Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر رِپ جَي اندر، سٻر ۽ نھائين جو بيت
جِيئَن سو تَئِئَ تَرو، کامي کُوري وِچَ ۾،
مُون کي ڏِنو سَڄَڻين، مَنجهان سِڪَ سَرو،
وَرُ جِهيڻو ٻَرو، مَ ڦوڙائو سَڄَڻين.
رسالن ۾ موجودگي: 75 سيڪڙو
سمجهاڻي
جيئن باھ تي رکيل ٿانءُ جو ترو هروقت اڱرن جي سخت باھ واري مچ ۾ پيو سڙندو (کامي ڳاڙهو ٿيندو آهي) آهي، ساڳي ڪار مون سان محبوبن جي محبت واري پيالي ڪئي آهي ( جو آءٌ اندر ۾ هر وقت پيئي سڙان ۽ پچان). مون کي منھنجي سڄڻن وڏيءَ سِڪ سان محبت واري مَئي (شراب) ڏني آهي. اهو سنهو تپ (جسم کي ساڙيندڙ هلڪي باھ گهڻو وڻندڙ آهي)، شل پياري محبوب جو وڇوڙو ۽ فراق کڏ ۾ پوي! (اهو مون کان دور هجي)
[مثنوي روميءَ ۾ اهو خيال هن ريت بيان ٿيل آهي
جان من کوره ست با آتش خوش ست،
کوره را اين بس که خانہ آتش ست.
(دفتر دوم، ب-1376)
معنيٰ: منھنجو بدن باھ جي ٻرندڙ بٺي آهي ۽ باھ ان کي وڻي ٿي. بٺيءَ جي واسطي باھ جو ٻرڻ سھکو لڳي ٿو.]
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود رِپَ، بيت نمبر : 2407
جِيَ سُوْ تَيَّ تَرُوْ کَامٖيْ کُوْرٖيْ وِچَم﮼﮶
مُنْـکٖيْ ڎِنٌ سَڃَن﮼ مَنجَا سِڪَ سَرُوْ﮶
وَرُ ڄِيْرُوْ ٻَرُوْ مَڤُوْرَائُوْ سَڃَن﮼﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
जीअं सो तेअ तरो। खामे खूरे विच में।
मूं खे डि॒नो सज॒णें। मन्झां सिक सरो।
वरु झीणो ब॒रो। म फोड़ाऊ सज॒णें॥
ROMAN SINDHI
Jean so taee'a taro, khamee khoore wich'a me,
Moon khe Dino saJhannen, manJhan sik'a saro,
War'u Jheenno Baro, ma Phorrao saJhhnnen.
TRANSLATIONS
Just as when a frying pan is placed on fire, its bottom, is scalded due to contact with it. Similarly my Beloved has created the same situation for me by serving me a sip of His love, which keeps the fire of love always burning within me . Even then welcome indeed is the slow fever it caused, only that the Beloved should not separate from me.
As the bottom of flying pan burns in fire, so do I,
Beloved gave me a sip of love –wine,
Welcome is this burning, beloved may not be separated.
نظیرِ آن تہ تابہ کہ بر آتش تپیدہ شد
تنم اندر تپش ماندہ بہ عشق آن نگارِ من
مرا یک جرعہ از جامِ محبت دلربا دادہ
گوارا ارتیش لیکن نہ ہجرِ دولتدار من
محبت نے جلایا ہے مجھے یوں
تلا ہانڈی کا جیسے آگ پر ہو
مبارک ہے وہ دل جو رفتہ رفتہ
بقدر ظرف سرشارِ نظر ہو
جوں تو مے کا پیندا آگ میں، یوں جلتا ہے یہ تن،
پریت کی مے کا پیالا دے گیا، مجھ کو میرا سجن،
تاپ کی یار جلن، ہجرِ یار سے بہتر ہے۔
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) اَندَرَ اَندَرِيُون، جِيئَن سي وانجِهيءَ…
- (بيت) اُتَرَ ڏِنِي اوتَ، نَہ مُون…
- (بيت) اُتَرُ اوتُون ڏي، نَہ مُون…
- (بيت) جِيئَن سي کُوھِيءَ نارَ، وَھَنِ…
- (بيت) سَنئِين نَہ سيڻانِ، ناھِ اُبُتِي…
- (بيت) سَٻَرُ سِيءُ پِئو، نَہ مُون…
- (بيت) سَڄَڻَ سان نَہ ڀيٽَ، ڳُجُهہ…
- (بيت) نيڻَ نَہ نِنڊُون ڪَنِ، ڀَڳو…
- (بيت) نيڻَ نِھائِينءَ جان، سُتي لوڪَ…
- (بيت) نِينھُن نِھائين جِيئَن، ڍَڪِئو ڪوھُ…
- (بيت) نِينھُن نِھائِينءَ جان، ڍَڪِئو ڪوھُ…
- (بيت) نِھائِينءَ کان نِينھُن، سِکُ مُنھِنجا…
- (بيت) وَڻَ جِيئَن وِرِھَ وَڌَنِ، شاخُون…
- (بيت) ڪِي جو ڪُنڀارَنِ، مِٽِيءَ پائي…
- (بيت) گَبَرِيين ۽ گُونِيين، پِرِين پَٽائين…
- (بيت) ڳالِهيُون پيٽَ وَرَنِ ۾، وَڌِي…
