مالا جي سنڌي معنيٰ
تسبيح ، سُمرڻي، لڙي، لڙهي ، هارُ سَرَ، پُوتل ڌاڳو، ڌاڳو . حمائل جو گلو بند. گجرو. ڪَنڊي، ڪنڍلو. ڪتاب.
ذريعو:جامع سنڌي لغات
English Meaning
A Hindu rosary, a necklace, a garland.
مالا جا بيتن ۾ حوالا
جوڳِي سيئِي، جَنِ کي مَنَ ۾ مالا،
سامِي سيئِي، جَنِ کي مُنھَن ۾ مُنڊا،
پيٺا سي مَڙِهيءَ ۾، الاللهَ، سِيتِ گُروءِ جي سَنگا.
[ سُر رامڪلي، وايون، 4 ]
سامِي سيئِي، جَنِ کي مُنھَن ۾ مُنڊا،
پيٺا سي مَڙِهيءَ ۾، الاللهَ، سِيتِ گُروءِ جي سَنگا.
[ سُر رامڪلي، وايون، 4 ]
جَي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، تَہ سِنڱي سالَ وَڄاءِ،
مالا ڦيرِجِ مَنَ ۾، ڌَڙَ کي ڌُوڙِ مَ لاءِ،
ويراڳَڻِ وُجُودَ، کي، صَبُرُ جِي سَھاءِ،
تَہ سامِيَڙا سَندِياءِ، گُرَ وَٽِ گِلا نَہ ٿِئي.
[ سُر رامڪلي، جي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، 5 ]
مالا ڦيرِجِ مَنَ ۾، ڌَڙَ کي ڌُوڙِ مَ لاءِ،
ويراڳَڻِ وُجُودَ، کي، صَبُرُ جِي سَھاءِ،
تَہ سامِيَڙا سَندِياءِ، گُرَ وَٽِ گِلا نَہ ٿِئي.
[ سُر رامڪلي، جي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، 5 ]
جَي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، مَڙُه پُوري مَنجِهہ مارِ،
دائِما دُونھِين دِلِ ۾، مَنَ ۾ مالا وارِ،
سَھُ سَڀَڪا آرِ، آگي جِي اَدَبَ سين.
[ سُر رامڪلي، جي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، 8 ]
دائِما دُونھِين دِلِ ۾، مَنَ ۾ مالا وارِ،
سَھُ سَڀَڪا آرِ، آگي جِي اَدَبَ سين.
[ سُر رامڪلي، جي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، 8 ]
English Meaning
A Hindu rosary, a necklace, a garland.