رُڪَ بابت
معنيٰ
ڌاتُوءَ جو هڪ قسم. ماريل لوھ، فولاد. رُڪ مان ٺهيل ڪوبہ اوزار جھڙوڪ تلوار، ڪٽاري، ڪاتي وغيرہ.
Steel, iron.
بيتن ۽ وائين ۾
- پَچائي پَھاڻُ، جَنِ رَساڻِئو رُڪَ کي، تَنِي سَندو ڄاڻُ، آھي آڳَڙِيَنِ کي.[ سُر يمن ڪلياڻ - باھ ۽ ساڙو ]
- سِرُ سانڌاڻِ ڪَري، پُڇِجِ گهَرُ لُھارَ جو، ڌَڪَنِ ھيٺِ ڌَري، مانَ گَڏينِئِي رُڪَ سين.[ سُر يمن ڪلياڻ - باھ ۽ ساڙو ]
- دُدَسَتِي دُپيرَ، سِيني سَنگهَرَ رُڪَ جِي، ماءَ مُنھِنجي ڪَرَھي، تازي ڦُلَنِ ھيرَ، تَنھِن کي ڪامَڻَ ڪَندِي ڪيرَ، جَو مُونھِين وَٽِ…[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- ڪَربَلا جو قَضِيو جَڏھِن پَوي مَنجِهہ جِيءَ، وَسَنِ ٿا وُجُودَ تي، سَندا سُورَنِ سِيءَ، ڏُھٽَنِ ڏِٺا ڏُکَڙا، ناني ري نَبِيءَ،…[ سُر ڪيڏارو - ڏٺو محرم ماھ ]
- ھَڻَڻُ ھَڪلَڻُ ٻِيلِي سارَڻُ، مانجِهيان اِيءُ مَرَڪُ، وِجَهن تان نَہ فَرقُ، رُڪَ وَھَندِيءَ راندِ ۾.[ سُر ڪيڏارو - ڪامل ڪربلا ۾ ]
- ڍالَ ڍَڙَڪو ڦاڳَ ڦَڙَڪو ڪُندَ ڪَڙَڪو، مانجِهيان اِي مَرَڪُ، وِجَهنِ ڪونَہ فَرَقُ، رُڪَ وَھَندِيءَ راندِ ۾.[ سُر ڪيڏارو - ڪامل ڪربلا ۾ ]
- ڪَربَلا ۾ ڪُوڪَ، آھي شَهزادَنِ جِي، ماري مِيرَ مَلُوڪَ، جَهلي رُڪَ رَھايا.[ سُر ڪيڏارو - پرھ پکي آيو ]
- ڪَربَلا ۾ ڪُوڪَ، ساجُهرِ شَهزادَنِ جِي، عالَمَ جا مَلُوڪَ، رُڪَ روھي جَهلِئا.[ سُر ڪيڏارو - پرھ پکي آيو ]
- پِرھَ پَکِي آيو، ڪَربَلان ڪَھِي، روضي پاسِ رَسُولَ جي، تَنھِن ھَلِي ھاڪَ ھَنئي، ڏِٺِيَمِ رُڪَ رَئِي، چَڙُھ مِيرَ مُحَّمَدَ عَرَبِي.[ سُر ڪيڏارو - پرھ پکي آيو ]
- ڪَونئُرَ ڪِلي جا ڪوڏِئا، جانڪِيتان ٿو جِيءُ، مَٿي اَڙِنِ اُسِرِي، رُڪَ پِيالو پِيءُ، ڳاھُ ڳِجُهِن جو ٿِيءُ، ويٺي جَنِ وَرِھَ…[ سُر ڪيڏارو - ڳجهُون ۽ چنڊ ]
- چَنڊَ وِھاڻَيءَ چَڙِهئا، مَلَ مَدِينا مِيرَ، تَنِ سين طَبَلَ بازَ تَبَرُون، ڪُندَ ڪَٽارا ڪِيرَ، عَلِيءَ پُٽَ اَمِيرَ، ڪَندا راڙو رُڪَ…[ سُر ڪيڏارو - ڳجهُون ۽ چنڊ ]
- چَنڊَ وِھاڻِيءَ چَڙِهئا، مَلَ مَدِينا گهوٽَ، تَنِ سين طَبَلَ بازَ تَبَرُون، ڪُندَ ڪَٽارا ڪوٽَ، عَلِيءَ پُٽَ اَموٽَ، ڪَندا راڙو رُڪَ…[ سُر ڪيڏارو - ڳجهُون ۽ چنڊ ]
- سُتِيءَ پُونِ ڇِرڪَ، آيَلِ ٻاروچَنِ جا، پُنهونءَ جي پيڪانَ جُون، راسِيُون مَنجهان رُڪَ، ھَنيَمِ ھوتَ ڪِڙڪَ، لوچان لوھُ نَہ نِڪِري.[ سُر ڪوھياري - اُڊڪا ۽ ايلاز ]
- سوڍا صَبُرُ تُنھِنجو، لَڄايُنِ مَرَڪُ، نَہ ڪُڇَڻَ سين نَڪُ، ريءَ رُڪَ رَڻي وِڍِئو.[ سُر راڻو - سوڍي صبر ۽ ڍولي ڍَڪِي ]
- قافَئُون قَرابَتَ ڪُڙِمَ کان، ڇِنِي ڇَڏِيائُون، لاھُوتَ ۽ جَبَرُوتَ جا، اُھِڃَ آندائُون، ناسُوتَ ۽ مَلَڪُوتَ ۾، گِهڙِي گهارِيائُون، فَبَصَرُڪَ الْيَوْمَ…[ سُر رامڪلي - ٽيھ اکري ]
- يييَئُون يَرُڪَ مَڪانَ ۾ ھَلَنِ اُڀَسَرا، سامِي سَفَرِ ھَلِئا، ڪَنھِن ڏوراڻي ڏيھا، اُھِڃَ آندائُون اِھَڙا، جَنِ مَنجِهہ ناھي ڊاءَ، فاذڪُرُونِي…[ سُر رامڪلي - ٽيھ اکري ]
- اَلابَندِي آئِيو، جَنھِن جي ھاٿِيءَ ھاڪَ ھَنئِي، ڀَڳا ڪوٽَ ڪُفارَ جا، پيئِي ڀُڄُ ڀَئِي، آرَڻِ ٻَڌِي اَبِڙي، ڪِي رِڻَ ۾…[ سُر بلاول - سمو سلطان ۽ ابڙو ]
- اُوٺِي مَٿي لَڪَ، مُون ٻاروچا ڀانيا، تازو پيرُ پُنهونءَ جو، نَہ ڪَنھِن جهورِئو جَهڪَ، مُون کي ڇَڏي ھَلِئا، ڌَڙُ ڌُڻِئو…[ سُر ڪيڏارو - داستان پھريون ]