جٖي دوسِتَ مُنھِنجا دُورِ، سي والِي وَھِلا…[ سُر بروو سنڌي - عاشق اکڙِيُون ]
- ويٺِي نِتُ نِھارِيان، راڻا تُنھِنجو راھُ، موٽائي ماڳَنِ ۾، آڻِيندُءِ اللهُ، سوڍا تو ڳَرِ ساھُ، نَہ تَہ راڻا گَهڻا راڄَ…[ سُر راڻو - ڏِيئا، تيل ۽ مھمان ]
- مَڙَه پُورِيائُون ماٺِ ٿِي، تَڪِيَنِ ناھِ تَنوارَ، آسَڻَ مَٿان اُنِ جي، نِتُ ٽِمايَمِ نارَ، سامِي سَڀَ ڄَمارَ، ڏيئِي ڏُکَ ڏُورِ…[ سُر رامڪلي - ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي ]
- اَڄُ نَہ اوطاقُنِ ۾، طالِبَنِ تَنوارَ، آسَڻَ مَٿي اُنِ جي، نِتُ ٽِمايَمِ نارَ، سامِي سَڀَوڪارَ، وَڄائي واٽَ ٿِئا.[ سُر رامڪلي - اڄ نہ اوطاقن ۽ جياسُون ]
- جِياسُون جوڙَ ٿِي، نانگو ڏِٺو نِتُ، چُونچو ھُئَڙو چِتُ، کُلِي اَڄُ باغُ ٿِئو.[ سُر رامڪلي - اڄ نہ اوطاقن ۽ جياسُون ]
- شالَ اوڏڙا آھِنِ، ٻَڙِي جيڏِيُون، پَلَڪُ پِريان ري نَہ رَھان، نَڪِي ھيٺِ نَہ بيٺِ ڪِي، کِدا تان نَہ کَڻَنِ، اُپَڙِي…[ سُر رامڪلي - وايون ]
- جُوءِ جيڏاھِين جوڳِيين، نيڻَ تيڏاھِين نِتُ، آيَلِ آديسِيَنِ کي، ڏي چاڙِھيڪا چِتُ، سامِيَنِ جو سَنگَتُ، سارِئو ٿِي سُورَ چَران.[ سُر پورب - جوڳي ]
- جُوءِ جيڏھِين جوڳِيين، نِتُ تيڏاھِين نيڻَ، آيَلِ آديسِيَنِ جا، وِرھُ ٿِئَمِ ويڻَ، ڪَري سَناسِي سيڻَ، ھِينئَڙي حالُ پِرايو.[ سُر پورب - جوڳي ]
- مَڻيي مَٿي جٖي ھُئا، تَنِ چِٽَنِ ڦيرِيُمِ چِتُ، ھارُ کَٽَندِيَسِ ھوڏَ ۾، نيبَھُ ٿِيندُمِ نِتُ، ڪَؤُنرؤ جو ڪِرِتُ، مُونھان مَٿاھُون…[ سُر ليلا - مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ ]
- چَتُرَ رَھي نَہ چِتُ، ويڻَنِ واڳِئو نَہ رَھي، رَئِيءَ لَٽِجي نِتُ، ھِنيُون واٽَ وِرگهُہ جِيئَن.[ سُر رِپ - گُوندر ۽ ڪڪر منجهہ ڪپار ]
- چوري چوري چِتُ، جان نَيَ وِھاڻِيءَ نِڪَران، نِينھُن ڪُرائي نِتُ، پِريان سَندي پيرَ ۾.[ سُر رِپ - گُوندر ۽ ڪڪر منجهہ ڪپار ]
- اوڏا جانۡ ھُئا، تانۡ ٿِي نِتُ نِياپا آيا، مارُوئَڙا مَلِيرَ ڏي، واري وَڳَ وِئا، تَنِي ڏُونھِن ڪِئا، ڏيئِي ڏوراپا چائِيان.[ سُر مارئي - مارُن جو حال ]
- جَي ويجهِي ٿِيان وَرَ کي، تَہ سَڀَاڳوم سَنئُون، نِتُ نِتُ آھِ نَئُون، مُون کي پَسَڻُ پَنوَھارَنِ جو.[ سُر مارئي - مارُن ريت، پنھوارن پاٻوھيو ]
- چُرَنِ چُڻِڪَن چِتَ ۾، هِينئَڙي نِتُ هُرَنِ، لَيْسَ ڪَمِثْلِهِ شَيْءٌ ، پَسَڻُ اِيءُ پِرِيَنِ، پَکا پَنوَهارَنِ، نيئِي اَڏِئا نانھِن ۾.[ سُر مارئي - چرن چڻڪن چت ۾ ]
- سي ٿاريلا ٿَرِ ٿِئا، جٖي مان گَهٽُ گُهري، وَطَنُ، وَسَ، وَسندِيُون، هِينئَڙي نِتُ هُري، اَندَرِ چِتَ چُري، مُون کي وِرھُ…[ سُر مارئي - جھ سي لوڙائو ٿئا ]
- زُمَرِ زُخرُفِ سُومَرا، سَبَحَ مُنھِنجا سيڻَ، بَرَ جي بَدَوِيَنِ لَيءِ، نِتُ ٽِمايَمِ نيڻَ، تَمَرُ بُرَ بِريان اُنِ جا، کاڄَ خُرما…[ سُر مارئي - زمر زخرف سومرا ]
- زُمَرِ زُخرُفِ سُومَرا، سَبَحَ سيڻَ رَهِئامِ، بَرَ جي بَدَوِيَنِ لَيءِ، ڳوڙها نِتُ ڳاڙِئامِ، ويڙِهِيچا وُجُودَ مان، ڪَنھِن ويلَ نَہ وِسَرِئامِ،…[ سُر مارئي - زمر زخرف سومرا ]
- زُمَرِ زُخرُفِ سُومَرا، سَبَحَ سيڻَ سَندامِ، بَندَ ۾ بَدَوِيَنِ لَيءِ، ڳوڙها نِتُ ڳاڙِئامِ، عُمَرَ اَباَڻَنِ کي، ڏِٺي ڏِينھَن ٿِئامِ، ويڙِهيچا…[ سُر مارئي - زمر زخرف سومرا ]