پُنهون جي سنڌي معنيٰ
(اسم خاص) ڪيچ مڪران جي حاڪم جو پٽ، سنڌ جي مشھور عشقيه قصي ”سسئي، پنهون“ جو ڪردار. ڪفاية دوست. پيارو، محبوب.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Name of a charecter, Prince of Kech, Punhoon a loving name.
پُنهون جا بيتن ۾ حوالا
دَردَ فِراقَ مِيان پُنهون سائِين، عِشقَ فِراقَ،
پُنهون سائِين جيڏِيُون اَلو اَلو مارِي آھِيان،
اَدِيُون آرِيچَنِ جي، نِھوڙِيَسِ نِفاقَ،
ڏُونگَرُ ڏورِئو نَہ ٿِئي، مُون وِلِهِيءَ کان واڪَ.
[ سُر ديسي، وايون، 5 ]
پُنهون سائِين جيڏِيُون اَلو اَلو مارِي آھِيان،
اَدِيُون آرِيچَنِ جي، نِھوڙِيَسِ نِفاقَ،
ڏُونگَرُ ڏورِئو نَہ ٿِئي، مُون وِلِهِيءَ کان واڪَ.
[ سُر ديسي، وايون، 5 ]
مُنھِنجا پيرَ پُنهون، يارَ پُنهون، سِيرُون ٿِئَڙا ڇَپَرين،
آرِياڻِيءَ پُنهونءَ جو، ڏُونگَرَ ڏَسُ ڏِنو،
ٻانڀَڻِ کي ٻَروچَ ري، ٿِئَڙو شَھَرُ سُڃُو،
اُنِ لاءِ عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، مُون راتو ڏِينھِن رُنو.
[ سُر حسيني، وايون، 16 ]
آرِياڻِيءَ پُنهونءَ جو، ڏُونگَرَ ڏَسُ ڏِنو،
ٻانڀَڻِ کي ٻَروچَ ري، ٿِئَڙو شَھَرُ سُڃُو،
اُنِ لاءِ عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، مُون راتو ڏِينھِن رُنو.
[ سُر حسيني، وايون، 16 ]
مَحَبتَ جَنِ جي مَنَ ۾، تَنِ تِشنَگي تارِ،
پِي پِيالو اُڃَ جو، اُڃَ سين اُڃَ اُٿِيارِ،
پُنهون پاڻُ پِيارِ، تَہ اُڃَ سين اُڃَ اُجهائِيان.
[ سُر آبڙي، ويھُ مَ مُنڌ، 6 ]
پِي پِيالو اُڃَ جو، اُڃَ سين اُڃَ اُٿِيارِ،
پُنهون پاڻُ پِيارِ، تَہ اُڃَ سين اُڃَ اُجهائِيان.
[ سُر آبڙي، ويھُ مَ مُنڌ، 6 ]
ويھُ مَ مُنڌَ ڀَنڀورَ ۾، ڪَرِ ڪو واڪو وَسُ،
ليڙَنِ جو لَطِيفُ چئَي، ڏُونگَرِ اَٿَئِي ڏَسُ،
پُنهون ڄامَ پَسُ، سِرَ ڀَرِ ھَلِي سَسُئِي.
[ سُر آبڙي، ويھُ مَ مُنڌ، 18 ]
ليڙَنِ جو لَطِيفُ چئَي، ڏُونگَرِ اَٿَئِي ڏَسُ،
پُنهون ڄامَ پَسُ، سِرَ ڀَرِ ھَلِي سَسُئِي.
[ سُر آبڙي، ويھُ مَ مُنڌ، 18 ]
پُنهون ڇڏِئو پوءِ، جانِبُ جَبَلَ گهورِيين،
تيلاھِين تَنگُون ڪَرِيين، جيلاھِين تُون جوءِ،
ساڄَنُ سُڃَ نِھارِيين، ڏُکِي ڏوھُ ڪِئوءِ،
ھاڙِھي ھوتُ نَہ ھوءِ، وَرِي پُڇُ ويٺِنِ کي.
[ سُر آبڙي، ڳول سندو پاڻ، 1 ]
تيلاھِين تَنگُون ڪَرِيين، جيلاھِين تُون جوءِ،
ساڄَنُ سُڃَ نِھارِيين، ڏُکِي ڏوھُ ڪِئوءِ،
ھاڙِھي ھوتُ نَہ ھوءِ، وَرِي پُڇُ ويٺِنِ کي.
[ سُر آبڙي، ڳول سندو پاڻ، 1 ]
ڏُکِي ڏورِجِ ڏِيلَ ۾، پُنهون پاڻَ ڳَري،
وَڃِجِ ڪِيمَ پَري، حُبَ ۾ ڳولجِ ھوتَ کي.
[ سُر آبڙي، ڳول سندو پاڻ، 3 ]
وَڃِجِ ڪِيمَ پَري، حُبَ ۾ ڳولجِ ھوتَ کي.
[ سُر آبڙي، ڳول سندو پاڻ، 3 ]
ڀَڄِي جانۡ ڀَنڀورَ کان، ڏُونگَرُ ڏورِئو مُون،
ڪاھي رَسِيَسِ ڪيچَ کي، جِتي پاڻَ پُنهون،
سَڀَتِ آھِين تُون، قَضا ڪَندين ڪَنِ سين.
[ سُر آبڙي، سڀ ڪجهہ سندي اندر، 1 ]
ڪاھي رَسِيَسِ ڪيچَ کي، جِتي پاڻَ پُنهون،
سَڀَتِ آھِين تُون، قَضا ڪَندين ڪَنِ سين.
[ سُر آبڙي، سڀ ڪجهہ سندي اندر، 1 ]
پيھِي جانۡ پاڻَ ۾، ڪِيَمِ رُوحَ رِھاڻِ،
نَڪو ڏُونگَرَ ڏيھَ ۾، نَہ ڪا ڪيچِنِ ڪاڻِ،
پُنهون ٿِيَسِ پاڻِ، جانۡ سَسُئِي تان سُورَ ھُئا.
[ سُر آبڙي، سڀ ڪجهہ سندي اندر، 2 ]
نَڪو ڏُونگَرَ ڏيھَ ۾، نَہ ڪا ڪيچِنِ ڪاڻِ،
پُنهون ٿِيَسِ پاڻِ، جانۡ سَسُئِي تان سُورَ ھُئا.
[ سُر آبڙي، سڀ ڪجهہ سندي اندر، 2 ]
ڏِنا جِيئَڻَ لاءِ جيڏِيُون، ڏيرَنِ مُون کي ڏُکَ،
ڀَڳِيَسِ جان ڀَنڀورَ کان، سُورَ مِڙيئِي سُکَ،
لَٿِي مُون تان لُکَ، پُنهون ٿِيَسِ پاڻِهين.
[ سُر آبڙي، سڀ ڪجهہ سندي اندر، 3 ]
ڀَڳِيَسِ جان ڀَنڀورَ کان، سُورَ مِڙيئِي سُکَ،
لَٿِي مُون تان لُکَ، پُنهون ٿِيَسِ پاڻِهين.
[ سُر آبڙي، سڀ ڪجهہ سندي اندر، 3 ]
پُنهون ٿِيَسِ پاڻِهين، وِئو سَسُئِيءَ جو شَرَمُ،
ھيڪَلِيُون ھَلَنِ جي، ڀَڄي تَنِ ڀَرَمُ،
جو وِندُرَ مَنجِهہ وَرَمُ، سو سودو سَرِئُسِ ھِتَھِين.
[ سُر آبڙي، سڀ ڪجهہ سندي اندر، 4 ]