ڪاپي جي سنڌي معنيٰ
سٽ ڪتڻ جي ڪم.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Weaving.
ڪاپي جا بيتن ۾ حوالا
نَڪِي ڪِتوئِي ڪالَهہ، اَڄُ پُڻ اُجَهڻَ کي مَرين،
مُونا اَٽِجِي اُکِڙِئا، اَرٽَ ڍَرَڪِي مالَهہ،
ھَئَي تُنھِنجي حالَ، جِيئَن ڪاپي مان ڪِينَ ڪِيوءِ.
[ سُر ڪاپائتي، چائت ۽ محبت، 7 ]
مُونا اَٽِجِي اُکِڙِئا، اَرٽَ ڍَرَڪِي مالَهہ،
ھَئَي تُنھِنجي حالَ، جِيئَن ڪاپي مان ڪِينَ ڪِيوءِ.
[ سُر ڪاپائتي، چائت ۽ محبت، 7 ]
ڪاپي مان ڪِينَ ٿِئو، جان ڀيرِئُمِ ڀَلِيءَ ڀَتِ ،
سُڌِ نَہ آيَمِ سُٽَ جي، پاڻان موڙِھِئَمِ مَتِ،
اَندَرِ وَھي اُبَتِ، سُپيرِيان جي ڳالِهڙِي.
[ سُر ڪاپائتي، چائت ۽ محبت، 28 ]
سُڌِ نَہ آيَمِ سُٽَ جي، پاڻان موڙِھِئَمِ مَتِ،
اَندَرِ وَھي اُبَتِ، سُپيرِيان جي ڳالِهڙِي.
[ سُر ڪاپائتي، چائت ۽ محبت، 28 ]
ٽَڪُ وِنگِي وَرَ گَهڻا، ڪَتان ڪُڄاڙو،
ڪاپي مَٿان ڪيتِرو، آڻِيان اُڌارو،
جَي وَرُ ڏي وارو، تَہ سُونھان سَرَتِيُنِ وِچَ ۾.
[ سُر ڪاپائتي، چائت ۽ محبت، 38 ]
ڪاپي مَٿان ڪيتِرو، آڻِيان اُڌارو،
جَي وَرُ ڏي وارو، تَہ سُونھان سَرَتِيُنِ وِچَ ۾.
[ سُر ڪاپائتي، چائت ۽ محبت، 38 ]
English Meaning
Weaving.
ڪاپي ٻول جا زمرا