ڪيچُ جي سنڌي معنيٰ
ڪيچ (اسم خاص) بلوچستان جي هڪ مشھور ضلعي ۽ شھر جو نالو، پُنهونءَ جو ڳوٺ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Kech. It is a located in the Balochistan province of Pakistan. Village of Punhoo (a charecter of Shah Abdul Latif Bhittai's poetry)
ڪيچُ جا بيتن ۾ حوالا
مُون مَريِندا لَڪَ يا والِي ڪيچُ نَہ اوڏِيءَ ڇَڪَ،
ھي جي ھُو جي،
اَنتُ نَہ ڏِجي عامَ کي، لوڪان ڪِجي لِڪَ،
پاڻَ ۾ پارِيُون ڪَري، نِينھَن وَھائِجي نِڪَ.
[ سُر سريراڳ، وايون، 8 ]
ھي جي ھُو جي،
اَنتُ نَہ ڏِجي عامَ کي، لوڪان ڪِجي لِڪَ،
پاڻَ ۾ پارِيُون ڪَري، نِينھَن وَھائِجي نِڪَ.
[ سُر سريراڳ، وايون، 8 ]
جَنِي جي جَھازَ کي، سَڳو سُلِطانِي،
سِڙَه اَڇا ۽ اولِيُون، اُنِ جي کُوھي نَہ خامِي،
بَندَرُ بَصِرو ڪيچُ قَلاتُ تَنِ عَرَبُ اِنعامِي،
ڏِسِ کيڙي ڏانِي، سُوڀا سُتَڙِ آيا.
[ سُر سريراڳ، جيون ۽ جھاز، 11 ]
سِڙَه اَڇا ۽ اولِيُون، اُنِ جي کُوھي نَہ خامِي،
بَندَرُ بَصِرو ڪيچُ قَلاتُ تَنِ عَرَبُ اِنعامِي،
ڏِسِ کيڙي ڏانِي، سُوڀا سُتَڙِ آيا.
[ سُر سريراڳ، جيون ۽ جھاز، 11 ]
ڪوڙيِين پُڇَنِ ڪيچُ، ھوتُ پُڇي ڪا ھِڪِڙِي،
جَنِ جو پُنهونءَ سين پيچُ، سي پاڻِهين ٿِيندِيُون پَڌِرِيُون.
[ سُر آبڙي، ڳول سندو پاڻ، 12 ]
جَنِ جو پُنهونءَ سين پيچُ، سي پاڻِهين ٿِيندِيُون پَڌِرِيُون.
[ سُر آبڙي، ڳول سندو پاڻ، 12 ]
ڪُوڙِيُون پُڇَنِ ڪيچُ، ھوتُ نَہ ڏورِينِ ھِتَھِين،
جَنِي پُنهونءَ سين پيچُ، تَنِ پيرين پَنڌُ وِسارِئو.
[ سُر آبڙي، ڳول سندو پاڻ، 13 ]
جَنِي پُنهونءَ سين پيچُ، تَنِ پيرين پَنڌُ وِسارِئو.
[ سُر آبڙي، ڳول سندو پاڻ، 13 ]
ڀِيڙي ڀِيڙي ٻَڌُ، سُورائِتِي سَندِرو،
ڪيچُ پَراھُون پَنڌُ، مَتان لَڪَنِ سين لَڳِي مَرين.
[ سُر آبڙي، جِيئڻ، ور ۽ ھيڪاندي، 3 ]
ڪيچُ پَراھُون پَنڌُ، مَتان لَڪَنِ سين لَڳِي مَرين.
[ سُر آبڙي، جِيئڻ، ور ۽ ھيڪاندي، 3 ]
پَسئِو رُونِ پُنهونءَ جا، اَکِيُون اوتارا،
مُون ڀانيو مُون وَٽِ، ھُوندا ڄَمارا،
ساٿِيَنِ سَوارا، ڪِئو ڪيچُ اَکِيُنِ ۾.
[ سُر آبڙي، جِيئڻ، ور ۽ ھيڪاندي، 10 ]
مُون ڀانيو مُون وَٽِ، ھُوندا ڄَمارا،
ساٿِيَنِ سَوارا، ڪِئو ڪيچُ اَکِيُنِ ۾.
[ سُر آبڙي، جِيئڻ، ور ۽ ھيڪاندي، 10 ]
نَڪو ڪيچُ ڀَنڀورُ، نَڪو مائِٽُ مُنڌَ جو،
ھُورُ مِڙيوئِي ھِنَ کي، ھوتَنِ ڪونِهي ھورُ،
زارِيءَ ڌاران زورُ، ھَلي ڪونَہ حَبِيبَ سين.
[ سُر ديسي، دانھُون ڪُوڪُون، 22 ]
ھُورُ مِڙيوئِي ھِنَ کي، ھوتَنِ ڪونِهي ھورُ،
زارِيءَ ڌاران زورُ، ھَلي ڪونَہ حَبِيبَ سين.
[ سُر ديسي، دانھُون ڪُوڪُون، 22 ]
اَڃا ڪيچُ اَڳي ٿِئو، پيرَ نَہ لَھي پارِي،
روئي ٿِي رِڃُنِ ۾، جَهلِئو وَڻَ ٽارِي،
نَڪو جانِبُ جوءِ ۾، نَہ ڪا دِلِدارِي،
ھِينئَڙو ھيرَڻ پَنَ جِيئَن، ڦُٽِي ٿِئو ڦارِي،
ھِيءَ وَھِ ويچارِي، تولاءِ توکي لِکِئو.
[ سُر ديسي، دانھُون ڪُوڪُون، 24 ]
روئي ٿِي رِڃُنِ ۾، جَهلِئو وَڻَ ٽارِي،
نَڪو جانِبُ جوءِ ۾، نَہ ڪا دِلِدارِي،
ھِينئَڙو ھيرَڻ پَنَ جِيئَن، ڦُٽِي ٿِئو ڦارِي،
ھِيءَ وَھِ ويچارِي، تولاءِ توکي لِکِئو.
[ سُر ديسي، دانھُون ڪُوڪُون، 24 ]
ڪاڏي مُنھُن مَڪرانَ جو، ڪيڏانھَن ڪيچُ ٿِئو،
ھِھَڙو ساٿُ ڀَنڀورَ تان، ڪَڏِھِين ڪونَہ پِئو،
ڪوھِيارو ڪامَ ھَڻِي، چوري چِتُ وِئو،
جَنِي جَتُ نِيو، تَنِ اُٺَنِ گهورِي آھِيان.
[ سُر ديسي، اوٺي اُٻھرا، 9 ]
ھِھَڙو ساٿُ ڀَنڀورَ تان، ڪَڏِھِين ڪونَہ پِئو،
ڪوھِيارو ڪامَ ھَڻِي، چوري چِتُ وِئو،
جَنِي جَتُ نِيو، تَنِ اُٺَنِ گهورِي آھِيان.
[ سُر ديسي، اوٺي اُٻھرا، 9 ]
ڏوٿِيَنِ چَيُسِ ڏورِ، ڪيچُ اَڳاھُو پَنڌُ ٿِئو،
پاڻان چَڙِھِي پُورِ، وِکَ وِڌائِين وِتَرِي.
[ سُر حسيني، ڏورِڻ ۽ ڏسڻ، 10 ]