ھُوندَنِ جي سنڌي معنيٰ
ھجڻ وارا، جيڪي جيئرا آھن، زندہ. جيڪي موجود آھن.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Those who exist. Living mankind.
ھُوندَنِ جا بيتن ۾ حوالا
ڪَرِڙا ڏُونگَرَ ڪَھَ گهَڻِي، جِتِ جَبَلَ گهُونا گهُونِ ،
ليڙَنِ جُون لَطِيفُ چئَي، تَنگِ تَنوارُون پُونِ،
جَنِ ڏِٺو پيرُ پِرِينءَ جو، سي نَڪِي رُونِ نَہ چُوَنِ،
ھُوندَنِ مَٿي ھُونِ، لاڳاپا ھِنَ لوڪَ جا.
[ سُر ديسي، ڪرڙا ڏُونگر، 1 ]
ليڙَنِ جُون لَطِيفُ چئَي، تَنگِ تَنوارُون پُونِ،
جَنِ ڏِٺو پيرُ پِرِينءَ جو، سي نَڪِي رُونِ نَہ چُوَنِ،
ھُوندَنِ مَٿي ھُونِ، لاڳاپا ھِنَ لوڪَ جا.
[ سُر ديسي، ڪرڙا ڏُونگر، 1 ]
جَي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، تَہ ھُوندَنِ جِيئَن مَ ھو،
توکي ويسَ وِڃايو، ويسُ وِڃايو تو،
سامِي آھي سو، جَنھِن مَڙُه پُوري مارِيو.
[ سُر رامڪلي، جي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، 18 ]
توکي ويسَ وِڃايو، ويسُ وِڃايو تو،
سامِي آھي سو، جَنھِن مَڙُه پُوري مارِيو.
[ سُر رامڪلي، جي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، 18 ]
وِھَندَنِ کي ويڪَ ٿِئي، ھُوندَنِ ڪونِهي ھَنڌُ،
مَنْ لَهُ الَموليٰ فَلَهُ الڪُلُ ، اِيءُ پَرُوڙِجِ پَنڌُ،
[ سُر رامڪلي، سڳا سيلهيون ۽ نااميدي، 9 ]
مَنْ لَهُ الَموليٰ فَلَهُ الڪُلُ ، اِيءُ پَرُوڙِجِ پَنڌُ،
[ سُر رامڪلي، سڳا سيلهيون ۽ نااميدي، 9 ]
سامِي چائِيين سُکَ طَلَبِيين، ھُوندَنِ جِيئَن مَ ھو،
توکي ويسَ وِڃايو، ويسُ وِڃايو تو،
سامِي آھي سو، جَنھِن مَڙُه پُوري مارِئو.
[ سُر پورب، سامي سنياسي، 12 ]
توکي ويسَ وِڃايو، ويسُ وِڃايو تو،
سامِي آھي سو، جَنھِن مَڙُه پُوري مارِئو.
[ سُر پورب، سامي سنياسي، 12 ]
سامِي چائِيين سُکُ طَلَبِيين، ھو مَ ھُوندَنِ جِيئَن،
لاھُوتِي لَطِيفُ چئَي، ھُونِ نَہ آديسِي اِيئَن،
سي ڪاپَڙِي ڪِيئَن، جٖي تَعلَقَ رَکَنِ تَڪِيا.
[ سُر پورب، سامي سنياسي، 13 ]
لاھُوتِي لَطِيفُ چئَي، ھُونِ نَہ آديسِي اِيئَن،
سي ڪاپَڙِي ڪِيئَن، جٖي تَعلَقَ رَکَنِ تَڪِيا.
[ سُر پورب، سامي سنياسي، 13 ]
English Meaning
Those who exist. Living mankind.