ٿِئومِ بابت
معنيٰ
مون سان ٿيو، وھيو واپريو
Happened with me
بيتن ۽ وائين ۾
- لَڪِ لاکِيڻو ڪَرَھو، ڪوڙِيُون ڏيئِي ڳِڌومِ، اڱَڻِ سُونھَن ٿِئومِ، مُلِهہ مَهانگو مَ چَئُہُ.[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- پُنهونءَ سين پِرتِ جو، ڪو جو پيچُ پِئومِ، ڀَنِڀي ھِنَ ڀَنڀورَ ۾، وِھَڻُ وِھُ ٿِئومِ، مِتِيُون موٽَڻَ سَندِيُون، ڪاڪِيُون ڪِيمَ…[ سُر ديسي - ڏيرن ناھي ڏوھ ]
- ڀَلِي ڪَرَ ٿِئومِ، ھِيءُ سَڱُ ٻاروچَنِ سين، وَڃِي ڪيۡچ ڏِٺومِ، پُٺِيءَ لَڳِي جَنِ جي.[ سُر حسيني - جِيئڻُ ۽ مَرڻُ ]
- ڪَڏِھِين تان ڪو نَہ ٿِئومِ، آثارو عِشقَ جو، مَحبُوبَنِ مِنَٿُون ڪَري، سِڪَڻُ سيکارِئومِ، تِھان پوءِ ٿِئومِ پاڻِهين پَسَڻُ پِرِينءَ جو.[ سُر بروو سنڌي - عاشق اکڙِيُون ]
- راڻي سَندو رُوحَ ۾، پَسُ جو پَڳَھُ پِئومِ، ٻيڙِيءَ جِيئَن ٻَڌِي وِئو، سوڍو ساھُ سَندومِ، وِھَڻُ وِھُ ٿِئومِ، جاڳِئو تي…[ سُر راڻو - ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ ]
- نَئُون نِينھُن لَڳومِ، راتِ رَمَندي ڍولَ سين، سو سِينگارُ ٿِئومِ، صُباحَ وِچِ سَرَتِيين.[ سُر ليلا - مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ ]
- سُھاڳُ پُڻ سَنبران، ڏُھاڳُ پُڻ ڏِٺومِ، ھَي اَڀاڳي حالَ کي، ھَٿين ھارُ ڇُتومِ، تِھان پوءِ ٿِئومِ، قَدُرُ ڪاڻِيارِنِ جو.[ سُر ليلا - مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ ]
- سُتي سَنڀِرِئوم، ڪو ڳُڻُ ٻاروچَنِ جو، ڪَنڌِ وِھاڻو ڀِنُو، ھَرِئو ھَٿُ ٿِئومِ، سَڄَڻُ يادِ پِئوم، جاڙَ جِيئان ٿِي جيڏِيُون.[ سُر رِپ - گُوندر ۽ ڪڪر منجهہ ڪپار ]
- پانڌِي سو مِڙئومِ، ھادِيءَ ھَٿُ ڏِنومِ، سائِين، سو سَچومِ مِيُون سو مِٺومِ، جَنھِن کي گهَڻو سارِيان، اَکَڻِ آيا سُپِرِين، ڪوڙيِين…[ سُر آسا - وايون ]
- قَيدُ الماءِ ٿِئومِ، ھِتِ اَڙانگهي گهارِيان، ھُنَاڪَ جِسمِی والفؤاد لَدَيڪُم ، ھِنيُون ھُتِ سَندومِ، قادِرُ شالَ ڪَندومِ، ميڙائو سين مارُئين.[ سُر مارئي - ڪن فيڪون ۽ قيد ]
- سُونھَن وِڃايَمِ سُومَرا، ميرو مُنھُن ٿِئومِ، وَڃَڻُ تِتِ پِئومِ، جِتِ ھَلَڻُ ناھِ حُسُنَ ري.[ سُر مارئي - سونھن وڃايم سومرا ]
- ڪو ڏِينھُن ڪِينجُهرَ ڪَنڌِيين، تُون تَماچِي تَڳُ، اُوچو ٿِئومِ اَڳُ، مُون ڪَرُ مَلاحَنِ ۾.[ سُر ڪاموڏ - تڙ تماچِي آيو ]