مينھِيُون جي سنڌي معنيٰ
چوپائي مال جو هڪ قسم، سانَهہ يا پاڏي جُون ماديون.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Buffaloes. A wild but mostly now domesticated animal.
مينھِيُون جا بيتن ۾ حوالا
اللهَ سَڀَ مَچَنِ، مينھِيُون ھِنَ ميھارَ جُون،
وَڇُون جٖي ڪِيرَنِ تي، سَدا ٿِيُون سُونھَنِ،
مُون کي ماڻِڪِنِ، تاڻي ھَنيو تارِ ۾.
[ سُر سھڻي، مينھون، چاھڪ، کرڪن، 24 ]
وَڇُون جٖي ڪِيرَنِ تي، سَدا ٿِيُون سُونھَنِ،
مُون کي ماڻِڪِنِ، تاڻي ھَنيو تارِ ۾.
[ سُر سھڻي، مينھون، چاھڪ، کرڪن، 24 ]
اللهَ سَڀَ جِيَنِ، مينھِيُون ھِنَ ميھارَ جُون،
ڪارِيُون، ڪُنڍِيُون، ڪَڪِيُون، وارا ڪِئو وِيَنِ،
جُوءِ جَا جادارَنِ جي، اُتِ ٻيلا ٻَھَ ٻَھَ ڪَنِ،
اَچِي ريلَ رَھَنِ، مُون سانڀارا سُپِرِين.
[ سُر سھڻي، مينھون، چاھڪ، کرڪن، 25 ]
ڪارِيُون، ڪُنڍِيُون، ڪَڪِيُون، وارا ڪِئو وِيَنِ،
جُوءِ جَا جادارَنِ جي، اُتِ ٻيلا ٻَھَ ٻَھَ ڪَنِ،
اَچِي ريلَ رَھَنِ، مُون سانڀارا سُپِرِين.
[ سُر سھڻي، مينھون، چاھڪ، کرڪن، 25 ]
مينھِيُون ھِنَ ميھارَ جُون، اللهَ ڪَرِ گهَڻِيون،
ٻِلَهہ ٽِلَهہ ڪامَ ٿِئي، سَڀَ چالُون چَئُہ ٿَڻِيُون،
ڪُونھُون ڄَڻي ڪامَ ڪا، سَڀَيئِي وَڇَڙِيُون،
ٻيلا ڪِجِ ٻَھُون، تَہ ڪانڌُ ڪُوڪاري ڪنڌئين.
[ سُر سھڻي، مينھون، چاھڪ، کرڪن، 26 ]
ٻِلَهہ ٽِلَهہ ڪامَ ٿِئي، سَڀَ چالُون چَئُہ ٿَڻِيُون،
ڪُونھُون ڄَڻي ڪامَ ڪا، سَڀَيئِي وَڇَڙِيُون،
ٻيلا ڪِجِ ٻَھُون، تَہ ڪانڌُ ڪُوڪاري ڪنڌئين.
[ سُر سھڻي، مينھون، چاھڪ، کرڪن، 26 ]
مينھِيُون ھِنَ ميھارَ جُون، اللهَ ڪِيمَ مَرَنِ،
ڪُڙِمِيُون، چالُون، ماڻڪِيُون، چَڱِيءَ جُوءِ چَرَنِ،
جي ھِنيَين نِتُ ھُرَنِ، ھُونِ سَلامَتَ سُپِرِين.
[ سُر سھڻي، مينھون، چاھڪ، کرڪن، 27 ]
ڪُڙِمِيُون، چالُون، ماڻڪِيُون، چَڱِيءَ جُوءِ چَرَنِ،
جي ھِنيَين نِتُ ھُرَنِ، ھُونِ سَلامَتَ سُپِرِين.
[ سُر سھڻي، مينھون، چاھڪ، کرڪن، 27 ]
چاھَڪَ چَرِي تارِ تَرِي، آيُون مَٿي آرَ،
ڪوڙيِين ڪَرَ کَڻندِيُون، سُڻِي سَڏَ ڌَراڙَ،
مينھِيُون ساڻُ ميھارَ، پَرَچِي پارِ لَنگهَندِيُون.
[ سُر سھڻي، مينھون، چاھڪ، کرڪن، 28 ]
ڪوڙيِين ڪَرَ کَڻندِيُون، سُڻِي سَڏَ ڌَراڙَ،
مينھِيُون ساڻُ ميھارَ، پَرَچِي پارِ لَنگهَندِيُون.
[ سُر سھڻي، مينھون، چاھڪ، کرڪن، 28 ]
چاھَڪَ چَرِي تارِ تَرِي، آيُون مَٿي ڪُنَ،
ڪوڙيِين ڪَرَ کَڻَندِيُون، ساھَڙَ جي سَمُنَ،
مينھِيُون ساڻُ اَمُنَ، پَرَچِي پارِ لَنگهَندِيُون.
[ سُر سھڻي، مينھون، چاھڪ، کرڪن، 29 ]
ڪوڙيِين ڪَرَ کَڻَندِيُون، ساھَڙَ جي سَمُنَ،
مينھِيُون ساڻُ اَمُنَ، پَرَچِي پارِ لَنگهَندِيُون.
[ سُر سھڻي، مينھون، چاھڪ، کرڪن، 29 ]
چاھَڪِ چِنائُون، مينھِيُون مَتارِيُون ٿِيُون،
ڪَڪورِيَلَ ڪُنَ جو، پاڻِي پيتائُون،
ڏُڌُ سو ڏِنائُون، جَنھِن مان عالَمُ آسودو ٿِيو.
[ سُر سھڻي، مينھون، چاھڪ، کرڪن، 33 ]
ڪَڪورِيَلَ ڪُنَ جو، پاڻِي پيتائُون،
ڏُڌُ سو ڏِنائُون، جَنھِن مان عالَمُ آسودو ٿِيو.
[ سُر سھڻي، مينھون، چاھڪ، کرڪن، 33 ]
ويٺِي ڪِينَ وِساري، ديوانِي دِلبَرَ جانِي،
جَنھِن کي سِڪَ ساھَڙَ جِي، سا گهايَلِ گهَرِ نَہ گهاري،
ڏَمُ ڏُھِلو ڏُکِئو، سِرَ ۾ سونٽا ماري،
ٻيلي پارِ ٻُرِنِ جي، تَنِ کرَڪَنِ وِڌِيَسِ کاري،
ٻيلي ٻِنِهِي ڪَنڌِيين، مُحِبُ مينھِيُون ٿو چاري،
ھُوءِ ھُونگارُون پُون پُڪارُون، تَڙِ تَڙِ دوسِتُ تنواري،
ھُوءَ جا پِڪَ پِريمَ جِي، آھِيان تَنھِن آساري.
[ سُر سھڻي، وايون، 14 ]

ماڻُهو مِرگهَہ مينھِيُون، سارَنگَ کي سارِينِ،
آرُون اَبُرَ آسِري، تاڙا تَنوارِينِ،
سِپُون جي سَمنڊَ ۾، نَيئن سِجِ نِھارِينِ،
پَلُرُ پِيارينِ، اُڃِيَنِ آبُ اَگوُندِروَ.
[ سُر سارنگ، بادل نيڻ ۽ مينھن، 9 ]
آرُون اَبُرَ آسِري، تاڙا تَنوارِينِ،
سِپُون جي سَمنڊَ ۾، نَيئن سِجِ نِھارِينِ،
پَلُرُ پِيارينِ، اُڃِيَنِ آبُ اَگوُندِروَ.
[ سُر سارنگ، بادل نيڻ ۽ مينھن، 9 ]
ڏَڙَھ رِيا ريجَ ٿِئا، ڪِي اوھِيرَنِ اوتَ،
ميھا چِڀِڙَ ڦُنگهِيُون، جِتِ ٿِيَنِ سَڀَيئِي ٿوڪَ،
ڇاڇَرِ ٿِي ڇَنُنِ ۾، جِتِ مينھِيُون چَرَنِ موڪَ،
سَرَھِيُون سَنگهارِيُون ٿِيُون، جٖي تُوسِيون پائِين طوقَ،
لاھي مَٿان لوڪَ، ڏولائي جا ڏِينھَڙا.
[ سُر سارنگ، بادل نيڻ ۽ مينھن، 20 ]