نَئُون بابت
معنيٰ
تازو، تَھدَلُ، ڪورو، جديد، نَڪور، هاڻي جو. ترُ، عجيب، ننڍي عمر جو، ننڍو، نئون جوان. اوپٽو، ڌارِيُون، غير، پراڻو، بيگانو، اڻ سينڌو، اڳ نہ ڏٺل.
New, young, modern, strange, recent, newly. s. m. the first eating of new grain.
بيتن ۽ وائين ۾
- جَنِ ھَٿان ھَڏِ نَہ اُڪِلي، چَيو ڪَنِ نَہ چِتِ، نَئُون کاپارو نِتُ، ڪيرُ ڪَرِيندو اُنِ سين.[ سُر يمن ڪلياڻ - پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ ]
- سَڳَرُ جَو سَنئُون، سو مُون آڇِيو جيڏِيُون، پَئي پُراڻو نَہ ٿِئي، اَڃا نِينھُن نَئُون، تَہ مُون ڏِينھُن سَنئُون، جَي ٻِيھَرَ…[ سُر آبڙي - سُک، ڏُک ۽ ارادا ]
- ڪَري سُڃَ سَنجهي وِئا، اُٿِيَسِ آئُون اَويرَ، لَڙِيي سِڄَ لَطِيفُ چئَي، پيئي کَڻان پيرَ، ڀَلي ڏَمَرِئا ڏيرَ، جِنِ واري نِينھَن…[ سُر ديسي - جت، اُٺ ۽ ڌاريا ]
- مُسافِرَ نَئُون ماءُ، وِرھُ وِھايُمِ وِتَرو، اَچِي ٿِئَمِ اوچِتِي، تَنِ سانگِيَنِ سين ساڃاءِ، جِيجان جَهلَ مَ پاءِ، ھِنيُون ھوتَ ھَڻِي…[ سُر ديسي - وديسي وَرُ ]
- بُرو ڪَشِي بَر چَڙِهئا، نِڌِ نَئُون نيئِي، بارِي اُٺَ بَلوچَ سين، مَهري مِڙيئِي. ڏُکِيءَ کي ڏيئي، وِئا ڏاڍين ڏُونگَرين.[ سُر ديسي - ٻروچڪي ٻولي ]
- مُون کي لَڳَڙِي آھِ لَغارَ، وو يارَ لُنءَ لُنءَ ۾ لالَڻَ جِي، ميخُون مَحَبتَ سَندِيُون، ھِينئَڙي مَنجِهہ ھَزارَ، جَڙَ جَنِي…[ سُر ديسي - وايون ]
- مُون کي جَنِي مارِئو، سُڃاتَمِ سيئِي، پُنهونءَ پيڪانَ پَڇَنڊِئا، ٻِلَنِ تان ٻيئِي، ويڄَنَئُون ويئِي، ٿِي وَھِيڻِي سَڄَڻين.[ سُر ڪوھياري - لاچارگي ۽ ساھس ]
- نَئُون نِينھُن لَڳوسِ، ڳَري ۽ ڳالِهيُون ڪَري، اورِيندي اَرٽَ سين، پُنهون يادِ پِيوسِ، پَھو پَٽِ ڪِريوسِ، ھُو ھَٿُ اوڏاھِين رَھِيو.[ سُر حسيني - ماءُ سان ڪلام ۽ ڪاوڙ ]
- نَئُون نِياپو آيو، راڻي وَٽان راتِ، لَڌِيسُون لَطِيفُ چئَي، ڪَنان ڏاتَرَ ڏاتِ، ڪِھَڙِي پُڇي ذاتِ، جٖي آيا سي اَگِهئا.[ سُر راڻو - راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ ]
- آديسِي آديسُ، ھِتان ڪَري ھَلِئا، ڪاپَڙِيَنِ قَلبَ ۾، ڪِئو ڏُوراڻو ڏيسُ، ويراڳِي نَئُون ويسُ، راوَلَ ڍَڪي رَمِئا.[ سُر رامڪلي - آديسي ۽ مونا طور سينا ]
- سِينَئُون سَھجا سيڄَ تي، سامِي ڪِينَ سُمَهنِ، نيڻَنِ نِنڊَ نَہ نانگَنِ کي، خُوشِيءَ خُوابُ نَہ ڪَنِ، جاڳَڻَ سَندو جِيءَ ۾،…[ سُر رامڪلي - ٽيھ اکري ]
- شينَئُون شَرِيعَتَ جا، تابِعَ ٿِئا تَمامُ، تَنِ کي طَرِيقَتَ جِي مَنَ ۾، ميخَ مُدامُ، ھَلَنِ حَقِيقَتَ ۾، مَعرِفَتَ تَنِ مُقامُ،…[ سُر رامڪلي - ٽيھ اکري ]
- عَينَئُون عارِفَنِ جِي، آھي ڳالِهہ عَجِيبَ، پاڻِيهِي گهائِينِ گَهٽَ کي، پاڻيھِي تَنَ طَبِيبَ، وَٺَنِ واٽَ وِچَٿَرِي، ڪَرِئو نِرِتِ نَجِيبَ، اَلإِيمَانُ…[ سُر رامڪلي - ٽيھ اکري ]
- غَينَئُون غُربَتَ جِندَڙي، سَدا سَناسِيَنِ، ڊِڄئو ڊاءِ اللهَ جي، پُورَنِ ۾ پَچَنِ، ريءَ رُخصَتَ رامَ جي، ٻِئو ڪِينَ ٻُجَهنِ، إِنَّ…[ سُر رامڪلي - ٽيھ اکري ]
- نُونَئُون نانِيءَ ھَلِئا، سامِي سَڀَيئِي، اُڪَنڊَ ۾ آديسَ جِي، وِھَڪَ تَنِ ويئِي، سَناسِي سِڪَ ۾، اوتِينِ ارتوئِي، لَاْ تَتَحرَڪُ ذَرَةُ…[ سُر رامڪلي - ٽيھ اکري ]
- نَئُون نِينھُن لَڳومِ، راتِ رَمَندي ڍولَ سين، سو سِينگارُ ٿِئومِ، صُباحَ وِچِ سَرَتِيين.[ سُر ليلا - مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ ]
- جَي ويجهِي ٿِيان وَرَ کي، تَہ سَڀَاڳوم سَنئُون، نِتُ نِتُ آھِ نَئُون، مُون کي پَسَڻُ پَنوَھارَنِ جو.[ سُر مارئي - مارُن ريت، پنھوارن پاٻوھيو ]
- جيڪُسِ ڪي ڪِئامِ اَوَڳُڻَ اَباڻَنِ سين، تيلاھِين ٿِئامِ، سُکِنَئُون سُورَ گَهڻا.[ سُر مارئي - لوھ نير، مند مارُو ]
- بِيرَ کَنيائُون بَرَ ۾، پِيارِين پَھُون، سِنجَنِ ساٺِيڪَنِ تي، وَڏِيءَ ويرَ وَهُون، پايو جَرُ جَندَنِ ۾، ڪوڏان ڪَنِ ڪَھُون، ڏِينھان…[ سُر مارئي - چرن چڻڪن چت ۾ ]
- ويٺِي جَهڄان جَهلَ ۾، نَئُون ٿِئُمِ نِڀاڳُ، مُون جيڏِيُون مَلِيرَ ۾، کِينِ سَرَتِيُون ساڳُ، ويچارِيءَ ويراڳُ، وَنھِيَنِ ويڙِهِيچَنِ جو.[ سُر مارئي - سيئي سارئان سومرا ]
- پانڌِي پِرِينءَ پَنوَهارَ کي، چَيُمِ تِيئَن چَئيجِ، سَندا سَنگَتِ ڏِينھَڙا، وَرَ مَ وِساريجِ، ڪوٺِيَنِ ڪُٺِي آھِيان، سِگِهي سارَ لَھيجِ، مُٺِ…[ سُر مارئي - مَ رو، پانڌي پرين پنھوار ]
- پاٻوڙو پيشِ ڪِئو، نَئُون نُورِيءَ نيئِي، حاضُرُ ھُيُون ھَڪِيُون، سَمِيُون سَڀَيئِي، نَوازي نيئِي، گاڏي چاڙِھي گَندَرِي.[ سُر ڪاموڏ - مِڙيوئي معاف ]