پاڪَ جي سنڌي معنيٰ
پوتر، صاف، سٿرو، اجريل
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Pure, holy, sacred, undefiled.
پاڪَ جا بيتن ۾ حوالا
وَڏو ڀاڳُ سَندونِ، جِيئَن مَڪو ڀيٽي موٽِيا،
وَڃِي سو ڏِٺونِ، روضو پاڪَ رَسُولَ جو.
[ سُر سامونڊي، سيءَ ۽ جهيڙا، 28 ]
وَڃِي سو ڏِٺونِ، روضو پاڪَ رَسُولَ جو.
[ سُر سامونڊي، سيءَ ۽ جهيڙا، 28 ]
ساھَڙَ ڌاران سُهڻِي، اَڌوتِي آھي،
ڪُنڍِيُونۡ جَو ڪاھي، پاسي تَنھِين پاڪَ ٿِئي.
[ سُر سھڻي، جيئري، ساھڙ ڌاران، 1 ]
ڪُنڍِيُونۡ جَو ڪاھي، پاسي تَنھِين پاڪَ ٿِئي.
[ سُر سھڻي، جيئري، ساھڙ ڌاران، 1 ]
ساھَڙَ ڌاران سُهڻِي، نِسورِي ناپاڪَ،
نَجاسَتَ ناھِ ڪَري، اُنِهين جِي اوطاقَ،
ھُوءِ جي کِيرَ پِياڪَ، پاسي تَنِي پاڪَ ٿِئي.
[ سُر سھڻي، جيئري، ساھڙ ڌاران، 2 ]
نَجاسَتَ ناھِ ڪَري، اُنِهين جِي اوطاقَ،
ھُوءِ جي کِيرَ پِياڪَ، پاسي تَنِي پاڪَ ٿِئي.
[ سُر سھڻي، جيئري، ساھڙ ڌاران، 2 ]
اَڄُ پُڻ اُتَرَ پارَ ڏي، ڪَڪَرَ ڪِئائِين،
روضو پاڪَ رَسُولَ جو، رِيجِهي رانيائِين،
آڻي ڏِنائِين، عالَمَ آبُ اَگُوندِرو.
[ سُر سارنگ، آگمجڻ، 7 ]
روضو پاڪَ رَسُولَ جو، رِيجِهي رانيائِين،
آڻي ڏِنائِين، عالَمَ آبُ اَگُوندِرو.
[ سُر سارنگ، آگمجڻ، 7 ]
ڪَربَلا جو قَضِيو جَڏھِن پَوي مَنجِهہ جِيءَ،
وَسَنِ ٿا وُجُودَ تي، سَندا سُورَنِ سِيءَ،
ڏُھٽَنِ ڏِٺا ڏُکَڙا، ناني ري نَبِيءَ،
فَرزَندَ بِيبِيءَ فاطمَتهَ، پاڪَ پِيارا پِيَ،
والِي وارِثَ وِيءَ، رِڻَ ۾ رُڪَ رَھائِيا.
[ سُر ڪيڏارو، ڏٺو محرم ماھ، 13 ]
وَسَنِ ٿا وُجُودَ تي، سَندا سُورَنِ سِيءَ،
ڏُھٽَنِ ڏِٺا ڏُکَڙا، ناني ري نَبِيءَ،
فَرزَندَ بِيبِيءَ فاطمَتهَ، پاڪَ پِيارا پِيَ،
والِي وارِثَ وِيءَ، رِڻَ ۾ رُڪَ رَھائِيا.
[ سُر ڪيڏارو، ڏٺو محرم ماھ، 13 ]
پاڪَ جَنِي جا پيرَ، کَٽان ھيٺِ نَہ ھيرُئان،
ٿَنڇَ تَرارِيُنِ تِڇِئا، ڇَڻِئو پُونِ ڇُڳيرَ،
ڌَڙَ تَنِي جا ڍيرَ، ڳِجَهڙِيُنِ ڳَرِ لايا.
[ سُر ڪيڏارو، وايون، 6 ]
ٿَنڇَ تَرارِيُنِ تِڇِئا، ڇَڻِئو پُونِ ڇُڳيرَ،
ڌَڙَ تَنِي جا ڍيرَ، ڳِجَهڙِيُنِ ڳَرِ لايا.
[ سُر ڪيڏارو، وايون، 6 ]
آڏَ تِراڇا آھُڙا، وِندُرِ وَراڪا واڪَ،
اُجهايَسِ اُٺَنِ جِي، ڦوڙائي فِراقَ،
پُنهون پَرَمَلَ پاڪَ، واحِدَ لَڳِ وريجِ تُون.
[ سُر ديسي، آڏ تراڇا جبل، 6 ]
اُجهايَسِ اُٺَنِ جِي، ڦوڙائي فِراقَ،
پُنهون پَرَمَلَ پاڪَ، واحِدَ لَڳِ وريجِ تُون.
[ سُر ديسي، آڏ تراڇا جبل، 6 ]
گَوسَرِ ٿِئي مَ گُسَ، شَلَ پَڻِي پوءِ نَہ پِرِينءَ تي،
جَنھِن سِرِ ساڄَنُ سُپِرِين، تَنھِن اُٺَ مَ لَڳي اُسَ،
پُنهون پاڪَ پُرسَ، ھوتَ نَہ ڪِجَنِ ھِھَڙِيُون.
[ سُر ديسي، اوٺي اُٻھرا، 16 ]
جَنھِن سِرِ ساڄَنُ سُپِرِين، تَنھِن اُٺَ مَ لَڳي اُسَ،
پُنهون پاڪَ پُرسَ، ھوتَ نَہ ڪِجَنِ ھِھَڙِيُون.
[ سُر ديسي، اوٺي اُٻھرا، 16 ]
گهِنڊَنِ پاسي گهِنڊَ، گُذارِينِ گودَڙِئا،
پَليتِيءَ کان پانھِنجا، پاڪَ رَکِئائُون پِنڊَ،
نانگَنِ ڪِي نَہ نِنڊَ، رُوَندا وَھِئا رامَ ڏي.
[ سُر رامڪلي، بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام، 10 ]
پَليتِيءَ کان پانھِنجا، پاڪَ رَکِئائُون پِنڊَ،
نانگَنِ ڪِي نَہ نِنڊَ، رُوَندا وَھِئا رامَ ڏي.
[ سُر رامڪلي، بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام، 10 ]
اُنَ اوڍَڻُ پَلُرُ پِيَڻُ، جَنِ جا پيرَ مَٿي پَٽَ پاڪَ،
وِھَڻُ وَراچَنِ ۾، اُنِ جِي اَجوکِي اوطاقَ،
سيئِي سارِئَمِ سُومَرا، ٿَرِ جَنِ جا ٿاڪَ،
پاڻَ نَہ پَسَنِ پاڻَ کي، ويچارا بي باڪَ،
عُمَرَ اُوءِ نَہ عاقَ، ڏُکِئا جِمَ ڏُکوئِيين.
[ سُر مارئي، سَوڙ سمهڻ، مينڍا ڌوئڻ، 20 ]