ٿِئومِ جي سنڌي معنيٰ
مون سان ٿيو، وھيو واپريو
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Happened with me
ٿِئومِ جا بيتن ۾ حوالا
ڪَڏِھِين تان ڪو نَہ ٿِئومِ، آثارو عِشقَ جو،
مَحبُوبَنِ مِنَٿُون ڪَري، سِڪَڻُ سيکارِئومِ،
تِھان پوءِ ٿِئومِ پاڻِهين پَسَڻُ پِرِينءَ جو.
[ سُر بروو سنڌي، عاشق اکڙِيُون، 13 ]
مَحبُوبَنِ مِنَٿُون ڪَري، سِڪَڻُ سيکارِئومِ،
تِھان پوءِ ٿِئومِ پاڻِهين پَسَڻُ پِرِينءَ جو.
[ سُر بروو سنڌي، عاشق اکڙِيُون، 13 ]
لَڪِ لاکِيڻو ڪَرَھو، ڪوڙِيُون ڏيئِي ڳِڌومِ،
اڱَڻِ سُونھَن ٿِئومِ، مُلِهہ مَهانگو مَ چَئُہُ.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 57 ]
اڱَڻِ سُونھَن ٿِئومِ، مُلِهہ مَهانگو مَ چَئُہُ.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 57 ]
پُنهونءَ سين پِرتِ جو، ڪو جو پيچُ پِئومِ،
ڀَنِڀي ھِنَ ڀَنڀورَ ۾، وِھَڻُ وِھُ ٿِئومِ،
مِتِيُون موٽَڻَ سَندِيُون، ڪاڪِيُون ڪِيمَ ڏِئومِ،
سَرَتِيُون ساھُ سَندومِ، ٿِئو حَوالي ھوتَ جي.
[ سُر ديسي، ڏيرن ناھي ڏوھ، 26 ]
ڀَنِڀي ھِنَ ڀَنڀورَ ۾، وِھَڻُ وِھُ ٿِئومِ،
مِتِيُون موٽَڻَ سَندِيُون، ڪاڪِيُون ڪِيمَ ڏِئومِ،
سَرَتِيُون ساھُ سَندومِ، ٿِئو حَوالي ھوتَ جي.
[ سُر ديسي، ڏيرن ناھي ڏوھ، 26 ]
راڻي سَندو رُوحَ ۾، پَسُ جو پَڳَھُ پِئومِ،
ٻيڙِيءَ جِيئَن ٻَڌِي وِئو، سوڍو ساھُ سَندومِ،
وِھَڻُ وِھُ ٿِئومِ، جاڳِئو تي جَرُ ھارِيان.
[ سُر راڻو، ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ، 23 ]
ٻيڙِيءَ جِيئَن ٻَڌِي وِئو، سوڍو ساھُ سَندومِ،
وِھَڻُ وِھُ ٿِئومِ، جاڳِئو تي جَرُ ھارِيان.
[ سُر راڻو، ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ، 23 ]
سُھاڳُ پُڻ سَنبران، ڏُھاڳُ پُڻ ڏِٺومِ،
ھَي اَڀاڳي حالَ کي، ھَٿين ھارُ ڇُتومِ،
تِھان پوءِ ٿِئومِ، قَدُرُ ڪاڻِيارِنِ جو.
[ سُر ليلا، مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ، 18 ]
ھَي اَڀاڳي حالَ کي، ھَٿين ھارُ ڇُتومِ،
تِھان پوءِ ٿِئومِ، قَدُرُ ڪاڻِيارِنِ جو.
[ سُر ليلا، مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ، 18 ]
پانڌِي سو مِڙئومِ، ھادِيءَ ھَٿُ ڏِنومِ، سائِين،
سو سَچومِ مِيُون سو مِٺومِ، جَنھِن کي گهَڻو سارِيان،
اَکَڻِ آيا سُپِرِين، ڪوڙيِين ڪاڄُ ٿِئومِ،
قائِمُ جو قُلُوبَ ۾ پَسَڻُ سو پِئومِ،
جَنھِين گهورِي آھِيان، سو لائِقُ پِرِين لَڌومِ،
جَنھِين جِھَڙو ناھِ ڪو، ڏِسَڻُ سو ڏِٺومِ،
جَڏا جِياري ڪونَہ وِساري، صاحِبُ سو سَندومِ،
سَگها ۽ صِحتِئا، ڪَرِيمُ پِيرُ ڪَندومِ،
لَقا جو لَطِيفُ جو، شِفا سو ٿئومِ.
[ سُر آسا، وايون، 9 ]

قَيدُ الماءِ ٿِئومِ، ھِتِ اَڙانگهي گهارِيان،
ھُنَاڪَ جِسمِی والفؤاد لَدَيڪُم ، ھِنيُون ھُتِ سَندومِ،
قادِرُ شالَ ڪَندومِ، ميڙائو سين مارُئين.
[ سُر مارئي، ڪن فيڪون ۽ قيد، 10 ]
ھُنَاڪَ جِسمِی والفؤاد لَدَيڪُم ، ھِنيُون ھُتِ سَندومِ،
قادِرُ شالَ ڪَندومِ، ميڙائو سين مارُئين.
[ سُر مارئي، ڪن فيڪون ۽ قيد، 10 ]
سُونھَن وِڃايَمِ سُومَرا، ميرو مُنھُن ٿِئومِ،
وَڃَڻُ تِتِ پِئومِ، جِتِ ھَلَڻُ ناھِ حُسُنَ ري.
[ سُر مارئي، سونھن وڃايم سومرا، 2 ]
وَڃَڻُ تِتِ پِئومِ، جِتِ ھَلَڻُ ناھِ حُسُنَ ري.
[ سُر مارئي، سونھن وڃايم سومرا، 2 ]
ڪو ڏِينھُن ڪِينجُهرَ ڪَنڌِيين، تُون تَماچِي تَڳُ،
اُوچو ٿِئومِ اَڳُ، مُون ڪَرُ مَلاحَنِ ۾.
[ سُر ڪاموڏ، تڙ تماچِي آيو، 7 ]
اُوچو ٿِئومِ اَڳُ، مُون ڪَرُ مَلاحَنِ ۾.
[ سُر ڪاموڏ، تڙ تماچِي آيو، 7 ]
ڀَلِي ڪَرَ ٿِئومِ، ھِيءُ سَڱُ ٻاروچَنِ سين،
وَڃِي ڪيۡچ ڏِٺومِ، پُٺِيءَ لَڳِي جَنِ جي.
[ سُر حسيني، جِيئڻُ ۽ مَرڻُ، 26 ]
وَڃِي ڪيۡچ ڏِٺومِ، پُٺِيءَ لَڳِي جَنِ جي.
[ سُر حسيني، جِيئڻُ ۽ مَرڻُ، 26 ]
English Meaning
Happened with me